مورو (رپورٽ: جاني مورائي ) جي ڊي اي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضيٰ خان جتوئي جي گهر واري نوين مرتضيٰ جتوئي صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جتوئي خاندان پيپلز پارٽي جي ڪرتا ڌرتائن اڳيان جهڪڻ لاءِ تيار ناهي، انڪري جتوئي خاندان کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، پيپلز پارٽي هاڻي سخت انتقامي ڪارروائين تي لهي آئي آهي ۽ جتوئي خاندان ۽ اسان جي همدردن تي ڪوڙا ڪيس پڻ داخل ڪرائي انتقامي ڪارروايون ڪري رهي آهي، پ پ پاران رئيس غلام مرتضيٰ خان جتوئي مٿان مختلف ٿاڻن تي داخل ڪوڙن ڪيسن کي هاءِ ڪورٽ رد ڪندي حڪم نامو جاري ڪيو آهي ته فوري طور تي غلام مرتضيٰ خان جتوئي کي آزاد ڪيو وڃي، عدالتي حڪم نامي باوجود به حيدرآباد نارا جيل انتظاميا غلام مرتضيٰ خان جتوئي کي آزاد ناهي ڪيو، جيڪا توهين عدالت جي ذمري ۾ اچي ٿي ۽ جيڪڏهن معزز عدالتن جي حڪمن کي نه مڃيو ويو ته سومر کان حيدرآباد نارا جيل اڳيان احتجاج ڪري تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪريان ٿي، هڪ سوال جي جواب م نوين جتوئي چيو ته جي ڊي اي سربراهه پير صاحب پاڳارو جتوئي خاندان سان رابطي ۾ آهي، جيڪڏهن اسان احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ته پير پاڳارو احتجاجي تحريڪ جو حصو بڻجندو.