ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ رمضان المبارڪ جي مهيني جو عدالتي شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب رمضان المبارڪ دوران ڪيسن جي ٻڌڻي صبح ساڍين 8 وڳي شروع ٿيندي، ٻڌڻيون هڪ وڳي تائين ٿينديون ۽ اڌ ڪلاڪ چيمبر جو ڪم به ٿيندو، جمعي تي ڪيسن جي ٻڌڻي صبح ساڍين 8 وڳي کان منجهند ساڍين 12 وڳي تائين ٿيندي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي پرنسپل بينچ، سکر، لاڙڪاڻو، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص بينچن ۾ ڇنڇر جو ڏينهن فيصلن جو ڏينهن هوندو، رجسٽرار سنڌ هاءِ ڪورٽ سهيل لغاري پاران نوٽيفڪشن جاري ڪيو ويو آهي، نوٽيفڪشن موجب، هاءِ ڪورٽون ۽ صوبي جون ماتحت عدالتون هن شيڊول مطابق ڪم ڪنديون.