ڪير پڪ ڏياريندو ته  سرسبز پاڪستان سبز باغ نه آھي ؟

تحرير: وسعت الله خان

جيڪڏهن  پاڪستان جي اڀياس جو باريڪي سان پاڪستان جو مطالعو ڪيو وڃي تھ شدت سان احساس ٿئي ٿو تھ هن ملڪ جا ماڻهو نه، پر حڪمران بدقسمت آھن. جنھن کي اهڙي قوم ملي آهن جيڪا  ترقي ڪرڻ جي بلڪل  به خواهشمند ناهي.هر حڪمران پاڪستان کي اوچائي تائين پھچائڻ جي لاءِ رات ڏينھن ھڪ ڪري ٿو ڇڏي،پرماڻھون آھن جيڪي ھر نوڙي کي نانگ سمجھي پوئتي ھٽي ٿا وڃن.ايوب خان، زرعي سڌارن ذريعي، وڏن زميندارن کان 40 لک ايڪڙ زمين ڇڏائي تھ جئين بي زمينن ۾ ورھائي،غربت ختم ڪئي وڃي ۽ تربيلا ۽ منگلا ڊيم ٺاهيا.ڀٽو صاحب انهن سڌارن کي ناڪافي  سمجهندي اڃان بھ سڌارا ڪيا. ان جي نتيجي ۾سائو (سبز)انقلاب تھ اچي ويو پر غربت گهٽ نه ٿي.

حاسدي ماڻهو چون ٿا ته جيڪا به ترقي ٿي، ان جو لاڀ عسڪرين،نوڪرشاھن ۽ ٻچاپرائپ ڪندڙ سياسي،ڪاروباري ۽ ڪارپوريٽ مافيا ۾ ورھائي ورڇائي ويو، پر حڪمران چون ٿا ته اسان پيداوار ٻيڻي ڪئي، تھ ماڻهن  ٻار  ٻيڻا ڪري، سڄي محنت  تي پاڻي ڦيري ڇڏيو.ھر سادو و خاڪي بادشاھ قومي ڏينهن جي موقعي تي جيڪو روايتي پيغام جاري ڪري ٿو،ان ۾  زور ان تي ھوندو آھي تھ سڀني کي پاڪستاني بڻجي سوچڻ گهرجي، پر اڻ پڙهيل عوام چوي ٿو ته جنهن ڏينهن قومي وسيلن کي 25 ھزار خاندانن  2 بدران 25 ڪروڙ ماڻهن  سان ضرب ڪيو ويندو ان ڏينھن هر ڪو پاڻمرادو پاڪستاني بڻجي سوچڻ لڳندو.حڪمران چون ٿا ته اسان جيڪا بھ ترقياتي رٿ ٺاهيون ٿا، ماڻهو ان جي سٺائين تي ڌيان ڏيڻ بدران ان جا ڪيڙا ڪڍڻ  شروع ڪري ڏيندا آهن. ڀلي اهو ڪالاباغ ڊيم هجي، موٽر وي هجي، گوادر پورٽ هجي يا سي پيڪ.پر ماڻهو چون ٿا ته ڪمري ۾ بند درزي  جي سبيل ترقي جي پوشاڪ مارموچڙا ھڻي پھرائڻ بدران گهٽ ۾ گهٽ،اھو ئي پڇي وٺو تھ اسان کي ڪهڙو ڪپڙو،ڪھڙو رنگ پسند آهي ۽ اسان جي تن بدن  جي سائيز ڪيتري آهي. اسين چريا کريا يا ننڍڙا ٻار تھ نه آهيون جن کي ترقيءَ جو مطلب  ئي ناھي معلوم.

اسان  پنهنجي غربت جي عالمي نمائش لڳائي، توھان کي اربين ڊالر جي قرض وٺڻ کان نه روڪي رهيا آهيون، پر اسان قرضين کي اھو تھ  ٻڌائي ڇڏيندا وڃو تھ ڪهڙين مدن ۾ ۽ ڪهڙين شرطن تي اسان جو ڇا ڇا  گروي رکي ڪري قرض ورتو ويو آھي.حڪمران چئي ٿو تھ مون تي اعتبار ڪريو. مان آخر ڇو  توهان  بابت خراب سوچيندس.ماڻهو چون تھ توکي جڏھن اسان جي ووٽ تي ئي اعتبار نھ آھي  ته پوءِ اسان  ڇو انڌو اعتماد  ڪريون.ووٽ تھ پري رھيو توکي پاڻ تي، پنهنجي عدليه تي ۽  پارليامينٽ تي به ڀروسو ناهي، تھ پوءِ اسان جي يقين يا بي يقيني جو ايترو فڪر ڇو آهي؟

ڪڏهن ڪڏهن تھ اھڙيون ترقياتي رٿون بھ نڙيءَ مان ڳڙڪارائڻ جي ڪوشش ٿيندي آهي،جنھن جي باري ۾ خود رٿون رٿيندڙن کي بھ پورو علم نھ ھوندو آھي ته ان سان انهن کي يا ماڻهن کي ڪيترو فائدو رسندو  يا  ان سان بدزني جي وڻ ۾ ڪيترا وڌيڪ زهريلا  ڦل لڳندا.اسان   کي تھ سرڪار ئي ٻڌائي ٿي ته پاڪستان  جو شمار انهن 10 ملڪن ۾ آهي جيڪي شديد پاڻي جي اڻاٺ  جو شڪار آهن. اسان کي ماحولياتي ماهرن کان ئي خبر پوي ٿي ته اسان جا گليشيئر ايتري تيزي سان ڳري رهيا آهن جو ايندڙ اڌ صدي ۾ درياءَ ۽ ريگستان جو فرق  مٽجي  ويندو.اھو بھ اسان کي پاڻي ورڇ ڪندڙ ايجنسي ارسا ئي ٻڌائي ٿي ته موسمياتي تبديلين جي ڪري پنجاب کي ضرورت کان 14 سيڪڙو گهٽ پاڻي ملي رهيو آهي ۽ سنڌ کي 20 سيڪڙو گهٽ پاڻي ملي رهيو آهي.

اسان کي  اھو بھ ڪو سرڪاري عملدار ئي ٻڌائي ٿو تھ ڊائون اسٽريم ۾پاڻي جي مسلسل کوٽ سبب انڊس ڊيلٽا  کي سمنڊ ڳڙڪائي رهيو آهي، پر انهن مان ڪو به نٿو ٻڌائي ته ڪهڙي سال ٻوڏ ايندي۽ ڪهڙي سال ايترو گهٽ مينهن پوندو ۽ زمين جي چھري تي گھنج  پئجي ويندا.ٻئي طرف  هندستان آهي، جيڪو 1960 ۾ ٽي اوڀريان درياھ وٺڻ قبضو باوجود، مسلسل ضد تي آھي تھ  سنڌو طاس  معاهدي جو نئين سر جائزو وقت جي اھم ضرورت آهي.انهيءَ پس منطر ۾ جڏهن  اھا خبر اچي ٿي تھ  گڏيل مفادن جي آئيني ڪائونسل جو اجلاس پڻ 11 مهينن کان نه ٿيو آهي، پر وفاق ۽ پنجاب چولستان ۾70 لک  ايڪڙ زمين کي باغ و بھار بڻائڻ جو منصوبو  شروع ڪري ڏنو آهي، ته هيٺين صوبن ۾ هڪ نئين بي چيني  پکڙجڻ شروع ٿئي ٿي.

سنڌ کي تھ اھو ئي سمجهه ۾ نھ  پيو اچي ته هتي حڪمران پارٽي جو سربراهه، ملڪ جي صدر جي حيثيت سان گرين پاڪستان منصوبي  سان گڏ آهي، پر سندس پارٽي پارليامينٽ جي اندر ٻاهر ان منصوبي بابت مسلسل تحفظات  بھ ظاھر ڪري رهي آهي.گرين پاڪستان ٺاهڻ وارن جو چوڻ آهي ته چولستان کي سيراب ڪرڻ ڪنھن  به صوبي جي مقرر ڪيل پاڻي جي ڪوٽا کي گهٽ ڪري نھ ڪيو ويندو، بلڪه ان لاءِ اضافي پاڻي يا ته هندستان کي ڏنل ستلج درياءَ جي مون سون جي ٻوڏ مان حاصل ڪيو ويندو، يا وري پنجاب پنهنجي ڪوٽا مان پاڻي عطيو ڪندو.سوال اهو آهي ته، جڏهن اهو طيھ نھ آھي تھ ٻوڏ هر سال نه ايندي ۽ ٻوڏي  پنهنجي مرضي جي مالڪ آهن، ته پوءِ اهڙي وڏي رٿا جو  بنياد  هڪ مفروضي تي  ڪئين رکي سگهجي ٿو؟جن نار جي سيڙپڪارن کي،  211 ارب رپين جي هن منصوبي ۾ شامل ٿيڻ جي ترغيب ڏني پئي وڃي،ڇا انھن کي اھو  ٻڌايو ويو آهي، ڀائو!  جي ڪنهن  سال ستلج ۾ ٻوڏ نه آئي ته پوءِ توهان ڄاڻو ۽ توهان جي ڪارپوريٽ فارمنگ ڄاڻي،اسان جي ڀروسي تي متان رھو .۽ جيڪڏهن پنجاب جي ئي پاڻي  ڪوٽا مان چولستان جي آبياري ٿيڻي آھي تھ پوءِ انھن پنجابي هارين کي ڇا ٻڌائيندا ، جن جي حصي ۾ اڳ ۾ ئي گهٽ پاڻي اچي رهيو آهي.اهو به چيو پيو وڃي ته چولستان ۾ ڊرپ اريگيشن ۽ ٻين جديد طريقن سان فصلن جي پاڻي جي استعمال ۾ 80 سيڪڙو بچت ٿيندي. ھارين کي ان سلسلي ۾ تربيت کان علاوه رعائتي اگھن تي ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي دوائون فراهم ڪيون وينديون.۽ اهو به چيو پيو وڃي ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي لاءِ  هزارين ايڪڙ زمين ملڪي ۽ پرڏيهي ڪمپنين کي الاٽ ٿيندي، مطلب اها زمين ۽ آبپاشي ۽ غير آبپاشي سهولتن جي مسواڙ ڏئي ڪري پنھنجا فصل پوکيندا۽ کڻي ويندا. جيئن سوڊان ۽ ايٿوپيا ۾ ٿي رهيو آهي.پر 100 ھڪ سئو ،ٻھ سئو ايڪڙ وارا ننڍا هاري جن کي ٻج، ڀاڻ، دوائون ۽  فصلن کي وڪڻڻ لاءِ هر قدم تي آڙتي جي ضرورت پوندي آهي. ڪڏهن انهن کي پوري رقم  ايندڙ فصل لاءِ  نه ملندي آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن جڏهن فصل گهڻو هوندو آهي، ته انهن کي زمين  خالي ڪرڻ لاءِ فصل اڌوگابري اگھھ ۾ وڪڻڻو پوندو يا ضايع ڪرڻو پوندو آهي. اھو ڪيئن اھي سهولتون خريد ڪندو.

پاڻي هزارين ايڪڙ تي ٻڌل ڪارپوريٽ فارمز کي پهرين  ملندو، يا ننڍن هارين کي بھ برابر ملندو؟ رڍون،ٻڪريون ۽ اٺ چاريندڙ پاليندڙ چولستانين جي تاريخي ملڪيت  تسليم ٿيندي، يا وري اوڪاڙا  اوڪاڙه فارمن جي ڪهاڻي ورجائي ويندي؟چولستان آباد ڪرڻ جو خواب نئون ناهي. ان باري ۾ماضي ۾ ڪيتريون ئي فزيبلٽي رپورٽون تيار ٿيون ، پر هر ڀيري اھو ئي سوال رڪاوٽ بڻجي وڃي ٿو تھ باراني علائقي کي نهري ۾ تبديل ڪرڻ کان سواءِ هي خواب ڪيئن پورو ٿيندو ۽ ان لاءِ اضافي پاڻي ڪٿان ڪٿان کان کنيو ويندو؟ اسان وٽ زمين اندر پاڻي جا  تمام وڏا ذخيرا ٻڌايا وڃن ٿا، پر حالت اها آهي ته جتي چاليهه سال اڳ پاڻي هڪ سئو فوٽ جي کوٽائي تي پاڻي نڪرندو هو، هاڻي اتي  نو سئو، هڪ هزار، ٻارهن سئو فوٽ تائين بور ڪرڻو پوندو آهي.اھو سڀ سلجھي سگھي ٿو جيڪڏھن سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گڏ ويھاري معنيٰ ڀريو بحث ڪيو وڃي، جيڪيبھ اخلاقي جرئت ڪندا، انهن کي به پاڪستاني سمجهيو وڃي. ٻڌون ٿا ته قديم زماني ۾ ڪرامت جا ڌڻي زمين تي لٺ ھڻي پاڻي ڪڍي وٺندا هئا. هاڻي اهو معجزاتي زمانو ناھي رهيو. اڄ ڏنڊي گھمائڻ سان بس وفاقي يونٽن جي اکين مان ئي پاڻي نڪري ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.