مادري ٻولين کي قومي ٻولين جودرجو ڏيڻ جو سوال

گڏيل قومن پاران هر سال 21 فيبروري جي تاريخ تي مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي. ان روايت تحت اڄ به سڄي دنيا اندر مادري ٻولين جو ڏينهن ملهائجي رهيو آهي ۽ ڇو نه ملهائجي. مادري ٻولي يعني اوهان جي ماءُ جي  ٻولي جنهن اوهان کي مٺي لولي ڏئي اوهان کي سڪون جي ننڊ عطا پئي ڪئي تنهن جو ڪو بدبخت ئي هوندو جيڪو قدر نه ڪندو هوندو. اها به حقيقت آهي ته سڄي دنيا اندر مادري ٻولين کي عزت ۽ احترام سان ڏٺو ويندو آهي، انهن کي جتي ڪٿي سرڪاري ٻولين جو درجو ڏنل هوندو آهي. سرڪاري طور هر ملڪ جا حڪمران پنهنجي مادري ٻولي ۾ ڳالهائيندا آهن ۽ انٽرپريٽر هوندو آهي جيڪو ٻي مادري ٻولي ڳالهائيندڙ حڪمران کي عالمي طور ڳالهائيندڙ ٻولي انگريزي ۾ ترجمو ڪري  به ٻڌائيندا آهن، اهو سڄي دنيا جو دستور آهي جيڪڏهن ائين ناهي ته اهو پاڪستان ۾ ناهي جتي وفاقيت جي آڙ ۾ صوبائي ۽ قومي ٻولين کي بي دردي سان نظرانداز ڪيو ويو آهي جنهن جو اصولي طور تي ڪو جواز ناهي.

اسان جو ته هميشه کان اهو خيال رهيو آهي ته جيئن ٻين شين جا حق ٿيندا آهن ٻولين کي پنهنجا بنيادي، تاريخي ۽ آئيني حق ٿيندا آهن. ٻولين کي پنهنجا حق ڏبا ته اهي  نه رڳو زنده رهنديون پر ترقي به ڪنديون ۽ پوءِ هميشه زنده به رهنديون، ڪڏهن به نه مرنديون پر هتي الٽو قومن ۽ انهن جي ٻولين کان خوف کاڌو ويندو آهي باوجود ن جي ته 1940ع واري اصل ٺهراءُ  ۾  قومي خود مختياري  جي ڳالهه ڪئي وئي آهي پر جنهن 1940ع واري ٺهراءُ تحت هي  ملڪ وجود ۾ آندو ويو سو ان ٺهراءُ کان به خوف کائيندي  ان کي تاريخ جي ڪٻاڙ خاني ۾ ڦٽو ڪري ڇڏي ته ان تي  ماتم ئي ڪري سگهجي ٿو.

جڏهن  اسان 1940ع واري ٺهراءُ جو ۽ قومي خود مختياري جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته 1940ع وارو ٺهراءُ هن خطي جي قومن ۽ قومي ٻولين کي تسليم ڪري پيو ۽ هن ملڪ کي گهڻ قومي ۽ گهڻ ٻولي ملڪ قرار ڏنو ويو پوءِ ڇا ٿيو جو ملڪ جي قومن ۽ مادري ٻولين کان خوف کاڌو ويو ۽ پوءِ  ائين ڇو ڪيو ويو جو 1940ع واري اصل ٺهراءُ  مان ”قومي“ خودمختياري وارو لفظ خارج ڪري ”صوبائي“ خود مختياري لکيو ويو اها ٻي ڳالهه آهي ته هاڻي صوبائي خودمختياري کان به خوف کاڌو پيو وڃي. پر اڳتي هلي ته 1940ع واري قرار داد کي به پٺي ڏئي ڪري نه رڳو ان ٺهراءُ کي هميشه هميشه لاءِ ماضي جو قصو بڻايو ويو پر اها به خوفناڪ ڪوشش ڪئي اڃان به چئجي ته ون يونٽ مڙهڻ جو تلخ ترين ۽ ناڪام تجربو به ڪيو ويو جنهن جو مقصد صوبن ۽ قومن جي وجود کي ختم ڪري صرف وفاقي نظام مڙهڻ هو جيڪو کين ڦٻجي نه سگهيو جو ون يونٽ مخالف شاندار ۽ يادگار تحريڪ هلي هئي جنهن سبب ون يونٽ جو نظام ختم ڪرڻو پيو. بظاهر ته هاڻي ون يونٽ ختم ٿي چُڪو آهي پر اصل اقتداري طاقتن اڻ سڌي طرح هن ملڪ کي ون يونٽ طور ئي پئي هلايو آهي ۽ ننڍن صوبن جي تاريخي، ثقافتي ۽ سياسي حقن کي لتاڙي صرف هڪ وڏي صوبي جي مفادن کي پئي ڏٺو ۽  سنڀاليو جنهن ڪري سواءِ ان هڪ وڏي صوبي جي باقي سڀني ننڍن صوبن ۾  بي چيني آهي.

هن ملڪي سيٽ اپ ۾ جيئن ننڍن صوبن، قومن کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي تئين ئي مادري ٻولين ڏانهن به ظالماڻو رويو رکيو ويو آهي باوجود ان جي ته وفاق جي عملدارن جون به پنهنجيون قومون ۽ پنهنجيون مادري ٻوليون آهن جن سان جيڪر کين فطري ۽ جذباتي طور پيار هجي پر حيرت آهي ته پنهنجين قومن ۽ مادري ٻولين کي ڪيئن نظر انداز ڪبو يا وساربو. اسان کي انگريزي ۽ اردو جي رابطا ٻولين هئڻ واري مقصد تي ڪو اعتراض ناهي اسان به رابطن وارين ٻولين کي قدر جي نظر سان ڏسون ٿا پر سوال اهو آهي ته جيڪي ڌريون پنهنجين قومن ۽ مادري ٻولين جو قدر نه ٿيون ڪن تن کي ڇا چئجي يا ڇا سمجهي.؟

 

گڏيل قومن قومن هي جيڪو ساليانو مادري ٻولين جو ڏينهن ملهائڻ شروع ڪيو  آهي سو به اصل ۾ بنگالين طرفان بنگالي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ واري جهدوجهد کان متاثر ٿي ملهائڻ جو فيصلو ڪيو هو. تڏهن بنگال هڪ صوبي جي حيثيت ۾ پاڪستان سان گڏ هو پر جڏهن بنگالين کي ٻولي وارو ۽ ٻيا حق نه مليا ته انهن عليحدگي اختيار ڪئي.بهرحال بنگالين جي ڌار ٿيڻ کانپوءِ  به ٻين ننڍن صوبن سان بنگالين وارو ورتاءُ ڪيو ويو، سنڌ مان چونڊيل ڪيترن ئي ايم اين ايز قومي اسيمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۾  مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ جا بل پيش ڪيا ويا پر افسوس جي ڳالهه چئجي جو مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جي ڳالهه ڪرڻ کي به وفاق دشمني سمجهي ڪري انهن بلن کي اڳتي نٿو وڌايو وڃي. يعني مادري ٻولين کي نه عزت ۽ احترام ڏنو وڃي ٿو نه ئي انهن جي واڌ ويجهه ۽ ترقي لاءِ  سوچيو وڃي ٿو. ائين ٿو سمجهيو وڃي ته قومي خود مختياري سان شايد وفاقي اهميت ختم ٿي ويندي جڏهن ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن ڀارت ۾ قومي رياستون قائم آهن ته ڇا اتي ملڪ کي خطرو آهي؟ ڀارت ۾ ته 1967ع ۾ ئي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو  درجو ملي چڪو هو پوءِ ڪهڙو آسمان ڪري پيو يا زمين ڦاٽي پئي آهي.

سو اسان مادري ٻولين ۽ قومن کان ڊڄڻ يا پٺي ڏيڻ ۽ انهن کي وفاق لاءِ خطرو سمجهڻ واري سوچ کي وفاق ۽ ملڪ دشمني سمجهون ٿا. ان سان ملڪ ۽  وفاق ڪمزور ٿيو آهي جڏهن ته وفاق جي مضبوطي لاءِ اصل 1940ع واري قرارداد تي عمل ڪرڻ ۽ ان روح تحت ملڪ کي هلائڻ جي ضرورت آهي. تنهن ڪري مادري ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏئي انهن جي واڌ ويجهه ۽ ترقي لاءِ نئين سري سان ويچاريو وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.