مادري ٻولين جي دنيا اندر وڌندڙ اهميت ۽ ضرورت

تحرير: ايف اي گهانگهرو

 آڪسفورڊ يونيورسٽي جي هڪ تحقيق موجب سڄي دنيا ۾ اٽڪل 7000 ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون ۽ گڏيل قومن جي ماتحت اداري يونيسڪو موجب 1950ع کان وٺي 230 مادري ٻوليون . . . ٿي چڪيون آهن، جن کي برٽش ڪائونسل طرفان جاري ڪيو ويو آهي.انگن اکرن موجب سڄي دنيا ۾ اٽڪل 350 ملين ماڻهو انگريزيءَ کي پنهنجي مادري ٻولي سمجهن ٿا. جڏهن ته باقي انگريزي ثانوي ٻولي ڳالهائين ٿا، ٻولين تي تحقيق ڪندڙآمريڪي اداري لئنگئيج ريسرچ انسٽيٽيوٽ موجب 112 ملڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ انگريزي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي ان کان پوءِ 60 ملڪن ۾ فرانسيسي، 57 ۾ عربي، 44 ملڪن ۾ اسپيني ۽ 44 ملڪن ۾ جرمن ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي.صرف 23 ملڪن ۾ اردو ڳالهائي وڃي ٿي، 20 ملڪن ۾هندي ٻولي ڳالهائي ويندي آهي. پاڪستاني ٻولين جي ماهرن موجب پاڪستان ۾ 74 ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون جيڪي مادري ٻولين کي خطرن جي حوالي سان دنيا ۾ 28 هين نمبر تي آهن جڏهن ته ڀارت ۾ 196 ٻولين کي سڀ کان وڌيڪ خطرو قرار ڏنو ويو آهي. آمريڪا جون 191، برازيل جون 190، انڊونيشيا جون 147 ۽ چين جي 144 ٻولين کي خطرو ٻڌايو ويو آهي،اهو به ٻڌايو ويو آهي ته گلوبلائيزيشن ۽ ڊجيٽلائيزيشن جي دور ۾ دنيا جون 25 سئو کان وڌيڪ مادري ٻوليون ختم ٿيڻ جي خطري ۾ آهن

هر هڪ ٻولي هڪ ملڪيت هوندي آهي جنهن کي بين الثقافتي گفتگو طور يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، بيشڪ انسان جي مختلف سڃاڻپ آهي. نالو،خاندان، قبيلو، علائقو، قوميت ۽ مذهب سڃاڻپ آهن ۽ هر هڪ سڃاڻپ پنهنجي حيثيت رکي ٿي پر انهن مان پنهنجي ڳالهائي ويندڙ ٻولي وڌيڪ طاقتور ليکي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته هو ٻين ماڻهن سان ٻولي ذريعي رابطو ڪري ٿو. خاص ڪري پنهنجي خاندان جي ڳالهائي ويندڙ ٻولي ۽ پهرين ٻولي جيڪا هن ڄمڻ کان پوءِ سکي اها هن لاءِ وڏي اهميت رکي ٿي،اها ئي ٻولي سندس مادري ٻولي سڏجي ٿي. هن ٻوليءَ ۾ ئي هو پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري سگهن ٿا ۽ ان تي ئي هو عبور رکندا آهن. توڙي جو هو ٻي ٻولي ڳالهائيندو يا لکندو هجي پر هو پنهنجي مادري زبان ۾ سوچيندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ماهرن جو مشورو آهي ته انسان جي ابتدائي تعليم سندس مادري زبان ۾ ڏني وڃي.لسانيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته هرڪنهن جي مادري زبان جي گهٽجڻ جو سبب ڳالهائيندڙ پاڻ آهن جن پنهنجي مادري زبان ۾ ڳالهائڻ کي گهٽائي ڇڏيو آهي ان ڪري ٻيون ڳالهايون ويندڙ ٻوليون انهن جي مادري ٻولي ۾ ضم ٿي وڃن ٿيون.

ڪنهن به ٻولي سکڻ جو عمل هڪ ڊگهو عمل آهي،ان جا قاعدا،ظابطا ۽ لفظ مختلف هوندا آهن پر الله تعاليٰ جو اهو شان آهي ته ٻار کي ٻوليءَ جي انهن سڀني پهلوئن جي ماءُ جي هٿان سکيا حاصل ٿئي ٿي ته جيئن هو سڄي عمر ان ٻوليءَ جو ماهر بڻجي وڃي جيڪا هن کي ورثي ۾ ملي ٿي. دراصل ماءُ جي  هنج ٻار جو پهريون اسڪول آهي ۽ ان اسڪول ذريعي ٻار اهوسکي ٿو جيڪو ماءُ پنهنجي ٻار کي سيکاري ٿي. ماءُ جي جهولي ۽ ٻين مصروفيتن مهل هوءَ پنهنجو ارتقائي سفر ٻارن جي زندگيءَ ۾ چڱيءَ طرح سان ڪندي رهندي آهي،انسان جي فطرت مادري زبان ذريعي ئي مهڪندي آهي.

ٻوليءَ جي مسئلي تي اسان جي ملڪ جو هڪ حصو جدا ٿي ويو پر اڃان تائين ڪنهن جي ڪن تي جونءَ نه چري آهي هينئر به هڪ ٻوليءَ کان سواءِ باقي ٻولين کي قومي ٻوليون تسليم نه ڪيو ويو آهي. ناانصافي جي ڳالهه اها آهي ته اڪيلي قومي ٻولي به توجهه گهٽجڻ جو شڪار آهي ۽ ان کي صحيح معنيٰ ۾ قومي ٻولي جو درجو نه ملي سگهيو آهي.ٻوليءَ جو تحفظ دراصل تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جو تحفظ چئبو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته جڏهن ماءُ پيءُ پنهنجي اولاد کي مادري ٻولي نه سيکارين ته ٻوليءَ جي زوال جو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو.

اسان وٽ چونڊيل عوامي نمائندن جي حالت اها آهي ته ڪجهه سال اڳ جڏهن قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پاڪستان جي علائقائي ٻولين کي سرڪاري طور قومي ٻوليون قرار ڏيڻ واري قرارداد تي بحث شروع ڪيو ويو ته وزيراعظم جي هڪ خاص صلاحڪار گڏجاڻيءَ جو بائيڪاٽ ڪيو. هي صرف هڪ واقعو ناهي پر اهڙا ڪيترائي ٺهراءَ ۽ بحث قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي رڪارڊ جو حصو رهياآهن پر ٻولي جي حوالي سان نتيجو سامهون آهي.حاضر وقت جي حڪومت کي گهرجي ته مادري ٻولين جي اديبن، شاعرن ۽ محققن جي سرپرستي ڪري.سندس ڪم کي سرڪاري سطح تي شايع ڪيو وڃي ۽ ان سان گڏ دنيا جي ٻين ٻولين جا ڪتاب قومي ۽ علائقائي ٻولين ۾ ترجمو ڪيا وڃن،پرائمري ڪلاسن ۾ مادري زبان کي تعليم جو ذريعو بڻايو وڃي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن مادري ٻولين جي ضرورت ۽ اهميت کي تسليم ڪيو آهي ته هر ٻار کي پنهنجي مادري زبان ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو حق حاصل آهي،بنيادي حقن ۽ رياست جي فرضن جو حصو آهي پر پاڪستان ۾ اڄ به علائقائي ٻولين جي اهميت ۽ حيثيت تي بحث جاري آهي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ سنڌي، خيبرپختونخواهه ۾ پشتو ۽ بلوچستان ۾ بلوچي کي پرائمري درجي ۾ پڙهايو وڃي ٿو پر پنجاب ۾ علائقائي ٻولين کي ترقي ڏني وڃي ٿي ۽ سرڪاري سطح تي اشاعت جي ضرورت ڪڏهن به محسوس نه ڪئي وئي.ٻولين جي تعليم سان ٻار نئين شين کي تمام جلدي سمجھندا آهن ۽ ان سان ٻارجي تعليم ۽ صحت تي سٺو اثر پوي ٿو جيڪو ٻوليءَ کي ترقي ڏئي ٿو. ان ڪري ضروري آهي ته پرائمري کان وٺي سمورن صوبن ۾ مقامي ٻولين کي لازمي قرار ڏنو وڃي ۽ هڪ مضمون طور سيکاريو وڃي جنهن سان ئي مادري زبان کي بچائي سگهجي ٿو ۽ نه صرف اهو پر ٻولين جي بنياد تي اخلافن ۽ نفرتن کي به قابو ڪري سگهجي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.