اڄ سڄي دنيا ۾ مادري ٻولين جو ڏينهن ملھايو پيو وڃي. اسان مان ھرڪو ڄاڻي ٿو تـ اسان جي پھريان ٻاتا ٻول بـ امڙ جي لولي ۽ ڪوڏاڻن مان ئي اسان جي ذھنن جي ڪينواس تي اڀرندا آھن ۽ ساري زندگي اھا ٻولي اسان جي سڃاڻپ بنجي ويندي آھي. مادري ٻولي رڳو هڪ ٻولي نـ آهي، پر اها ڪنهن سماج جي ثقافت، تاريخ ۽ سڃاڻپ جي اهم علامت پڻ ھوندي آهي. ڪو بـ سماج مادري ٻولين جي سماجي، ثقافتي توڙي فردي زندگي ۾ اھميت کان انڪار ڪري ئي نٿو سگھي.
مادري ٻوليءَ جي اھميت کي ڪيترن ئي پھلوئن کان سمجهڻو پوندو، جن ۾ تعليم، ثقافت، سماجي هم آهنگي، اقتصادي ترقي، ۽ ذاتي سڃاڻپ شامل آهن. اسان جي مادري ٻولي سنڌي پڻ سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جو هڪ اهم اھڃاڻ آهي، جيڪا صدين جي تاريخ رکي ٿي. هي ٻولي نه رڳو سنڌ جي ماڻهن جي ڳالهائڻ يا رابطي جو ذريعو آهي، پر ادب، شاعري، موسيقي ۽ فن جي صورت ۾ پڻ هن خطي جي سڃاڻپ جو ذريعو آهي.
سنڌي ٻوليءَ جو نـ صرف سنڌ ۽ ھند ۾ بلڪـ عالمي ادب ۾ حصو به ڪافي اهم آهي، جيڪو هن ٻوليءَ جي وسعت ۽ گهرائي کي ظاهر ڪري ٿو. سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ جو سفر ڪيترين ئي صدين تي محيط آھي. سنڌ جي قديم تهذيبي تاڃي پيٽي کي ڏسبو تـ موهن جي دڙي ۽ اھڙن ٻين آثارن مان هن خطي جي ادبي ۽ ثقافتي اڳواڻي جو ثبوت ملي ٿو. سنڌي ادب جي شروعات ويدڪ دور کان ٿيندي نظر اچي ٿي، جتي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي مذهبي ۽ فلسفياڻا ڪتاب سرجيا ويا. بعد ۾ مختلف دورن ۾ سنڌي ادب ۾ نوان رنگ ۽ روپ شامل ٿيندا ويا، جيئن سنڌ جي سرموڙ شاعرن شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، سامي، خليفي نبي بخش ۽ ٻين جي شاعري سنڌي ادب کي نئون مقام ڏنو. لطيف سائينجي شاعري نه رڳو سنڌ ۾، پر پوري دنيا ۾ پڻ مشهور آهي. "شاهه جو رسالو” ۾ انسان دوستي، محبت، عالمي امن ۽ روحانيت جي موضوع تي نئون فڪر ۽ نوان گھاڙيٽا متعارف ٿيل آھن. شاهه جي شاعري کي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو پن ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري هن جو اثر عالمي سطح تي پکڙيو آهي. هن جي ڪلام ۾ موجود فلسفو ۽ روحاني گهرائي دنيا ڀر ۾ ادبي حلقن ۾ سٺي طرح سڃاتي وڃي ٿي. 20 هين صدي ۾ سنڌي ادب ۾ جديد ادبي تحريڪن جا اثر نمايان ٿيڻ لڳا، جنهن ۾ نئين نسل جي لکڻين ۽ شاعرن سنڌي ادب کي هڪ نئون روپ ڏنو. هن دور ۾ سنڌي ناول، ڪهاڻيون، ۽ شاعري ۾ سماجي، سياسي، ۽ معاشي موضوعن تي ڪم ٿيو. هن جديد ادب کي به عالمي سطح تي سڃاتو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ جو ان ۾ موجود سماجي مسئلن ۽ انساني جذبن جو اظهار دنيا جي ٻين ادبن سان ميل کائيندڙ آهي.
سنڌي ادب جي عالمي سطح تي پذيرائي ۾ ترجمن جو وڏو ڪردار آهي. سنڌي ڪتابن، شاعري ۽ ناولن کي انگريزي، فرينچ، جرمن، ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري دنيا جي ٻين خطن ۾ رهندڙ ماڻهن کي به سنڌي ادب جي خوبصورتي کي سمجهڻ جو موقعو مليو آهي. ترجمن جي هن ڪوشش سان سنڌي ادب جو اثر پوري دنيا ۾ پکڙيو آهي. ٻئي پاسي سنڌي ادب ۾ عورت ليکڪائن جي ڪردار کي به نظرانداز نٿو ڪري سگھجي. سنڌي شاعرائن ۽ ليکڪائن عورتن جي سماجي ۽ معاشي حالتن، انهن جي جدوجهد ۽ انهن جي جذبن کي پنهنجين لکڻين ۾ اجاگر ڪيو آهي. ان ادبي ڪم کي به عالمي سطح تي سٺي پذيرائي حاصل ٿي، ڇاڪاڻ جو عورتن جي حقن ۽ انهن جي جدوجهد جو موضوع هڪ عالمي مسئلو پن آهي.
سنڌي ٻولي جو لوڪ ادب به سنڌي ثقافت جو هڪ اهم حصو آهي. لوڪ ڪهاڻين ۽ لوڪ گيتن ۾ سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ روايتن جو عڪس ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سنڌي ٻولي، توڙي جو سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جو هڪ اهم حصو آهي، جيڪا صدين کن وقت کان وٺي سنڌ جي ماڻهن جي زندگيءَ ۽ سکيا ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آئي آهي. پر هاڻي سنڌي ٻولي کي ڪيترائي خطرا درپيش آهن، جيڪي ان جي وجود کي نقصان پھچائڻ ڏانهن کڻي وڃي رهيا آهن. توڙي جو هيءَ مسئلو صرف سنڌ تائين محدود ناهي، بلڪه پوري دنيا ۾ مختلف ٻولين جي بقا لاءِ بـ هڪ وڏو چيلنج بڻجي چڪو آهي. سنڌي ٻولي کي درپيش خطرن ۾ تعليمي نظام ۾ سنڌي ٻولي کي گهٽ اهميت ڏيڻ، نوجوانن ۾ سنڌي ٻولي ڏانهن دلچسپيءَ ۾ گهٽتائي، ٻين ٻولين جي اثر هيٺ اچڻ، مارڪيٽ تي ٻين ٻولين جا اثر ۽ ٽيڪنالاجي جي دور ۾ انگريزي ٻوليءَ جو غلبو شامل آهن.اگر سڀني درپيش مسئلن کي ڏسجي تـ سنڌ ۾ تعليمي نظام ۾ سنڌي ٻولي کي گهٽ اهميت ڏيڻ جو مسئلو هڪ وڏو خطرو آهي. اسڪولن ۽ ڪاليجن جي گهڻائي ۾ انگريزي ۽ اردو ٻولين کي ترجيح ڏني وڃي ٿي، جنهن
ڪري سنڌي ٻولي پڙهائي ۽ لکائي ۾ پويان پئجي وڃي ٿي. تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي کي لازمي مضمون طور شامل ڪرڻ جي بدران، ان کي ثانوي حيثيت ڏني وڃي ٿي. نتيجي ۾ نوجوان نسل سنڌي ٻولي کي سکڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ دلچسپي گھٽجھندي وڃي پئي. جڏھن تـ هاڻوڪي دور ۾ نوجوان نسل سنڌي ٻولي جي بجاءِ انگريزي ۽ اردو ٻولين کي ترجيح ڏين ٿا، ڇو ته انهن ٻولين کي سماج ۾ وڌيڪ معياري ۽ ترقيءَ جو ذريعو سمجهيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ اردو ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو حاصل آهي، جنهن
ڪري اردو ٻوليءَ جو سنڌي ٻولي تي اثر وڌيڪ آهي. ٽيڪنالاجي جي دور ۾ انگريزي ٻوليءَ جو غلبو به سنڌي ٻولي لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي. انٽرنيٽ، سوشل ميڊيا، ۽ ٻين ڊجيٽل ذريعن ۾ انگريزي ٻوليءَ جو عام استعمال رائج آهي.
ٻئي پاسي سنڌي ٻوليءَ جي تحفظ لاءِ حڪومتي ڪوششون به گهٽ آهن. ضروري آھي تـ ٻوليءَ کي تحفظ ڏيڻ لاءِ سرڪاري ۽ غير سرڪاري سطح تي ڪوششون ٿيڻ گهرجن. سنڌي ٻوليءَ کي تعليمي نظام ۾ لازمي مضمون طور شامل ڪرڻ، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتابن ۽ رسالن جو اجراءَ، ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ٽيڪنالاجيءَ سان ڳنڍڻ جي ضرورت آهي. سنڌي ٻولي سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جو هڪ اهم حصو آهي. ان جي تحفظ لاءِ انتھائي سچائي سان ڪوششون ڪرڻ وقت جي ضرورت آھي. جيڪڏهن اسان هاڻي سنڌي ٻوليءَ جي تحفظ لاءِ ڪوششون نه ڪيون ته ايندڙ نسلن تائين سنڌي ٻوليءَ جو وجود ختم ٿي سگهي ٿو.