اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان سان سندس گهر واري جي ملاقات نه ڪرائڻ تي اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر عدالتي حڪم تي عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي سان ملاقات نه ڪرائڻ تي توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، فيصل چوڌري چيو ته جيل سپرنٽينڊنٽ جي بيان ڏيڻ باوجود بشريٰ بي بي جي پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڇو نه پئي ڪرائي وڃي، عدالت اسٽيٽ ڪونسل کان پڇيو ته ڇو عدالتي حڪم تي عمل نه ٿي سگهيو، آرڊر تي عمل يقيني بنايو وڃي. جنهن کان پوءِ هاءِ ڪورٽ 27 فيبروري تي اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊٽ کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
-
بنگلاديش يونيورسٽي ۾ شاگردن جي ٻن گروپن ۾ جهيڙو، 150 ڄڻا زخمي
ڍاڪا ( م ڊ )بنگلاديش جي هڪ يونيورسٽي جي ڪيمپس ۾ جهڙپ دوران 150 کان وڌيڪ شاگرد زخمي ٿي پيا، اهو تازو
واقعو آهي جيڪو گذريل سال ”انقلاب“ کي هوا ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ گروهن جي وچ ۾ سخت اختلافن جي نشاني آهي،پرڏيهي ميڊيا موجب اهي جهيڙا ان وقت شروع ٿيا جڏهن بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) جي يوٿ ونگ ڏکڻ اولهه شهر خولنا يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ شاگردن جي رڪنيت سازي جي ڪوشش ڪئي.
-
سون جي قيمت ۾ رڪارڊ واڌ،في تولو 3 لک 8 هزار جو ٿي ويو
ڪراچي ( رپورٽر)سون جو اگهه عالمي ۽ قومي سطح تي رڪارڊ سطح تي پهچي ويو آهي، ڪاروباري ڏينهن ۾ ملڪ ۾ سون جي في تولو قيمت ۾ 16 هزار رپيا واڌ ٿي وئي آهي، آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڄ ملڪ ۾ سون جو في تولو اگهه 3 هزار 800 رپين جي اضافي سان 3 لک 8 هزار رپيا آهي، ملڪ ۾ سون جي 10 گرام جو اگهه 3 هزار 258 رپين جي واڌ سان 2 لک 64 هزار 60 رپيا ٿي ويو آهي، ٻئي طرف عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 34 ڊالر وڌي 2 هزار 944 ڊالر في اونس ٿي ويو.