ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جو اوپنر فخر زمان انجري سبب چيمپيئنز ٽرافي مان ٻاهر ٿي ويو آهي.
ذريعن موجب، فخر زمان دبئي رواني ٿيندڙ قومي ٽيم جو حصو نه آهي، جڏهن ته سندس متبادل رانديگر لاءِ مشاورت جاري آهي.
واضح رهي ته اربع ڏينهن چيمپيئنز ٽرافيءَ جي پهرين ميچ دوران فيلڊنگ ڪندي فخر زمان انجري جو شڪار ٿيو، جنهن سبب هاڻي هو باقي ميچن ۾ حصو نه وٺي سگهندو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) سرڪاري طور تي تصديق ڪندي چيو آهي ته فخر زمان جي انجري سنجيده نوعيت جي آهي، جنهن سبب هو ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي ويو آهي.
ٻئي پاسي، ذريعن جو چوڻ آهي ته فخر زمان جي متبادل طور سليڪٽر امام الحق جي نالي تي غور ڪري رهيا آهن، جنهن جو جلد باضابطه اعلان ٿيڻ جو امڪان آهي.
ياد رهي ته نيوزيلينڊ هٿان پهرين ميچ هارائڻ کانپوءِ پاڪستاني ٽيم 23 فيبروري تي ڀارت خلاف اهم مقابلي لاءِ اڄ ڪراچيءَ کان دبئي لاءِ رواني ٿي ويئي آهي .