سال 2025 ته قاتل سال بڻجي نروار ٿيو آهي. هن سال جي پهرين وڏي فوتگي نامياري تعليم دان ۽ صحافي بيدار جعفري جي ٿي پر فيبروري جي هن هلندڙ مهيني ته حد ڪري ڇڏي آهي. هن مهيني جي 14 تاريخ تي اين جي اوز جي عالمي شخصيت پرويز پيرزادي جو جوڀن واري عمر ۾ دل ڏاريندڙ لاڏاڻو ٿيو ۽ ان ساڳي ڏينهن نامياري اديب، شاعر ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال به بيماري وگهي وفات ڪري ويو. انهن جو سنڌ سطح تي اڃان سوڳ جاري هو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي سندس پاليل پٽ هٿان قتل جي ناقابل يقين ۽ ڇرڪائيندڙ خبر ته ماتم برپا ڪيو. فوتگين جو اهو سلسلو ڪو اڃان جاري رهڻو هو، 18 فيبروري تي وري چوٿين مارچ جي هيرو ۽ سينيئر سياستدان نواب يوسف ٽالپر به گذاري ويو. سو فيبروري جو هي مهينو سنڌ لاءِ انتهائي سوڳوار بڻجي ويو آهي.
مٿي ڄاڻايل سڀني شخصيتن جي وڇوڙي تي سوشل ميڊيا، واٽس ايپ گروپن، اخبارن ۽ ٽي وي چينلن تي ڏک جو مختلف شڪيلن ڪمينٽس، تاثرن، مضمونن، ڪالمن ۽ ايڊيٽوريلز ۾ اظهار پڻ ٿيندو رهيو آهي ۽ سڀني جو خيال آهي ته انهن شخصيتن جو سنڌ لاءِ مختلف شعبن ۾ تمام وڏو ڪم ٿيل هو جن کي هميشه ياد ڪيو ويندو ۽ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سندن نقش قدم تي هلي سندن علمي، جاکوڙي، ادبي، صحافتي، سياسي مشن کي جاري رکجي.
نواب يوسف ٽالپر هن مهيني جي گذريل ڪجهه ڏينهن وارين صدمن جي تازي ترين خبر آهي. کيس سندس زندگيءَ ۾ ئي 4 مارچ 1967ع واري شاگرد تحريڪ تحريڪ جي هيري طور عزت ۽ احترام سان ڏٺو ويندو هو. پاڻ ضيائي مارشل لا ۾ ايم آر ڊي تحريڪ جو به اسير رهيو. يوسف ٽالپر جي بعد واري سڃاڻپ اقتداري سياست واري رهي. هو عمرڪوٽ واري اڪيلي قومي اسيملبيءَ جي سيٽن تان پ پ جي ٽڪيٽ تي ڪيئي ڀيرا ايم اين اي چونڊجندو رهيو. سندس سياسي پروفائيل موجب پاڻ پ پ جي حڪومت ۾ زراعت جو وفاقي وزير به رهيو. ارسا ايڪٽ ۽ اين ايف سي جي معاملن تي کيس عبور حاصل هو. يوسف ٽالپر جي سنڌ دوستي، سخاوت، انسان دوستي جي ڪري ۽ تمام سٺي پارلياماني ڄاڻ هئڻ ڪري کيس سنڌ جي ڪلاسيڪل پارليامينٽرين طور به ڄاتو سڃاتو ويندو هو. ناري پٽ جي نوابن ۾ شمار ٿيندڙ يوسف ٽالپر جو سياسي جانشين سندد پٽ نواب تيمور ٽالپر آهن جيڪو پڻ پ پ جي ٽڪيٽ تي ايم پي اي ۽ صوبائي وزير رهيو آهي.
يوسف ٽالپر جهڙيون سنڌ دوست شخصيتون جڏهن اقتداري سياست ڪنديون آهن ۽ حڪومتن ۾ وينديون آهن ته انهن مان اميد هوندي آهي ته اهي سنڌ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪنديون. جيئن سسئي پليجو صاحبه ۽ بعد ۾ نواب يوسف ٽالپر پڻ قومي اسيمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ هڪ بل پيش ڪيو هو. ائين تاريخ ۾ ڪيترين ئي سنڌ دوست شخصيتن اقتداري ايوانن ۾ وڃڻ جو تجربو ڪيو آهي. اڄ ڪلهه پ پ جي ٽڪيٽ تي مهتاب اڪبر راشدي به ايم اين اي طور قومي اسيمبليءَ جي ميمبر طور پنهنجا فرائض انجام ڏئي رهي آهي.
اهو تجربو يوسف ٽالپر لاءِ ڪيئن رهيو تنهن بابت اهڙي شخصيتن کان تفصيلي انٽرويو وٺڻ ۽ کين ريڪارڊ ڪرڻ جي ضرورت آهي. يوسف ٽالپر به سنڌ جي سياست جو هڪ اهڙو اهم ڪردار هو هن اقتداري سياست ۾ سنڌ لاءِ ڇا ڪيو، ڇا ڪري سگهي پيو، جيڪي ڪن به ڪارڻن ڪري نه ڪري سگهيو سا معلومات کانئس جيڪر وٺجي ها ڇاڪاڻ ته عام طور اهو تاثر هوندو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي مخصوص مائينڊ سيٽ سبب سنڌ لاءِ ڪو خاص ڪم نه ٿو ڪري سگهجي بس اقتداري لوازمات هوندا آهن جيڪي پلئه پوندا آهن. ڇا واقعي به ائين آهي يا جيڪڏهن سنڌ دوست شخصيتون حڪومتي سيٽ اپ ۾ وڃن ته ڇا اهي سنڌ دشمن پاليسين کي روڪرائي سگهن ٿيون. اهو سڀ جيڪڏهن 82 سالن جي پارليامينٽرين کان پڇجي ها ته يقينن سٺي رهنمائي ملي سگهي پئي خاص ڪري نئين سياسي نسل لاءِ ٿوري چٽائي ٿي پئي ها ته اقتداري ايوانن ۽ حڪومتي جماعتن ۾ شامل ٿيڻ جا فائدا ٿي سگهن ٿا يا نه.
ٻيو ته يوسف ٽالپر جهڙين سياسي شخصيتن جي جيڪا پنهنجي تاريخ ٿئي ٿي تنهن کي به ريڪارڊ ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي پر عام طور تي ائين ٿيندو آهي ته اهڙيون شخصيتون وڏا سياسي ۽ تاريخي راز پاڻ سان گڏ قبر ۾ دفن ڪري ڇڏين ٿيون جنهن جو مجموعي طور تي نقصان تاريخ جو ٿئي ٿو جو تاريخ جا ڪيترائي پاسا قلمبند ٿيڻ کان رهجي وڃن ٿا. ان المئي تي عام طور اسان گهٽ سوچيندا آهيون.
انهيءَ ۾ ته ڪو شڪ ئي ناهي ته موت اڻٽر آهي. هر ماڻهوءَ کي موت اچڻو آهي، سندس زندگي عارضي هوندي آهي، ان جو وڇوڙو ناقابل برداشت ۽ برابر افسوس جوڳو هوندو آهي پر رڳو افسوس مان به ڪجهه نه ورندو آهي. اسان کي هڪ ته ماڻهن جون زندگيون ملهائڻ گهرجن، ٻيو کين ريڪارڊ ڪرڻ گهرجي ۽ ٽيون ته سندن ڪم جي تسلسل جو ماحول ٺاهڻ تي سوچڻ گهرجي. اسان اهي سڀ ڪم ناهيون ڪندا بس ماڻهن جي گذاري وڃڻ تي افسوس ۽ ماتم ئي ڪندا رهندا آهيون جيڪو ڪافي ناهي. انهن صدمن کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي ۽ وڏين شخصيتن جي ورثي کي سنڀالڻ جي ضرورت هوندي آهي. ٻيو ته ماڻهن کان وڌ کان وڌ ڪم وٺڻ يعني سندن صلاحيتن مان ڀرپور فائدو وٺڻ تي سوچڻ گهرجي ان احساس وچان ته انسان جي عمر محدود آهي ۽ عارضي آهي. سو اچو ته باقي جيڪي جيئرا ماڻهو آهن تن جو قدر ڪريون، کين ريڪارڊ ڪريون ۽ سندن ڪم کي جاري رکڻ جو ماحول ٺاهيون