طالبانن کي ملندڙ سرپرستي جو سوال

تحرير: رياض ابڙو 

آمريڪا 1991 ۾ مجاهدين جي لاءِ 250 ڊالرن جي امداد موڪلي پر وري ٻئي سال جونيئر بش انتظاميا طالبان مجاهدين کي هڪ ٽڪو به نه ڏنو. اها به حقيقت هئي (يا آهي) ته مجاهدين (طالبان) رڳو ڊالرن جي ورڇ ۾ ايمان افروز ڪم پئي ڪيا، جنهن جهاد جي نالي هنن (طالبان) روس کي ڀڄائي ڪڍيو، ۽ آمريڪا (سي آءِ اي) جا خواب سچا ڪري ڇڏين، ڇو ته آمريڪا جي سپرپاوري جو اهڃاڻ ۽ داٻو رڳو دنيا هڪ جي طاقت جو هجڻ ضروري هيو، جنهن ۾ ائين به هيو ته ٻه شينهن ٻيلي ۾ نه ٿا رهي سگهن. اها ڳالهه به عالم آشڪار هئي ته گلف (عربن) جي ملڪن مان طالبان (مجاهدين) جي گروهن جي لاءِ هر سال 400 ملين ڊالر ايندا رهيا، ڇو ته اهي ساڳا ئي مجاهدين سعودي ۽ عراق جي جنگ ۾ ڪويت مٿان حملن ۾ به ڪتب آندا ويا. ڇو ته روس وري ايران جي امداد جي لاِ ورَ کنئيا ۽ عراقي، سعودي، پاڪستاني طالبان ۽ مجاهدين وري جنت ۽ جنگ کٽڻ جي لاءِ آمريڪا جي اشاري تي عراق جي پاسي پئي پاڻ اتحادين سان ملي ڪويت تي حملا ڪري ڏنا. حلانڪي افغانستان مان روس کي ڀڄائي ڪڍڻ ۾ پاڪستاني طالبان ۽ مجاهدين جو وڏو هٿ هيو، جن ضياءَ جي دور ۾ پئي تربيت ورتي. اها ڳالهه ڪنهن کان لڪل ناهي ته آمريڪا جنرل ايوب جي سرڪار ۾ (1954 کان 1967) تائين مسلسل پئي سي آءِ اي جي اشاري تي مجاهدن جون تربيتون ۽ ڳجهون ڪيمپون پئي هلايون ۽ ساڳا ئي عراق ۾ به ڪم آيا. ٻئي پاسي افغانستان مان ڀڄڻ جي ڪري آمريڪا تي ڇتي تنقيد به ٿي هئي ته اهي ميدان ڇڏي نه ڀڄن هان. پر جڏهن روس جي ٽٽڻ جو ڪم ٿي ويو ته آمريڪا جو افغانستان ۾ رهڻ محال هيو، جو امدادون بند ڪرڻيون هين، سي آءِ اي ٽپڙ ويڙهي وئي، ۽ لوڪل ايجنسيون جهڪيون ٿي ويون، ان ڪري ته انهن جي نئون حدف ايرن هيو، جو انهن ڏينهن رات ڪري عراق جي مدد ڪئي. وري ٻئي پاسي عراق 2 آگسٽ 1990 تي ڪويت تي حملو ڪري ڏنو، پر بعد ۾ هنن سي آءِ اي وارن نيٽو فورسز جي زور تي عراق کي کنڊر بڻائي ڇڏيو.

”اڊ گرارڊٽ“ (جيڪو آمريڪي صحافي ۽ ايڪسپرٽ به آهي) جنهن جو چوڻ هيو ته افعانستان ڪو گرم ٻٽالو هيو، جيڪو آمريڪا پنهنجن هٿن مان ڪيرائي ڇڏيو، ڇو ته انهن جي نڪرڻ کانپوءِ افعان، طالبان، مجاهدين، سي آءِ اي جو وجود، لوڪل ايجنسين جون حرفتون ڪنهن ڪم جون نه رهيون. حڪمت يار ولي کي آمريڪا، لوڪل ايجنسين ۽ سي آءِ اي جي اهڙي منافقي سمجهه ۾ نه آئي، جو طالبان آمريڪا کان ناتا ٽوري پنهنجو نئون يار ايران کي سڏيو، جڏهن ته ان کان اڳ به حڪمت يار ايران جي سپورٽ به وٺي چڪو هو. پر اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر هئي ته سي آءِ اي جن پنهنجي برانڊ جا هٿيار روس جي ريڊ آرمي کي مارڻ لاءِ استعمال ڪيا، وري ساڳا ئي هٿيار آمريڪي فوجن تي سڌا ٿيا. جڏهن آمريڪا 1991 کانپوءِ طالبان جي سپورٽ بند ڪير ڇڏي، ۽ جڏهن آمريڪا طالبان کي ملين ڊالر ڏيندي هئي، پر هلندي هلندي آمريڪا طالبان کي اڪيلو ڪري پاڻ نڪري هلي وئي. سي آءِ اي جي هڪڙي نمائندي ”پارني ڪرپسن“ جي مطابق جيڪو 1980 ڌاري افغانستان ۾ مقيم هيو، ان جي راءِ مطابق افغان وار ۾ ڪو به عرب شامل نه هيو، پر رڳو طالبان پختون، افغان مجاهدين، لوڪل انٽيليجنس جا ماڻهو ڳجھي طريقي سان وڙهندا رهيا، پر اها ويڙھ رڳو افغان ۽ طالبان ويڙهاڪن وڙهي، ان ۾ بن لادن رڳو ٻاهر ٻاهر پلاننگ ڪئي ۽ ائين چئجي ته دشمنن جي لاءِ کڏون کوٽيندو رهيو. وري ”ملٽن بريڊن“ (جيڪو لوڪل ايجنسيءَ جو ايجنٽ هيو، ان جو اهو چوڻ هيو ته ”آمريڪا رڳو امداد ڏيندو رهيو، ڪو به عرب، ڪو به آمريڪي فوجي ان جنگ ۾ لهي ڪو نه وڙهيو، مئا به افعاني طالبان، جنگ به انهن ڪئي، مجاهدين به اهي ئي هيا، سي آءِ اي رڳو انهن کي هٿيار پيش ڪيا، ته جيئن روس کي واپس ڌڪي ڪڍيجي ۽ انهن جي اوڌ، حملي، اڳرائي کي ٻنجو ڏجي ۽ اها جنگ حقيقت ۾ کٽي به افعانين، طالبان مجاهدن آمريڪا سدائين وانگي رڳو تماشائي هيو، ڇو ته گَھٽَ گھيرن، جبلن، ور وڪڙن، ندين پهاڙن جن ۾ اڙجي رڳو روسي فوجي مئا، جيڪي ويٽنام وانگي گوريلا جنگ جو شڪار ٿيا ۽ تماشو بڻيا ۽ هارائي ڀڄي نڪري جنگ بندي ڪري افغان مجاهدين کي جيترائي ويا، پر عربن جا فنڊگ ۽ انهن جي مدد جو مثال ڪٿي نه ملندو.

ايئن به هيو ته روس کي هارائڻ جي لاءِ سڀ هڪ مٺ ٿي ويا، جن ۾ چين، آمريڪا، لوڪل ايجنسيون، عرب ملڪ، اسرائيل وغيره وغيره ته جيئن روس کي ٽوٽا چٻائجن. 1995 ۾ علي احمد جلالي (جيڪو افغان آرمي جو ڪرنل ۽ ٽاپ جو ملٽري پلانر پڻ هيو) جنهن جي هدايتن، اشارن، حرفتن، چالاڪين ۽ جنگي چال بازين جي ڪري افغان مجاهدين ۽ طالبان سوڀارا ٿيا، ڇو ته ان جي ڪمانڊنگ ۽ مشقن ۾ مجاهدين جي لاءِ سڀ ڪم سولا ٿي آيا هيا ۽ ٻيو ته آمريڪي ليفٽيننٽ ڪرنل ”ليسٽر ۽ ڊبليو گروئو“ جن وري انهن سالن ۾ (معني 1995) ۾ مجاهدين، طالبان ۽ افغان فوجين جون ڪهاڻيون، ڳالهيون ۽ اڻ ڇپيل داستانون شايع ڪرايون هيون، جنهن ۾ افغان ويڙھ جون حرفتون، حملن ۽ جنگي چالن جون ڳالهيون هيون، جن ۾ عرب رڳو وڊيو رپورٽون ۽ خبرون ٺاهڻ ۾ پورا هيا. اها ٻي ڳالهه آهي ته سڀ کان وڌيڪ چندا، امدادون ۽ پيسا عرب ملڪن مان مليا، پر وڙهيا رڳو مجاهد، طالبان ۽ افغان نيم فوجي جوان، انهن مجاهدن ۾ ايشيائي ملڪن جا مجاهد به شامل هيا، جن کي گهربل تربيت ڏئي جنگي ميدان ۾ موڪليو ويندو هيو، جن جي جوش جي اها حد هئي ته اهي جهاد في سبيل الله ۾ حصو وٺڻ آيا آهن، جن جي رجسٽريشن ۽ داخلا لوڪل بارڊر تي ٿيندي هئي ۽ تصديقي عمل کانپوءِ اهي جهاد ۾ شموليت اختيار ڪندا هيا، ۽ اهو به واضع هيو ته انهن سڀني جهادي تنظمن جا فائنانسر عرب ملڪ يا خاص سعودي حڪومت هوندي هئي.

مارچ 2000 ۾ طالبان به استاد طبقي، مدرسن، واپارين ۽ مذهبي جنون رکندڙ طبقي ۾ پنهنجي خيال کي پختو ڪيو ته هو جيڪي به ڪن پيا يا جيڪي به ڪندا اهو سڀ اسلام جي لاءِ ۽ اسلام جي خاطر هوندو. طالبان جي سڄي تحريڪ دوران يا اڀرڻ وقت انهن جي اڳواڻي ۽ قيادت مان اهي واعدا پڪا ٿي چڪا هيا ته اهي هڪٻئي کي سيڪيورٽي مهيا ڪندا، ۽ فتح جي آخري گھڙيءَ تائين وڙهندا رهندا. ان ۾ هنن سان لوڪل ايجنسيون ۽ سي آءِ اي جو ساٿ رهندو آيو، جيڪي ڊالرن جو مينهن وسائيندا رهيا. 1989 ۾ سوويت جي ريڊ آرمي جي هارائجڻ کانپوءِ افغان صدر نجيب الله ٽن سالن تائين افغان سرڪار هلائيندو رهيو، پر 1992 ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي صدر نجيب الله کي آخر تاجڪ فورسز جي مجاهدن ڪرسيءَ تان لاهي ڇڏيو. صدر رباني، احمد شاھ مسود ۽ ازبڪ لساني گروھ جي سربراھ جنرل راشد دوستم اها ڳالهه سمجهي نه سگهيا، فتح سنڀالي نه سگهيا ۽ حڪمت يار ولي فورن نئين سرڪار ٺاهڻ جو اعلان ڪيو، ۽ بيدرديءَ سان جبلن جي اونچائي تان بم ڪيرائيندو رهيو، جنهن ۾ پختون ۽ افغان (فارسي) مجاهدين هارائجي ويا، هنن اولھ افغانستان جو ڳچ حصو قبضي ۾ وٺي ڇڏيو هيو، جيڪي ڪابل ۽ هيرات تائين ڪاهيندا آيا پر اوڀر افغانستان ۾ اڃان تائين پختون مجاهد قابض هيا، اهو جهيڙو مسلسل 10 مهينا هلندو رهيو.

هڪ لوڪل صحافي (احمدي رشيد) جي ڊيٽا مطابق 1982 کان 1992 تائين 35 هزار جهادي تنظيمون جا مجاهد ان ڪارِخير ۾ شامل هيا، پر ان سڄي فنامانا مان مراد رڳو اسلامي شدت پسندي کي اڀارڻو ۽ هوا ڏيڻي هئي ته جيئن ٻئي ڪم ٿين، حلانڪي ان سڄي وارتا جي پٺيان آمريڪا جو سڌو سنئون هٿ هيو ته جيئن ٻئي ڪم هلن، روس جي اڳڀرائي کي ٻنجو ڏجي، اسلامي شدات پسندي به وڌي، ۽ جي ڪم نڪري وڃي ته انهيءَ شدت پسندي کي وري چٿجي چٻجي ۽ چيڀاٽجي ۽ ائين ئي هٿيارن جو ڪروبار به هلي پوي. ڇو ته انهن ئي طريقن سان گهرو ويڙھ جو سلسلو، هٿيارن جي ڊوڙ، اسلامي دهشت پسندي، شدت پسندي، طالبانائيزيشن، اسلامو فوبيا جي واڌ ۽ مسلمانن جي خواري جا سامان تيار ڪرڻا هيا. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن چالن جي پٺيان کڻي آمريڪا، سي آءِ اي، لوڪل ايجنسين ۽ سيهوني طاقتون هيون، پر ان ڏس ۾ مذهبي جهادي تنظيمون واقعي ئي اسلام جي خدمت ۽ ڦهلاءِ جي لاءِ ڪوشان ٿي پيون هيون، پر بيڪ گرائونڊ ۾ آمريڪا جو ٻيڙو تاري ويون. پر ان اڀار کانسواءِ روس جي خلاف جهادي تنظيمن جو هڪ ٿيڻ مشڪل هيو ڇو ته مذهب جي نالي ماڻهن ۾ جوش، جذبو، اتحاد ۽ انهن کي منظم ڪرڻ آسان هيو ۽ عربن به ان ڳالهه ۾ آمريڪا جو ساٿ ڏنو. ان وقت جي نيويارڪ ٽائيمز مطابق طالبان هڪ ننڊڙي تحريڪ مان اڀري هڪ وڏي طاقت بڻجي ويا هيا، جنهن جو اندازو شايد لوڪل ايجنسين ۽ سي آءِ اي کي ڀلي ڀتِ هيو، ڇو ته طالبان گھڻي ڀاڱي هيٺئين طبقي مان اڀرندا، داخل ٿيندا، ملندا پاڻ سلهاڙيندا ۽ طالبان جي تحريڪ کي منظم ڪندا ويا. جيئن ايران جي آيت الله خميني جي تحريڪ کي عام طبقي ۽ اتان جي مذهبي جنونيت وڏي هٿي ڏني هئي، تيئن ئي طالبان جي تحريڪ ايئن ئي پروان چڙهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.