پاڪستان ۽ ترڪيھ جا لاڳاپا صديون پراڻا ۽ گهرا آهن. ٻنهي ملڪن وچ ۾ نه رڳو تاريخي پر سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي شعبن ۾ به مضبوط لاڳاپا آهن. ان لاڳاپي جي اهميت ان وقت وڌيڪ وڌي وئي جڏهن ترڪيھ جي صدر رجب طيب اردگان ۽ پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف جي دوستي هڪ نئين رنگ ۾ داخل ٿيا.ٻنهي اڳواڻن جي ذاتي دوستي ۽ لاڳاپن نه رڳو ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي وچ ۾ پيار وڌايو،پر عالمي سطح تي ٻنهي ملڪن هڪ نئين سڃاڻپ پڻ قائم ڪئي آهي.
رجب طيب اردگان جو سياسي ڪيريئر هڪ متاثر ڪندڙ ڪهاڻي آهي. هو نھ رڳو ترڪيھ جو صدر ، پر هڪ اهڙو اڳواڻ آهي جيڪو پنهنجي ملڪ کي عالمي سطح تي هڪ مضبوط مقام ڏيارڻ لاءِ پرعزم آهي. اردگان جي شخصيت جي نمايان خصوصيت سندس جرئتمندي ۽ فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت آهي. هن ترڪيھ کي هڪ طاقتور معاشي ۽ سياسي ملڪ بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي،جنھن ۾ ڪامياب به ٿيو آهي. اردگان جي سياست ۾ ان ڳالهه جي اھميت آهي ته هوءَ پنهنجي ملڪ جي مفادن لاءِ ڪنهن به چئلينج کي منهن ڏيڻ کان پوئتي نھ ھٽندو آهي. ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان جي ڀرپور حمايت ۽ بين الاقوامي فورمن تي پاڪستان جي موقف جو دفاع ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هو عالمي سطح تي پنهنجن دوستن سان گڏ بيهڻ لاءِ تيار آهي. اردگان جي قيادت جون صلاحيتون، سياست ۾ سندس صاف گوئي ۽ واضح موقف ۽ پنهنجي ماڻهن سان سڌو سنئون تعلق،کيس هڪ منفرد اڳواڻ بڻائين ٿيون.
ترڪيھ ۽ پاڪستان جي اڳواڻن ۾ لاڳاپا هميشه خوشگوار رهيا آهن، پر اردگان ۽ شهباز شريف جي دوستي هن رشتي کي هڪ نئون مطلب ڏنو آهي. ٻئي اڳواڻ هڪ ٻئي جي قيادت کي اهميت ڏين ٿا ۽ هڪ ٻئي جي ملڪ جي مفادن لاءِ مضبوط حمايت جي علامت آهن. اردگان ۽ شهباز شريف ٻئي هڪ ٻئي جي تجربن ۽ ڪاميابين جو احترام ڪن ٿا.اردگان پاڪستان کي ان جي معاشي چئلينجن ۾ مدد ڪرڻ لاءِ وڏيون ڪوششون پڻ ڪيون آهن.
ٻنهي اڳواڻن هميشه سياسي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. شهباز شريف جي دور ۾ ترڪيھ سان مختلف سطحن تي ڳالهيون ٿيون ۽ ٻنهي ملڪن عالمي سطح تي هڪ ٻئي جي حيثيت کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. واپار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي وڌائڻ لاءِ گڏيل منصوبا شروع ڪيا ويا آهن، خاص طور تي دفاعي شعبي ۾. ترڪ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيڻ ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ اھم ڪوشش آهي.
ترڪيھ پاڪستان کي تسليم ڪندڙ پهرين ملڪن مان هڪ هو. جڏهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيا، قائداعظم ترڪيھ سفير جي سنَد وصول ڪندي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ روحاني، جذباتي ۽ ثقافتي لاڳاپن جو خاص ذڪر ڪيو. ترڪيھ اسلامي دنيا جو واحد ملڪ آهي جنهن سان اسان جاگذريل 70 سالن کان تمام ويجها لاڳاپا برقرار آهن. ترڪيھ ۽ پاڪستان جي دوستي جو هڪ باضابطه معاهدو 1951ع ۾ صحيح ڪيو ويو ۽ 1954ع ۾ باهمي تعاون جو هڪ معاهدو صحيح ڪيو ويو، جنهن جا لفظ هن ريت هئا: "دوستي جي جذبي سان ترڪيھ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اهو اتفاق ڪيو ويو آهي ته اسان سياسي، ثقافتي ۽ اقتصادي شعبن ۾ امن ۽ سلامتي جي مقصد سان ۽ ان جي اندر بهترين ممڪن دوستانه تعاون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.”
شهباز شريف جي وزيراعظم بڻجڻ کان پوءِ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ هڪ نئون جوش آيو ۽ ترڪيھ سان لاڳاپن کي اهميت ڏني وئي. شهباز شريف اردگان جي حڪومت کي هڪ خوش آئند موقعو سمجهيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي. خاص طور تي، شهباز شريف ترڪيھ سان دفاعي صنعتن، انفراسٽرڪچر ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي امڪانن تي زور ڏنو. شهباز شريف جي دور ۾، پاڪستان ترڪيھ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري حجم وڌائڻ لاءِ مختلف واپاري معاهدن تي صحيحون ڪيون. ان کان علاوه، شهباز شريف ترڪيھ جي مدد سان پاڪستان ۾ ڪيترائي عوامي منصوبا ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پاڪستان ۽ ترڪيھ جا تاريخي ۽ گهرا لاڳاپا آهن. ٻنهي ملڪن ڪيترائي ڀيرا هڪ ٻئي جي حمايت ڪئي آهي، خاص طور تي عالمي فورمن تي جتي ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي جي موقف جو دفاع ڪيو آهي. شهباز شريف جي حڪمراني ۽ اردگان جي رهنمائي ۾، پاڪستان ۽ ترڪيھ جا لاڳاپا وڌيڪ ويجها ٿي ويا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا مستقبل ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيڻ جي اميد آهي، ڇاڪاڻ ته ٻئي ملڪ هڪ ٻئي لاءِ اهم اقتصادي ۽ سياسي ڀائيوار آهن. ترڪ ڪمپنين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ دفاعي شعبي ۾ تعاون کي مضبوط ڪرڻ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي بنياد بڻجي سگهي ٿو.
پاڪستان ۽ ترڪيھ وچ ۾ اقتصادي، ثقافتي، دفاعي ۽ ٻين اهم لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ مختلف شعبن ۾ ڪيترائي معاهدا ٿيا آهن. جن ۾ معاشي،، توانائي، ماحولياتي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ گهڻ طرفو تعاون شامل آهن. پاڪستان ۽ ترڪيھ دفاعي شعبي ۾ ڪيترائي معاهدا ڪيا آهن، جن مان سڀ کان اهم 1954ع جو دفاعي تعاون معاهدو آهي، جنهن تحت ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي جي دفاع ۽ سيڪيورٽي جي حمايت جو واعدو ڪيو. ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي جي فوجي تربيت ۾ تعاون ڪيو ۽ گڏيل فوجي مشقون پڻ منعقد ڪيون. نھ رڳو اھو پر 2000 جي ڏهاڪي ۾ ترڪيھ پاڪستان کي جديد هٿيار ۽ دفاعي ٽيڪنالوجي فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون، جڏهن ته پاڪستان ترڪيھ کي هٿيارن جي پيداوار ۾ مدد فراهم ڪئي. اقتصادي ۽ واپاري شعبي ۾ پاڪستان ۽ ترڪيھ 2004 ۾ هڪ آزاد واپاري معاهدي (FTA) تي صحيحون ڪيون، جنهن جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رڪاوٽن کي گهٽائڻ ۽ واپار کي وڌائڻ هو. ان کان علاوه، ٻنهي ملڪن روڊ جي تعمير، پاڻي جي منصوبن ۽ توانائي جي شعبي ۾ اقتصادي ترقي جي منصوبن تي پڻ ڪم ڪيو. ثقافتي شعبي ۾ پاڪستان ۽ ترڪيھ 1970 جي ڏهاڪي ۾ ثقافتي تعاون جي معاهدي تي صحيحون ڪيون، جنهن تحت ٻنهي ملڪن ثقافتي مٽاسٽا، تعليمي پروگرامن ،فن ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون وڌايو. ترڪيھ پنهنجي ميڊيا ۽ تعليمي ادارن ۾ پاڪستاني ثقافت، ادب ۽ فن کي فروغ ڏيڻ لاءِ مختلف قدم کنيا. ٻنهي ملڪن توانائي ۽ ماحولياتي شعبن ۾ اهم معاهدن تي پڻ صحيحون ڪيون آهن، جن ۾ قدرتي گئس، تيل ۽ بجلي جي فراهمي ۾ تعاون ۽ ماحولياتي تحفظ لاءِ قدم شامل آهن. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾، ٻنهي ملڪن تحقيق ۽ ترقي لاءِ ڪيترائي معاهدا ڪيا، جن ۾ خلائي ڳولا، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ۽ حياتياتي سائنس شامل آهن.
گهڻ طرفي سطح تي پاڪستان ۽ ترڪيھ گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ ٻين عالمي فورمن تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪئي آهي، جتي ٻنهي ملڪن عالمي معاملن تي هڪجهڙو موقف اختيار ڪيو آهي ۽ اسلامي دنيا ۾ اتحاد کي فروغ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مجموعي طور تي، پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ معاهدن جي تاريخ گهري دوستي ۽ باهمي احترام تي ٻڌل آھي.
رجب طيب اردگان ۽ شهباز شريف جي حڪومت جي دورن دوران پاڪستان ۽ ترڪيھ جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن. ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي جي مدد ڪئي آهي ۽ مختلف شعبن ۾ سھڪار وڌايو آهي. جيڪڏهن ٻئي ملڪ ان طريقي سان هن رشتي کي ترقي ڏيندا رهن ٿا، ته اهو هڪ فائديمند ڀائيواري ثابت ٿي سگهي ٿو. الله تعاليٰ کان دعا آھي ته پاڪ ترڪي دوستي کي ڪو به دشمن نقصان نه پهچائي، اها قيامت تائين جاري رهي ۽ اها ڏينهون ڏينهن وڌندي