تنوير تنيو ۽ مٺل ککراڻي ۾ ويجھڙائپ ۽ ٽارچر سيل جي انڪوائري ڪرايو: \گهرو وزير ۽ آءِ جي کي درخواست

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪمار اوڏ) 5 فيبروري تي سڪرنڊ پوليس جي ڪسٽڊي ۾ پوليس جي مبينہ تشدد ۾ فوت ٿيل نوجوان محمد نواز زرداري جي ڀاءُ اسد نواز زرداري، پٽ شاھنواز زرداري پاران  گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ پوليس کي ھڪ  درخواست موڪلي آھي ، جنھن ۾ ھن ڄاڻايو آھي ته  سڪرنڊ پوليس جي ڪسٽڊي ۾ پوليس جي تشدد ۾ منھنجو ڀاء محمد نواز زرداري قتل ٿي ويو، سندس قتل جي جاچ ايف آءِ اي ڏانھن ٽرانسفر ڪيو وڃي ۽ ايف آءِ جي ٽيم کان جاچ ڪرائي وڃي، ھن وڌ يڪ ڄاڻايو آھي ته لاھور هاءِ ڪورٽ جي ڪيس  زبيده  قريشي ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڪيس ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي ڪيس جي روشني ۾ ھن ڪيس جي جاچ به  ايف آءِ اي کان ڪرائي وڃي يا ڊي آئي جي عامر فاروقي، ڊي آئي جي تنويرعالم اوڍو، ايس ايس پي شيراز نذير تي مشتمل جاچ ڪميٽي جوڙي وڃي، جيڪا ھن قتل ڪيس جي گھڻ رخي جاچ ڪري ۽ صاف شفاف انڪوائري ڪري تہ اڳوڻي ايس ايس پي شھيد بينظير آباد تنوير حسين تنيو، ايس ايڇ او سڪرنڊ مٺل ککراڻي ۽  ايس ايس پي جي اسپيشل ٽيم جو مقتول محمد نواز زرداري جي قتل ۾ ڪردار جو تعين ڪري،  پوليس ڪسٽڊي ۾ نوجوان جي فوت ٿيڻ جا سبب ڇا آھن؟ ان جي به  جاچ ڪري، ايس ايس پي ھائوس ۾ غير قانوني قائم ڪيل ٽارچر سيل جي به انڪوائري ڪئي وڃي ۽ ايس ايڇ او مٺل ککراڻي جي ڏوھاري ريڪارڊ جي ۽ اڳوڻي  ايس ايس پي تنوير حسين تنيو سان ويجھڙائپ جي به جاچ ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.