مهانگائي ۾ وڌيڪ گهٽتائي سان رليف جي اميد آهي: نواز شريف

لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ملڪ ۾ مهانگائي ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي اميد ظاهر ڪئي. پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن نواز شريف ۽ وزيراعليٰ مريم نواز سان ملاقات ڪئي. نواز شريف چيو ته پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي ڪاروباري برادري جي اعتماد ۾ واڌ ڪئي آهي. تعميراتي ڪم ٻيهر شروع ٿي چڪو آهي، ۽ عالمي ادارا به شهباز شريف جي محنت ۽  قرباني جو اعتراف ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن ترقي جو تسلسل نه ٽٽي ها ته ملڪ خطي ۽ دنيا ۾ تمام گهڻو اڳتي هجي ها ۽ عوام کي تڪليف نه ڀوڳڻي پوي ها. ان موقعي تي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته پنجاب جي قيادت، پارٽي ۽ عوام جو اعتماد هڪ وڏي ذميواري آهي، نواز شريف ۽ شهباز شريف جي عوامي خدمت جي معيار تي پورو لهڻ سولو ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.