ٽرمپ”ڊيل ميڪر“ آهي، پاڪستان چين آمريڪا ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو: بلاول

ميونخ (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڊونلڊ ٽرمپ کي ”ڊيل ميڪر“ قرار ڏيندي چيو ته آمريڪي صدر جي ليڊر شپ ۾ پاڪستان اهم علائقائي چيلينجن کي منهن ڏئي سگهي ٿو، ڀارت سان امن يا گهٽ ۾ گهٽ واپار يا انگيمينٽ ڪري سگهجي ٿي، پاڪستان علائقائي مخالف هجڻ باوجود ڀارت سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو پر ڀارت لاءِ چين جي مخالف طور آمريڪي حمايت هٿيارن جي ڊوڙ جو سبب بڻجي سگهي ٿي، ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس جي موقعي تي جرمن ٽي وي انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چين ۽ آمريڪا جي مسابقتي صورتحال جو فائدو وٺي سگهن ٿا، پر پاڪستان چين ۽ آمريڪا وچ ۾ پُل بڻجي سگهي ٿو، جيڪڏهن پاڪستاني نظريي سان ڏٺو وڃي ته تاريخي طور تي اسان پل بڻجڻ جو ڪردار ادا ڪيو آهي، جيڪڏهن توهان اسان کي هڪ ڪيمپ ۾ رکڻ چاهيو ٿا ته اسان پاڻ کي پل ٺاهڻ وارن طور ڏسڻ چاهينداسين،

اسان ماضي ۾ سفارتي رابطا قائم ڪرڻ ۽ آمريڪا ۽ چين وچ ۾ لاڳاپن ۾ اهو ڪردار ادا ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.