اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) سينيٽ ۾ پ پ ميمبر بئريسٽر ضمير گهمرو شهيد آڪاش انصاري کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته آڪاش انصاري جي جنرل ضيا ۽ جنرل مشرف خلاف مزاحمتي شاعري جڳ مشهور آهي،هن کي حيدرآباد ۾ بي رحماڻي نموني قتل ڪيو ويو،درخواست آهي ته هن لاءِ دعا گهري وڃي جنهن بعد ايوان ۾ شهيد آڪاش انصاري لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي