ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي وارثن پاران جي آءِ ٽي جوڙڻ جو مطالبو

حيدرآباد/بدين (نمائندن وٽان) حيدرآباد ۾ گهر اندر ڇرين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪيل سنڌ جي نامياري مزاحمتي،  انقلابي ۽ رومانوي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي وارثن سندس قتل واري واقعي جي جاچ جي لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل واري ڪيس جي فريادي سندس ماروٽ ابراهيم عرف جان محمد انصاري سنڌ جي قانون واري وزير ۽ آءِ جي سنڌ کي هڪ خط لکي ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل واري واقعي جي جاچ جي لاءِ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم(جي آءِ ٽي) جوڙڻ جي درخواست ڪئي آهي. هن خط ۾ لکيو آهي ته ڊاڪٽر الله بخش عرف آڪاش انصاري جي قتل واري واقعي کانپوءِ سڄو خاندان صدمي ۾ ورتل آهي، ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل سنگين قانوني ۽ اخلاقي سوال اٿاريا آهن، جن جي شفاف ۽ غيرجانبداراڻي جاچ ٿيڻ گهرجي. هن خط ۾ وڌيڪ لکيو ته جي آءِ ٽي ايس ايس پي رينڪ جي آفيسر کان گهٽ رينڪ واري آفيسر جي نگراني ۾ نه هجڻ گهرجي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.