ڊاڪٽر آڪاش جي ياد ۾ بدين ۾ تعزيتي ميڙاڪو، ڀيٽا پيش

بدين ( ڊر) نامياري انقلابي ۽ مزاحمتي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي علمي ادبي سماجي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ بدين  پريس ڪلب جي طرفان تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو جنهن م تعزيتي اجتماع ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ھن موقعي تي مزاحمتي شاعر حافظ نظاماڻي عوامي جمھوري پارٽي جي صدر خادم ٽالپر بدين پريس ڪلب جي صدر شوڪت ميمڻ تنوير احمد آرائين مير بليدي مرتضيٰ ميمڻ، فقير ذوالفقار لنڊ، حميد سومرو، اسماعيل جعفري، محمد علي بليدي، اشرف ميمڻ ۽ بين ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل سان سنڌ ھڪ طاقتور آواز کان محروم ٿي وئي آھي، سندس شھادت سان سڄي سنڌ سوڳوار تي وئي، ڊاڪٽر آڪاش انصاري آمريت ۽ ظالماڻي نظام جي خلاف ۽ عوام جي حقن لاءِ آواز اٿاريو ۽ ڊگھي عملي جدوجھد ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.