ڊاڪٽر آڪاش ڪيس: وشال لطيف 4 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي

حيدرآباد ( رپورٽر)نامياري شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل ڪيس ۾ گرفتار سندس هنج ورتل پٽ وشال عرف شاھه لطيف کي دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت، جوابدار کي 4 ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. قاسم آباد جي ڀٽائي نگر پوليس  ڪالهه جوابدار وشال عرف شاهه لطيف کي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت ۾ پوليس پاران ريمانڊ لاءِ درخواست ڏني، جنهن تي عدالت جوابدار کي 4 ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڇڏيو. جوابدار وشال عرف شاھه لطيف خلاف سندس پيءُ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي ماروٽ ابراهيم عرف جان محمد ڀٽائي نگر ٿاڻي تي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي هئي، پوليس گرفتاري ظاهر ڪرڻ بعد کيس عدالت ۾ پيش ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.