حيدرآباد جي وڪيلن ۽ ايس ايس پي ۾ تڪرار ٻيهر شروع

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي وڪيلن ۽ ايس ايس پي حيدرآباد فرخ لنجار وچ ۾ هلندڙ تڪرار هڪ دفعو ٻيهر شدت اختيار ڪرڻ لڳو آهي. ايس ايس پي حيدرآباد فرخ لنجار پاران عھدي جي ٻيھر چارج وٺڻ بعد وڪيل برادري وري احتجاج جو سلسلو شروع ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو آهي. ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد 20 فيبروري کان عدالتي ڪارروائين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو اعلان ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ۾ ڊسٽرڪٽ بار جي صدر ايڊووڪيٽ اشعر مجيد کوکر جي صدارت ۾ ٿيل هنگامي اجلاس ۾ ڪيو ويو. هنگامي اجلاس بعد وڪيلن ايس ايس پي حيدرآباد خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. اجلاس ۾ چيو ويو ته موجوده ايس ايس پي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ ڀرپور جدوجهد ڪئي ويندي، هوڏانهن پوليس ترجمان پوليس ۽ وڪيلن وچ ۾ ويڇا وڌي وڃڻ وارين سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته پوليس ۽ وڪيلن وچ ۾ ويڇا وڌائڻ جي سازش ٿي رهي آهي،هوڏانهن ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي نئين چونڊجي آيل صدر ايڊووڪيٽ اشعر کوکر،نائب صدر ايڊووڪيٽ عبدالحفيظ سولنگي ۽ جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ مسعود بابر رسول ميمڻ، خزانچي ايڊووڪيٽ رميز ابڙو، ايڊووڪيٽ فيصل مغل، نويد جروار ۽ ايڊووڪيٽ ڪي بي لغاري اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر فرخ لنجار قانون، اصولن ۽ پوليس جي قاعدن جي خلاف ورزي ڪندي وڪيل برادري جي خلاف مھم ھلائي،هن وڪيلن خلاف ميڊيا تي غلط بياني ڪري وڪيلن کي دھشتگرد طور پيش ڪرڻ سازش ڪئي. ڊاڪٽر فرخ لنجار کي نه هٽايو ويو ته حيدرآباد جي وڪيلن جي تحريڪ ملڪگير تحريڪ بڻجي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.