ڪراچي(رپورٽر)انڊس لائرز فورم پاران سنڌ دشمن منصوبن خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ احتجاجي مظاهروڪيو ويو ، ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ، عاقب راڄپر، اشرف سمون، حسيب پنهور ۽ ارشاد ڌاريجو جي اڳواڻي ۾ سنڌ دشمن منصوبن خلاف احتجاج ڪيو ويو، سنڌ جون زمينون نجي ڪمپنين کي الاٽ ڪرڻ، سنڌو درياهه مان غير قانوني 6 ڪئنال ڪڍڻ، پيڪا ايڪٽ ۽ 26 هين آئيني ترميم خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين جو چوڻ هو ته سنڌو درياهه سنڌ جي ملڪيت آهي، سنڌ ۾ اڳ ۾ ئي پاڻي جي کوٽ آهي،6 ڪينال ڪيئن پيا ڪڍيا وڃن، سنڌو درياهه تي ڌاڙو ڪنهن به صورت قبول نه ڪيو ويندو، مظاهرين وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت جو فيصلو سنڌ کي سڪائڻ جو فيصلو آهي، 26هين آئيني ترميمي غيرآئيني ترميم آهي، پيڪا ايڪٽ آزادي صحافت تي وار آهي.