ڪراچي(رپورٽ:خداڏنوشاھ)سنڌ ۾ پاڻي کوٽ 23 سيڪڙو ٿي وڃڻ باوجود پنجاب تڪراري سي جي لنڪ ڪئنال کولي ڇڏيو آهي،سنڌ کي حصي کان گهٽ پاڻي ملڻ باوجود سنڌ سرڪار چپ سبي ڇڏيا آهن،دستاويزي ثُبوتن توڙي سرڪاري انگن اکرن موجب سنڌ جي ٽنهي بئراجن گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي تي پاڻي جي کوٽ 23 سيڪڙو ٿي وئي آهي،سکر بئراج کي 31 هزار 100 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪرڻ بدران 23 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويو جنهن ڪري سکر وٽ پاڻي جي کوٽ 27 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي ڪوٽڙي بئراج جي ايلوڪيشن 4 هزار 900 ڪيوسڪ هجڻ باوجود ڪوٽڙي کي جي ڪئنالن کي 4 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو ويو آهي جتي پاڻي کوٽ 23 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي سنڌ جي سمورن بئراجن تي پاڻي جي مجموعي کوٽ 23سيڪڙو ٿي وئي آهي پر ان جي باوجود پنجاب تڪراري تونسا پنجند لنڪ ڪئنال کولي ان ۾ 3500 ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي پر ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي،سنڌ جي آبپاشي کاتي واري سيڪريٽري توڙي سنڌ جي وڏي وزير ارسا ۽ پنجاب جي سنڌ سان زيادتي تي مڪمل خاموشي اختيار ڪندي چپ سبي ڇڏيا آهن،سنڌ جي انڊينٽ 40 هزار ڪيوسڪ باوجود سنڌ کي فقط 35 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو ويو آهي پر پنجاب کي سندس شيئر 46 هزار هڪ سئو جي ابتڙ 49500 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو ويو آهي جيڪو پنجاب کي سندس حصي کان 3400 ڪيوسڪ وڌيڪ فراهم ڪيو ويو آهي،سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ باوجود پنجاب ٿل ڪئنال جي کڻت 4 هزار مان وڌائي 4500 ڪيوسڪ ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته پنجاب سنڌو درياھ کانسواء جهلم ۽ چناب ندين جو سمورو پاڻي کڻي رهيو آهي پنجاب ۽ ارسا جي سنڌ سان زيادتين خلاف سنڌ سرڪار خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي جنهن ڪري ايندڙ 10 ڏينهن اندر سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ وڌڻ ۽ برساتون نه وسڻ جي صورت ۾ اپريل جي پهرين هفتي تائين پاڻي کوٽ 45 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان آهي،سنڌ آبادگار بورڊ جي ترجمان اسلم نواز مري روزاني عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته پنجاب کوٽ ۾ ڀائيوري ته ٺهيو پورو پاڻي به ڇُٽو پر اضافي پاڻي کڻي رهيو آهي ان تي سنڌ جو آبپاشي کاتي وارو سيڪريٽري ظريف کيڙو ۽ ارسا ۾ سنڌ جو ميمبر احسان لغاري ماٺ ڪريو ويٺا آهن کين سنڌ جي پاڻي جي ڪا به پرواھ ناهي هن چيو ته اسان ڪئنالن خلاف توڙي پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف هاڻ رستا بند ڪنداسين
ارسا پاران سنڌ جي حصي ۾ وڌيڪ ڪٽ هڻڻ جو فيصلو
ڪراچي:ارسا سنڌ جي حصي ۾ وڌيڪ ڪٽ هڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو،ايندڙ ٽين ڊيليز ۾ سنڌ کي فقط 30 کان 32 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي سرڪاري ذريعن موجب ارسا پنجاب کي واڌو پاڻي ڏيڻ لاءِ سنڌ جو پاڻي شيئر کان گهٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن تحت 21 فيبروري 2025ع کان سنڌ کي 30 کان 32 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو ويندو جنهن سان سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 45 سيڪڙو کان به وڌيڪ ٿيڻ جو انديشو آهي ان حوالي سان ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي ڪنهن به قسم جو احتجاج نه ڪيو آهي ٻي پاسي آبپاشي کاتي واري سيڪريٽري ظريف کيڙي پڻ پنجاب جي رضا تي راضي رهڻ کي بهتر سمجهندي خاموشي اختيار ڪئي آهي جڏهن ته سنڌ جي حصي ۾ اڄ کان ئي ڪٽ هڻڻ جي شروعات ڪئي ويئي آهي اڄ کان ارسا سنڌ کي 40 هزارن جي انڊنٽ جي جاءِ تي پاڻي 35 هزار ڪيوسڪ رليز ڪندي جڏهن ته حصي کان گهٽ ملندڙ پاڻي مان وڌيڪ 2 هزار ڪيوسڪ جو ڪٽ هنيو ويو آهي
سنڌ سرڪار جي خاموشي سواليه نشان بڻيل
ڪراچي:سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ٿي وڃڻ باوجود سنڌ سرڪار جي خاموشي سواليه نشان بڻيل آهي،دستاويزن موجب پنجاب لاڳيتو پنهنجي حصي کان وڌيڪ پاڻي کڻي رهيو آهي پر سنڌ جي آبپاشي کاتي واري سيڪريٽري ظريف کيڙي ارسا کي احتجاجي خط لکڻ به گوارا ناهي ڪيو نه ئي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پاڻي جي صورتحال تي وفاقي سرڪار يا سڌي ريت وزيرظم سان احتجاج نه ڪيو آهي جنهن ڪري سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ۾ لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي سرڪاري ذريعن موجب ڪوٽڙي بئراج تي ايندڙ هفتي پاڻي کوٽ 50 سيڪڙو ٿيڻ ۽ ڪراچي کي ڪينجهر رستي پاڻي سپلائي ڪندڙ ڪي بي فيڊر سخت متاثر ٿيڻ جو انديشو آهي.
ڊيمن ۾ فقط 8 ڏينهن جو پاڻي وڃي بچيو
ڪراچي:ملڪ جا پاڻي ذخيرا تر وٺي ويا آهن دستاويزن موجب تربيلا ۽ منگلا ڊيمن ۾ فقط 8 ڏينهن جو پاڻي وڃي بچو آهي،انگن اکرن موجب منگلا ڊيم ۾ سوا ڇھه لک ايڪڙ فوٽ ۽ تربيلا ڊيم ۾ فقط ساڍا ست لک ايڪڙ فوٽ پاڻي وڃي بچيو آهي جيڪو سموري ذخيري جو 9 سيڪڙو ۽ مجموعي طور تي 8 ڏينهن جو پاڻي آهي جنهن کانپوءِ پاڻي جي روزاني صورتحال دريائن جي روز مره جي وهڪرن مٿان اچي بيهندي،تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي آمد 14 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ کڻت 45 هزار ڪيوسڪ آهي جڏهن ته منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي آمد فقط 4 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ کڻت 35000 هزار ڪيوسڪ آهي
سنڌ کي پنجند وٽان فراهمي مڪمل بند
ڪراچي:پنجاب سنڌو درياھ تان پاڻي کڻڻ باوجود سنڌ کي پنجند وٽان فراهمي مڪمل بند ڪري ڇڏي آهي انگن اکرن موجب گڊو بئراج کي ويجهو پنجند اپ اسٽريم وٽ اڍائي هزار ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي هجڻ باوجود پنجاب سنڌ طرف هڪ قطرو به نه پيو ڇڏي پر پنجاب ملڪي وهڪرن مان پنهنجي حصي کان وڌيڪ پاڻي کڻي رهيو آهي