اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن پنجاب حڪومت کي مڪاني چونڊون ڪرائڻ ۾ دير ڪرڻ تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي، اليڪشن ڪميشن پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ لوڪل گورنمينٽ سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، پر اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته پنجاب حڪومت مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا آهن؟اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ 4 ڀيرا لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ تبديلي ڪئي وئي، اليڪشن ڪميشن 3 ڀيرا تڪ بنديون ڪيون، اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جو معاملو ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، پنجاب ۾ مڪاني چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي 26 فيبروري تي صبح 10 وڳي ٿيندي.
-
دهشتگردن کي واپس آڻڻ سبب شهادتون ٿي رهيون آهن: اسحاق ڊار
نيويارڪ (م ڊ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته ملڪ ۾ شهادتون سرحد پار ڀڄي ويل دهشتگردن کي واپس اچڻ جي اجازت ڏيڻ ۽ قاتلن کي جيلن مان آزاد ڪرڻ جو نتيجو آهي. نيويارڪ ۾ او آءِ سي گروپ جي اجلاس کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته ايل او سي پار ڪري آزاد ڪشمير تي قبضو ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، ڀارت والاريل ڪشمير جي مسلم اڪثريتي علائقن کي هندو اڪثريتي علائقن ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته افغانستان کان پاڪستان ۾ مسلسل دراندازي ٿي رهي آهي، دهشتگرد افغان سرزمين کي پنهنجن ناپاڪ مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن، افغان عبوري حڪومت کي پنهنجي سرزمين کي پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪڻ گهرجي. فلسطين جي مسئلي جو واحد حل گڏيل قومن جي قراردادن جي مطابق هجڻ گهرجي.