اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران سنڌ جي جي روڊن جي خراب صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي ايم ڪيو ايم جي ميمبر امين الحق چيو ته ڪراچي حيدرآباد موٽر وي نه پر ايڪسپريس آهي، ان کي موٽر وي چوڻ موٽر وي جي توهين آهي، هي موٽر وي سڀني کان وڌيڪ ٽيڪس ڏي ٿو، ان جي حالت به سڀني کان خراب آهي، پ پ اڳواڻ نويد قمر چيو ته اسان رڳو ڳالهيون نه پر عملي ڪم چاهيون ٿا، گهٽ ۾ گهٽ وزيراعظم کي موٽر وي جو جواب ڏيڻ گهرجي، جنهن تي پارلياماني سيڪريٽري چيو ته هي موٽر وي رڳو سنڌ جو نه پر سڄي پاڪستان جو آهي، اسان فربلٽي ۽ الائنمينٽ تي ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي، 6 نيون لائنون ٺاهيون پيون وڃن، مصطفيٰ ڪمال چيو ته موٽر وي جو مسئلو سيڪريٽري سطح جو نه، وزيراعظم سطح جو آهي، هن مسئلي تي وزيراعظم سان ڳالهائڻ گهرجي، مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڪراچي مان لکين گاڏيون نڪرن ٿيون، پوليس وار رشوت وٺي هيوي ٽريفڪ کي شهر ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏين ٿا، رڳو حيدرآباد سکر موٽر وي جي نه پر ڪراچي سکر موٽر وي جي ڳالهه ٿيڻ گهرجي، ڪراچي ۾ افراتفري ٿي ويندي، پوءِ چوندا گاڏين کي ڪنهن ساڙيو آهي، سنڌ ۾ مختلف روڊن تي اضافي ٽيڪس اوڳاڙي تي بحث ڪندي چيو ويو ته حيدرآباد ۾ ٽول ٽيڪس 460 رپيا ٿي ويو، وسيم خان چيو ويو ته اين ايڇ اي هڪ ضلعي مان ٽي ٽيڪس ڪهڙي قانون تي اوڳاڙي رهي آهي؟ پارلياماني سيڪريٽري چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي وٽ روڊ جي مرمت لاءِ ٻي ڪا به بجيٽ ناهي، انڪري 30 ڪلو ميٽر روڊ تي ٽيڪس وٺي سگهي ٿي.