غلام مرتضيٰ جتوئي عدالت ٻاهران گرفتار،نوان جتوئي ۾ هڙتال،مظاهرا

نوشھرو فيروز/مٺياڻي( عتيق الرحمان وسطڙو+امير علي ملڪ)اڳوڻي وفاقي وزير ۽ نيشنل پيپلز پارٽي چيئرمين جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ خان جتوئي کي سيشن ڪورٽ نوشھرو فيروز ٻاھران پوليس وارنٽ ڏيکاري  گرفتار ڪري ورتو،  هو جيئن صبح جو ڪيس ۾ ضمانت لاء غلام مرتضي خان جتوئي پھتو ته سيشن ڪورٽ نوشھرو فيروز ٻاھران ضلعي جي پوليس جا اٽالا ڪورٽ ٻاھران گڏ ٿي ويا جيئن ئي ڪورٽ مان ضمانت ڪرائي ٻاھر نڪتو تيئن ئي کيس ڪورٽ ٻاھران پوليس گرفتار ڪري نوابشاهه منتقل ڪري ڇڏيو ٻئي طرف سندس گرفتاري جو ڪارڻ ايس ايس پي آفيس پاران پريس رليز جاري ڪئي وئي آھي ته غلام مرتضيٰ خان جتوئي کي مورو ۾ اليڪشن دوران پولنگ اسٽيشن علي بخش سولنگي ۾ فائرنگ دوران مارجي ويل بلاول زرداري جي ڪيس ۾ دھشتگردي واري عدالت ۾ ھڪ شنوائي تي غير حاضر ھجڻ تي ضمانت رد ڪري پوليس کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو ٻئي پاسي گرفتاري کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته جهڙي طرح سنڌ ۾ صورتحال آھي ته اهو ڊڪليئر ڪيو وڃي ته سنڌ ۾ پي پي جي بادشاهت قائم ٿي چڪي آھي. جمهوريت ٻهموريت هتي ڪجھ به ناهي اهو سڄو ناٽڪ بند ڪيو وڃي. هن چيو ته پرائيويٽ ماڻهن جي زمينن تي سنڌ ۾ قبضا ٿي رهيا آھن،هوڏانهن نوان جتوئي شھر مڪمل طور تي بند ٿي ويو.جي ڊي اي ڪارڪن ۽ شهري روڊن تي نڪري آيا، جي ڊي اي اڳواڻ شاهنواز خان جتوئي چيو ته غلام مرتضيٰ خان جتوئي کي سياسي بنياد تي گرفتار ڪيو ويو آهي ، اسان عدالتن تي يقين رکون ٿا جي يو آء اڳواڻ مولانا عبدالرحمن ڏنگراج گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو ته پوري سنڌ خاص ڪري نوشھروفيروز جي موجوده صورتحال کي هٿ سان سياسي انتقامي ڪارواين جي آڙ ۾ خراب ڪيو پيو وڃي، هوڏانهن نوابشاهه ۾ اين پي پي اڳواڻ علي جان رند ايڊوڪيٽ قاضي نديم مرتضا جتوئي جي پي اي غلام رسول پيرزادو ممتاز جتوئي ۽ٻين بي سيڪشن ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي ھنن چيو ته غلام مرتضيٰ جتوئي جي سڀني ڪيسن ۾ ضمانت ٿيڻ باوجود کيس گرفتار ڪري نوشهروفيروز کان نوابشاه بي سيڪشن ٿاڻي تي آندو ويو آهي ھنن چيو ته اسان کي خدشو آهي ته غلام مرتضيٰ جتوئي کي قتل ڪيو ويندو ٻئي پاسي مرتضيٰ جتوئي جي ننڍي ڀاءُ مسرور جتوئي نوابشاهه پهچي بي سيڪشن ٿاڻي تي مرتضيٰ جتوئي سان ملاقات ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ڪڏهن به پنهنجي موقف تان نه هٽندا سين ڪيسن کي منهن ڏنو آهي ۽ ڏينداسين انتقامي ڪارروائين کان ڊڄڻ وارا ناهيون ان موقعي تي جي ڊي اي اڳواڻ باغ علي شاهه پي ٽي آئي اڳواڻ عنايت حسين رند ڪامريڊ علي جان رند ۽ٻيا گڏ هئا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.