دادو(رپورٽ: غوث جهتيال) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو دادو پريس ڪلب پهچي هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته دادو ۽ ڄامشورو ۾ ٿيل بيداري مارچ ۽ درياهه بچايو تحريڪ جو شاندار استقبال ڏسي سنڌ حڪومت انتقامي ڪارواين تي لهي آئي آهي ،سنڌ جي شريف ۽ سنڌ جي معتبر خاندان جي فرد غلام مرتضيٰ جتوئي کي گرفتار ڪيو آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، اسان جو اڄ رات هنگامي اجلاس طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويندا هاڻ خاموش ٿي نه ويهبو ۽ لاڙڪاڻي ۾ سڀاڻي هڙتال جو سڏ پڻ ڏنو آهي،هن چيو ته سنڌ اندر ڪارڪنن ۽ ٻين کي گم ڪرڻ ۽ تشدد جا واقعا عام آهن پر امن امان مڪمل طور تباھ آهي هن چيو ته کيرٿر جبل تي ڪتي جي قبر سنڌ جو حصو آهي پاڪستان ۾ ڪتي جي قبر سنڌ جي نقشي ۾ موجود آهي، سرفراز بگٽي ۽ مراد شاھ بلوچن ۽ سنڌين جو نقصان ڪرائڻ چاهين ٿا، آءُ بلوچ ڀائرن کي اپيل ڪندس ته هو بلوچستان جي جاگرافيائي جو تحفظ ڪن ۽ سنڌ جي جاگرافي تي حملو نه ڪن،ان موقعي تي رئيس محمد علي شاھاڻي،عبدالغفار ميرجت،اياز سولنگي،اياز خاصخيلي، ابوذر ابڙو، سراج شاهاڻي، شابي ڀٽو ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.