زين شاهه،صفدر عباسي،رياض چانڊيو جي نوشهري فيروز آمد

مٺياڻي (ن ع آ)جي ڊي اي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاهه،جي ڊي اي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي ،اڳوڻو ايم  پي اي معظم علي خان عباسي،بئريسٽر ڪاظم علي خان عباسي ، قومپرست اڳواڻ رياض چانڊيو جي نوان جتوئي غلام مرتضيٰ خان جتوئي جي رھائشگاه تي آمد،ان موقعي تي اڳوڻن چيو ته غلام مرتضيٰ خان جتوئي جي دهشتگردي جي ڪوڙي ۽ من گھڙت ڪيس ۾ گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، اها گرفتاري پ پ جي آمراڻي ذهنيت جو ثبوت آهي،هنن چيو ته پيپلزپارٽي جي آمريت ۽ فاشزم جو بهادري سان مقابلو ڪنداسين سنڌ ۾ ڌاڙيلن کي گرفتار ڪرڻ بدران سياسي مخالفن کي نشانو بڻايو پيو وڃي،اڳواڻن حڪومت کان غلام مرتضيٰ خان جتوئي جي فوري طور آزادي جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.