حيدرآباد(رپورٽر) ايس ايس پي حيدرآباد فرخ لنجار جي موڪل جا ڏينهن پورا ڪري چارج وٺڻ بعد هفتي جي پهرين ڪم واري ڏينهن تي سندس آفيس پهچڻ کان اڳ سڄي ضلعي جي ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز، ڊي ايس پيز، چيڪ پوسٽنگ ۽ مختلف شعبن جا انچارج ۽ آفيس جو عملو سندس استقبال جي لاءِ ايس ايس پي آفيس پهچي ويو، پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي هٿن ۾ گلدستا، گلن جا هار ۽ گلن جون پتيون هيون . ايس ايس پي فرخ لنجار جي گاڏي آفيس جي مک گيٽ وٽ پهتي ته سمورا پوليس عملدار گيٽ تي پهچي ويا، سندس گاڏيءَ مٿان گلن جي ورکا ڪئي وئي، ايس ايس پي جي گاڏيءَ مان لهڻ وقت کيس بوسڪي جو پٽڪو پارايو ويو. عملدار ايس ايس پي کي وڏي پروٽول سان سندس آفيس تائين وٺي ويا. ايس ايس پي جي استقبال جي لاءِ پوليس جا پنهنجا فوٽو گرافر ۽ ڪئمرامين موجود هئا، جڏهن ته موبائيلن ذريعي به پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن وڊيوز ٺاهي سوشل ميڊيا تي اپلوڊ پئي ڪيون. ايس ايس پي حيدرآباد فرخ لنجار جي اهڙي استقبال جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي به وائرل ٿي ويون آهن. جنهن تي سوين ماڻهو الڳ الڳ راءِ ڏئي رهيا آهن. سوشل ميڊيا صارفن جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي جو اهڙو شاهاڻو استقبال ڏسي حيران ٿي ويا آهيون، پوليس جي هڪ آفيسر جي اهڙي استقبال سان اندازو ٿي ويو آهي ته سنڌ ۾ پوليس جو ڪردار ڪهڙو وڃي بچي ٿو. سوشل ميڊيا صارفن جي اڪثريت ان راءِ جو اظهار ڪيو آهي ته ايس ايس پي حيدرآباد فرخ لنجار ۽ حيدرآباد جي وڪيلن وچ ۾ ٿيل تڪرار بعد ايس ايس پي جي موڪل تي وڃڻ کانپوءِ وري واپس اچڻ ۽ ايس ايس پي جو ان قسم جو استقبال وڪيلن کي چڙ ڏيارڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو .