نثري نظم کي ھڪ ڏاڪو مٿي کڻي ايندڙ ڪتاب: خاموشي ڳالھائي ٿي

تحرير: زيد پيرزادو

ساڀيان سانگي ڪتاب خاموشي ڳالھائي ٿي بنا مھاڳ جي ڇپرايو پر ٿوري ئي وقت ۾  ھن ڪتاب تي ڪيترائي تبصرا ڇپجي چڪا آھن جيڪي ڪتاب جي ڪاميابي ۽ مقبوليت جي ضمانت آھن. ھن ڪتاب کي نثري نظمن جو ڪتاب چئجي ته غلط نه ٿيندو ڇو ته ڪتاب ۾ گھڻي ڀاڱي نثري نظم ئي موجود آھن، باقي ڏھ کن غزل ۽ ھڪ اڌ ٻيون صنفون موجود آھن. خاص طور تي ساڀيان جا ٽي نثري نظم مون کي بيحد اعلي لڳا ڇو ته ان ۾ عالمي انسانيت جا پيغام ڏنل آھن

رليجيس ھارموني

 

مان مندر جو گھنڊ

وڄائي ٿي اچان!

تون مسجد ۾

اذان ڏئي آءُ!

پوءِ ٻئي ھلي

چرچ ۾

پرڻو ڪنداسين….

 

انسان دوستي

ڇا

سيارو اونھاري سان

اونھارو سرءُ سان

۽ سرءُ بھار سان

حسد ڪري ٿو؟

ڇا رات ڏينھن جي اجالي سان سڙي ٿي؟

۽ ندي سمنڊ جي لاءِ ڪو ڪينو پالي ٿي؟

جي نه ته

اي انسان

تون به

فطرت کان جيئن سک!

سوچ

اھا ڇو آھي

ته خوشي ڪيئن حاصل ڪجي؟

سوچ

اھا ڇو نه آھي

ته خوشي ڪيئن ڏجي!!

 

نثري نظم مونکي ان لاءِ ئي گھڻا وڻندا آھن جو انھن منجھان ڇرڪائيندڙ خيال پڙھڻ لاءِ ملي ويندا آھن.

لٽا ھجن

ته

چَوڙي ڇڏيان

درد ھن

چُڙن ئي نه ٿا!

ھر شاعر الڳ ٿيندو آھي، ان جو رنگ، خوشبو توڙي ذھن ۽ سوچ مختلف ھوندي آھي، انڪري ان جو اظھار به مختلف ٿيندو آھي. ساڀيان وٽ مختلف احساس آھن، پيڙا، خواھشون، درد، وڇوڙا، دانھون!

ھميشه

زماني سان

ھلي آھيان

ھاڻي

زمانو به ته

مون سان ھلي!

ساڀيان جا اڪثر نثري نظم فقط پنجن ڇھن مختصر سٽن جا آھن جيڪي ڏاڍا اثرائتا آھن جيئن وقت، واندڪائي، عورت، ظلم، ڊس اپيئر وغيرہ

 

ڪتاب جو ٽائيٽل خاموشي ڳالھائي ٿي جنهن وائيءَ  جون عنوان رکيو ويو آھي سا انتھائي خوبصورت آھي. اھا سڄي وائي ڳالھائي رھي آھي

آئون ته چپ آھيان

ھا! پر ھيءَ منھنجي

خاموشي ڳالھائي ٿي

 

چپ چپات چئو طرف

پوءِ ھيءَ ڪنھن جي؟

خاموشي ڳالھائي ٿي

 

ڳوليان ھوءَ ڪٿي آھي

ھاڻي ھيءَ جنھن جي

خاموشي ڳالھائي ٿي

 

جنھن جي دانھن دٻائي ويئي

ھائو اڄ تنھن جي

خاموشي ڳالھائي ٿي

سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ تمام ضروري آھي ته جيڪو ڪتاب پسند اچي ان بابت مختصر ئي سهي پر راءِ ضرور ڏجي. نون ڇپيل ڪتابن تي پروگرام ڪرايا وڃن ۽ سٺي ادب کي فيس بڪ تي شيئر ڪيو وڃي. مرڪ پبلشر ڪتاب جي پرنٽنگ به معياري رکي آھي جھڙو پنو سٺو آھي تھڙي بائينڊنگ. باقي ڪتاب ۾ فھرست جي ڪمي محسوس ٿي. مان سمجھان ٿو ھي ڪتاب نثري نظم کي سنڌي ادب ۾ ھڪ ڏاڪو اڃان مٿي کڻي اچڻ ۾ ڪردار ادا ڪري ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.