جنگشاهي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ

تحرير: پير غلام حسين

جنگشاھي ۽ ڪوهستان  جي عوام کي سال اڳ ۾ پيئڻ جو پاڻي تاريخي ڍنڍ هاليجي ڍنڍ مان ملندو هو جنهن جو انتظام يوسي جنگشاهي جي حوالي هوندو هو ۽ هاليجي ڍنڍ مان پاڻي ايترو ملندو هو جو پاڻيءَ جي کوٽ جو ڪڏهن به مسئلو نه ٿيندو هو.  2014 ۾ تيز هوا لکڻ سبب بجليءَ جا ٿنڀا ڪري ويا ڪريل ٿنڀن ۽ تارون چوري ٿي ويون بجليءَ جو نظام مڪمل طور تي تباھ ٿي ويو جنهن ڪري جنگشاھي ۽ ڪوهستان جي عوام کي ملندڙ پاڻيءَ جو واحد ذريعو مڪمل طور تي ختم ٿي ويو، پاڻيءَ جي کوٽ خلاف جنگشاھي سان تعلق رکندڙ سماجي سياسي ورڪرن صحافين ۽ هر مڪتبه فڪر سان واسطو رکندڙ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف پرامن احتجاج ڪيا ويا… جنهن جي نتيجي ۾ عوام کي پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ لڳ ڀڳ 18 ڪروڙ رپين جي اڳ هلندڙ واٽر سپلائي اسڪيم تائين ڪي ڊي اي نالي مان پاڻي پهچائڻ لاءِ اسڪيم منظور ٿي جيڪا ڪجهه سال هلي ۽ پوءِ ناڪام ٿي وئي جنھن جا ڪيترائي سبب آهن، پاڻي نه هئڻ سبب جنگشاھي جي عوام کي پيسن تي پاڻي وٺڻو پيو. جنگشاھي ۽ ڪوهستان  ۾ پاڻي صنعت جي صورت اختيار ڪري ويو ۽ ڪي ڊي اي نالي کان ايندڙ پاڻيءَ جي لائين کي ٽوڙي پاڻي چوري ڪيو ويو زمينون آباد ڪيون ۽ ان جي نتيجي ۾  پاڻي جي فراهمي بند ٿي وئي عوام وري ساڳئي عذاب ۾ وٺجي ويو.     پاڻي جي کوٽ سبب ڳوٺاڻا پاڻيءَ کان محروم ٿي ويا، جنگشاھي ۽ ڪوهستان  ۽ جنگشاهي شهر جي عوام کي پاڻي ڏيارڻ جي لاءِ عوام احتجاج شروع ڪيا، انهن پر امن احتجاجن ۾ وڏن ننڍن کان علاوه معصوم ٻارڙن ۽ عورتن به احتجاجن ۾ حصو ورتو ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ٺٽي جي آفيسرن سان ملاقاتون ڪيون کين پاڻيءَ جي کوٽ جي آگاهي ڏني پر اداري جي آفيسرن ڪو به تدارڪ نه ڪيو، 18 ڪروڙ رپين جي اسڪيم مقامي ٺيڪيدار کي ڏني وئي جنهن اسڪيم جي ذريعي پاڻي ته پهچايو پر اسڪيم تي پاڻي ڦيري ڇڏيو.. جنگشاهي ۽ڪوهستان جا رهواسي پيئڻ پاڻيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور ڪيو ويو.. پاڻي جي کوٽ سبب ڳوٺ علي نواز جوکيو، ڳوٺ حاجي صيفل جوکيو، ڳوٺ محمد صفر  جوکيو ، ڳوٺ حاجي  عثمان جوکيو۔ ڳوٺ ساجن جوکيو، ميگھواڙ پاڙو، ڪوڪڙي پاڙو، ڳوٺ منگر خان پليجو، ڳوٺ محمد حسن پليجو ڳوٺ گل محمد جوکيو ڳوٺ الياس جاکرو جيڪي يوسي جنگشاھي ۾ آهن پاڻيءَ نه ملڻ جي ڪري مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا.. اهڙي طرح ڪوهستان جي ڳوٺن کي پڻ پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو،    پاڻيءَ جي کوٽ خلاف احتجاجن جي نتيجي ۾ يوسي جنگشاهي جي ڇهن ڳوٺن جي لاءِ سولر پينل تي واٽر سپلاءِ اسڪيم منظور ٿي جيڪا لڳ ڀڳ 14 ڪروڙ رپين جي ٻڌڻ ۾ اچي پئي ، جيڪا 6 سال گذرڻ باوجود به اڄ ڏينهن تائين هلي ناهي سگهي، جڏهن ته گهڻي ڀاڱي اسڪيم مڪمل ٿي وئي آهي.. هن سولر پينل اسڪيم کي به ڪي ڊي اي نالي مان پاڻي کڻي، ڳوٺ محمد صفر جوکيو ،ڳوٺ ساجن جوکيو، ڳوٺ محمد هاشم قلندراڻي ڳوٺ منگر خان پليجو ،ڳوٺ محمد حسن پليجو ۽ ڳوٺ گل محمد جوکيو لاءِ منظور ٿيل سولر پينل واري اسڪيم سان هي الميو ٿيو آهي ته ڳوٺن ۾ پائيپ لائينز ڪو ڪم رولڙي جو شڪار آهي، جنگشاھي ڳوٺ محمد صفر جوکيو جي ڀر تعمير ٿيل سولر پينل واري اسڪيم تي لڳل ۽ ڪي ڊي اي تي لڳل پليٽون استعمال نه ٿيڻ ڪري برسٽ ٿي رهيون آهن، ڄاڻايل واٽر سپلاءِ اسڪيم کي هلائڻ لاءِ عوام پاران پرامن احتجاج ڪيا ويا، چونڊيل عوامي نمائندن سان ملاقاتون ڪيون ويون جن ڪنهن به قسم جو نوٽيس نه ورتو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.