خارش واري هنڌ کنهڻ ۾ ايڏو مزو! توهانکي خبر آهي ته ڇو؟

گهڻي قدر ماءُ پيءُ يا ٻين گهر جي وڏن ڀاتين طرفان ننڍي ٻارن توڙي وڏن، سڀني کي روڪيو ويندو آهي ته جنهن جاءِ تي خارس ٿئي انکي نه کنهجي، ڇو ته اها اڃا وڌي ويندي آهي.

پر هاڻي صحت جي ماهرن به ثابت ڪيو آهي ته اها ڳالهه واقعي سچ آهي ۽ اهو به ڳوليو ويو آهي ته ائين ڇو ٿيندو آهي.

هونئن ته اهو ڳالهه ڪرڻ جي ضرورت ناهي ته خارس واري هنڌ کنهڻ سان مزو ايندو آهي ۽ گهڻي قدر اها خواهش ايتري ته مضبوط هوندي آهي ته نَنهن لاشعوري طور تي به خارس واري هنڌ پاڻهئي ڄاڻ وڃي پهچندا آهن.

ته پوءِ اهو سوال پيدا ٿو ٿئي ته جيڪڏهن کنهڻ وارو عمل ايترو سُٺو هوندو آهي ته آخر اهو نقصانڪار ڇو آهي؟

آمريڪا جي پٽسبرگ يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ان سوال جو جواب ڏنو ويو آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته خارس ڪرڻ يا کنهڻ سان سدائين سُٺو محسوس ٿيندو آهي جنهن مان ان ڳالهه جو اشارو ملي ٿو ته اهو عمل يا رويو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان فائديمند هجڻ گهرجي.

هنن ٻڌايو ته اسانکي تحقيق مان خبر پئي آهي ته کنهڻ سان چمڙي کي بيڪٽيريا جي ڪري ٿيندڙ انفيڪشنز سان مقابلو ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي.

پر بس اهو فائدو ايتري تائين ئي محدود آهي، انکان هٽي ڪري ڏسجي ته خارس ڪرڻ يا کنهڻ سان الرجي ۾ متاثر ٿيڻ جا خطرا وڌي ويندا آهن.

تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته جيڪڏهن کنهڻ واري رويي تي ضابطو نه ڪري سگهجي ۽ کنهڻ شروع ڪجي ته ان عمل سان ورم اڃا به وڌيڪ وڌندو آهي ۽ خارس جي شدت ۾ واڌ ٿيندي آهي.

آخر ان ڳالهه جي پٺيان ڪهڙو راز لڪل آهي؟ ماهر ان راز جو جواب ڳولڻ لاءِ ڪوئن تي تجربو ڪيو.

خارس واري ۽ صحتمند ڪوئن ۾ ڀيٽ ڪئي وئي ته خبر پئي ته خارس ڪرڻ سان سوڄ ۽ ورم وڌندو آهي.

حقيقت ۾ کنهڻ واري عمل سان ورم جي ڦهلجڻ جو عمل تيز ٿيندو آهي.

تحقيق مان اها به خبر پئي ته کنهڻ سان سور جو احساس ڏياريندڙ نيورونز طرفان هڪ اهڙو مرڪب خارج ڪيو ويندو آهي جيڪو نيوروٽرانسميٽر جي طور تي ڪم ڪندو آهي.

ان مرڪب جي نيڪالي سان اهڙا جيوڙا متحرڪ ٿيندا آهن جيڪي ورم جي ڦهلجڻ جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪندا آهن.

ان تحقيق جا نتيجا نرنل سائنس نالي ميگزين ۾ ڇپيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.