اڄ کان اڳ جگر تي چرٻي چڙهڻ جي بيماري عام طور تي وڏن يا وچئين عمر جي ماڻهن ۾ ڏٺي ويندي هئي، پر هاڻي اها نوجوانن ۾ به تيزيءَ سان وڌي رهي آهي.
اها بيماري دنيا جي لکين ماڻهن کي متاثر ڪري رهي آهي، جنهن ۾ جگر عام حالتن کان وڌيڪ چرٻي گڏ ڪرڻ لڳندو آهي. جيڪڏهن ان جو علاج نه ڪرايو وڃي ته جگر جي ڪارڪردگي ختم ٿي سگهي ٿي. ان جو نتيجو شگر ٽائپ 2 ۽ ٿولهه جي صورت ۾ نڪري سگهي ٿو.
پر هاڻي سائنسدانن هڪ نئون سبب ڳوليو آهي، جيڪو هن بيماري کي تيزيءَ سان عام ڪري رهيو آهي—۽ اهو آهي هوائي گدلاڻ!
آسٽريليا ۾ ٿيل هڪ تحقيق مطابق ٽرئفڪ مان نڪرندڙ ڌوڙ ۽ آلودگي جگر تي خراب اثر وجهي رهي آهي. تحقيق دوران ڪوئن تي تجربا ڪيا ويا، جن کي ڊگهي وقت تائين گدلاڻ سان واسطو رکرايو ويو. نتيجي ۾ انهن جي جگر ۾ ورم، چرٻي ۽ ٻين خرابين جون نشانيون مليون.
ماهرن جو چوڻ آهي ته اسين سمجهندا هئاسين ته گدلاڻ رڳو ڦڦڙن لاءِ خراب آهي، پر هاڻ خبر پئي آهي ته اها جگر کي به نقصان ڏئي ٿي. جڏهن اسان گدلاڻ واري هوا ساهه ذريعي اندر کڻون ٿا، ته ان ۾ موجود زهريلا ذرڙا رت جي وهڪري ذريعي جگر تائين پهچي وڃن ٿا ۽ اتي زهريلو مواد گڏ ٿيڻ لڳندو آهي.
آسٽريليا ۾ هر ٽن مان هڪ ماڻهو هن بيماري جو شڪار آهي، خاص طور تي ٿولهه ۽ شگر وارن ۾ اها عام ٿي رهي آهي. ماهرن موجب ناقص غذا، ورزش کان پاسو ڪرڻ ۽ الڪوحل جي استعمال سميت هوائي گدلاڻ به هن بيماريءَ جو اهم سبب بڻجي رهي آهي.
پنهنجو جگر محفوظ رکڻ لاءِ ماهرن جو مشورو آهي ته هوائي گدلاڻ کان بچڻ لاءِ ماسڪ پائڻ يا گهٽ ٽرئفڪ وارن علائقن ۾ هلڻ بهتر هوندو.