اسان پنهنجي تاريخ جا پنا اٿلائي ڏسون ٿا ته اسان جي وڏڙن هي ملڪ آزاد ڪرائڻ وقت وسيع تر سوچ مان ڪم وٺندي هندوستاني هندو سياستدانن جي سازشن کي سمجهندي ئي اهو نتيجو اخذ ڪيو هو ته مسلمانن جي رهڻي ڪهڻي، تاريخ ۽ تهذيب هندن کان بنهه الڳ آهي، ان لاءِ هنن سان گڏ ماڻيل آزادي نالي ماتر آزادي هوندي، جڏهن ته حقيقي آزادي سندن الڳ ملڪ ۽ الڳ سڃاڻ واري آزادي ئي بڻجي سگهندي. ان وقت مسلمانن کي شڪ هُيو ته انگريزن جي غلاميءَ مان نڪري وري هندن جي غلاميءَ ۾ جڪڙجي ويندا ۽ اهو شڪ جائز هُيو جو ان شڪ جي حقيقت بڻجڻ جا اهڃاڻ اڄ اسان کي ڄمون ڪشمير ۾ چٽاپٽا نظر اچي رهيا آهن، جتان جا مسلمان اڄ به غلامي جي سنگهرن ۽ پنجوڙن ۾ جڪڙجي پيڙهيا ۽ پيسيا وڃن ٿا.
برطانوي پارليامينٽ طرفان 3 جون 1947ع ۾ پاس ڪيل ورهاڱي واري پلان تحت مسلمانن جي اڪثريت وارا اولهندا صوبا ۽ بنگال پاڪستان جو حصو بڻجڻا هئا ۽ باقي 550 ننڍين بادشاهي رياستن کي پاڻ فيصلو ڪرڻو هئو ته هُو هندوستان يا پاڪستان مان ڪنهن سان شامل ٿين ٿا . پر هندوستان غيرقانوني طور حيدرآباد، جهوناڳڙهه ۽ ڄمون ڪشمير تي قبضو ڄمائي ورتو. ڄمون ڪشمير جتي مسلمانن جي آبادي 87 فيصد آهي ۽ گهڻ مسلمانون علائقو هجڻ سبب پاڪستان جو اڻٽٽ حصو آهي ان مٿان 27 آڪٽوبر 1947ع تي هندوستاني فوج ڪاهه ڪري قبضو ڄمائي ورتو ۽ برطانوي پارليامينٽ جي ٺهراءُ جي ڀڃڪڙي جو سبب اهو ڄاڻايو ته راجا هري سنگهه ڄمون ڪشمير کي هندوستان سان ڳنڍڻ جي راءِ ڏني آهي. اها راءِ ڪشميري عوام جي راءِ جي سراسر خلاف هئي، ته ساڳئي وقت ورهاستي طئه ٿيل اصولن جي به خلاف هئي ۽ اهو دراصل هندوستاني شيطاني عمل هيو، جنهن خلاف ڪشميري عوام آواز اٿاريو ته نتيجي ۾ هندوستاني فوج ۽ هندو انتهاپسندن ٽيهه هزار مسلمانن جو قتل عام ڪيو پر ان ڪوس کي ڏسندي به برطانوي حڪومت ۽ اقوام متحده چپن تي لڳايل چپ جو تالو نه کوليو.
پهرين جنوري 1948ع تي ڪشميري عوام ۽ پاڪستان سرڪار گڏيل طور هندوستان طرفان ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلمن جي داستانن جون جهڙوڪر تصويرون چٽي اقوام متحده ۾ آواز اٿاريو ۽ انساني حقن لاءِ پتوڙيندڙ عالمي تنظيمن جون اکيون کولرائڻ جي ڪوشش شروع ڪئي ته مس وڃي 1999ع ۾ هندوستان ڪشمير مسئلي تي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ڳالهين جي ميز تي ويهڻ لاءِ تيار ٿيو. هندوستاني وزيراعظم اٽل بهار واجپائي پاڪستان جي دوري تي اچي پاڪستاني ۽ ڪشميري قيادت سان ملاقات ڪئي، پر ان دوران هندوستان ڳالهين کان ڀڄڻ جا بهانا به ڳولهيندو رهيو ۽ نيٺ 2008ع ۾ بمبئي حملن جو ڊرامون رچائي ڳالهين کان پير پوئتي هٽائي ويو.
هندوستاني ڏاڍ ۾ پيسجندي به ڪشميري عوام اڄ به آزاديءَ جي مطالبي کان پوئتي هٽڻ لاءَ هرگز تيار ناهي ته پاڪستان به ڳالهين جا دروازا هرگز بند نه ڪري ڇڏيا آهن، پاڪستان ڪشميرين جي آزاديءَ لاءِ جاکوڙ جاري رکندي هندوستان سان ڪنهن به فورم تي ڳالهين لاءِ هرپل تيار آهي. پاڪستان اقوام متحده ۾ ڪشميرين جو آواز بلند ڪندو رهي ٿو پر هندوستان وري 2014ع کان شروع ڪيل ڳالهين ۾ رنڊڪون آڻڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي، ڪجهه عرصو اڳ ته راجا هري سنگهه جو پٽ به ميڊيائي فورم تي اچي هندوستان جي اها دعويٰ ڪوڙي قرار ڏئي چڪو آهي راجا هري سنگهه ڪو هندوستان سان گڏ رهڻ جو الحاق ڪيو آهي، سندس چوڻ آهي ته اها هندستاني حڪمرانن جي ڪوڙي چال آهي ته هنن راجا هري سنگهه جو نالو استعمال ڪري ڪشميرين جي آزادي تي ڌاڙو هڻي رکيو آهي، هندوستان پنهنجي ڪوڙ کي لڪائڻ خاطر هرگز به وسان نٿو گهٽائي ۽ پاڪستان سان هٿ چراند ڪندي خطي جي امن ۾ خلل وجهڻ لاءِ غيرقانوني طور پاڪستاني سرحد ۽ پاڪستاني علائقن ۾ فائرنگ ڪندو، ماڻهو زخمي ڪندو ۽ ماريندو رهي ٿو. هندوستان پاڪستاني حصي جو پاڻي روڪڻ جا عمل ڪندو رهي ٿو، ڄمون ڪشمير ۾ هندوستاني فوج، پوليس ۽ هندوانتهاپسندن جون ڪارروايون اڃان به ڄمون ڪشمير ۾ جاري آهن، روز ڪيترن ئي نوجوانن کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو، مسلمان عورتن، پوڙهن، نوجوانن ۽ ٻارڙن کي زخمي ڪري سندن جسمن ۾ باردي سوراخ ٺاهي سندن جسم پروڻ ڪري کين شهيد ڪيو وڃي ٿو، نوجوان نينگرين جون لڄون لُٽيون وڃن ٿيون، هزارين ونيون بيوهه ۽ ٻارڙا يتيم ڪيا وڃن ٿا، پوڙهن هڏن کان پڇاڙيءَ جا سهارا کسي سندن ڪلهن تي ڳڀرن جا لاش ڍورايا وڃن ٿا.سندن گهر ساڙي رک جا ڍير بڻايا وڃن ٿا ، هندو انتهاپسندن، هندوستاني فوج، پوليس ۽ ڳجهن ادارن جون ظالماڻيون ۽ انسانيت کي لڄائيندڙ ڪارروايون اڄ به ڪشمير ۾ جاري آهن، اڄ به ڪشميري عوام ظلم جي چڪيءَ ۾ پيڙهجندو آزادي جي آس ۾ اٻاڻڪين اکين سان وجهائي رهيو آهي ته ڪڏهن هي ظلم جا ڪوٽ ڪري پٽ پئجي ويندا، ڪڏهن ڪشميري آزاد فضائن ۾ سک سندو ساهه کڻي کلندا کيڪاريندا ۽ عيدون ملهائيندا؟
هڪ رپورٽ موجب گذريل ڪجهه سالن دوران چاليهه هزارن کان مٿي ڪشميري شهيد ڪيا ويا آهن جن مٿان هندوستاني سرڪار دهشتگرد هجڻ جو الزام مڙهي کين سزا ڏيڻ جو اعتراف ڪري چڪي آهي، جڏهن ته خاموشيءَ سان ماري ڦٽي ڪيلن جو تعداد اڻ ڳڻيو ۽ الڳ آهي. آزاديءَ جي متوالن ڪشميرين تي دهشتگرد هجڻ جو الزام مڙهيندڙ هندوستان جي کليل دهشتگرد ڪاررواين کي دنيا ڏسي رهي آهي پر سندس هن عالمي دهشتگرديءَ تي اقوام متحده ۽ ٻي عالمي برادري ڇو خاموش آهي؟ ڇا دنيا نٿي سمجهي ته پاڪستاني علائقن ۾ بمباري ۽ فائرنگ عالمي دهشتگردي ناهي ته ٻيو ڀلا ڇاهي؟ ڄمون ڪشمير ۾ گهر ساڙڻ، عورتن جون عزتون لُٽڻ عالمي دهشتگردي ناهي ته ٻيو ڇاهي؟ بيگناهه ڪشميرين کي مارڻ ۽ زخمي ڪرڻ عالمي دهشتگردي ناهي ته ٻيو ڇاهي؟
عالمي برادري ۽ اقوام متحده کي هاڻي اک پٽڻ گهرجي ۽ ڪشميرين جي آواز کي سگهارو بڻائي، هندوستان کي ان ڳالهه تي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪرڻ گهرجي ته هُو ڪشميرين کي پنهنجي آزادي موٽائي ڏئي. عالمي الائي ڇو ڪشمير معاملي تي خاموش آهي پر اسان کي يقين آهي ته هڪ ڏينهن ڪشمير ڪاز تي عمل ٿيندو ڪشميرين کي آزادي ضرور ملندي ڇوته پاڪستان ڪنهن به ريت ڪشميرين کي اڪيلو نه ڇڏيندو، تازو ئي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪشمير مسئلي جي پرامن حل لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهيا آهيون، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي مسئلي جي حساسيت کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، آمريڪي صدر ڪشمير مسئلي تي مثبت اڳڀرائي چاهي ٿو پر ڀارت هٽ ڌرمي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي. ڀارتي آرمي چيف جو ڪشمير جي قبضي بابت بيان غيرمناسب ۽ نازي نظريي کان متاثر آهي. هوڏانهن پاڪستان جي پرڏيهي وزارت به والاريل ڪشمير جو مسئلو اجاڳر ڪرڻ جي لاءِ مضبوط حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جنهن تحت اڄ ڪشميرين سان ايڪتا جو اظهار ڪندي ۽ ڪشمير مسئلي کي اجاڳر ڪرڻ جي لاءِ اليڪٽرونڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا تي مهم جي آغاز سان ضلعي سطح تائين تقريبون رٿيون وينديون.ان ريت ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ڪشمير جو ڪيس پيش ڪيو ويندو، والاريل ڪشمير جي جدوجهد ۽ ان جي متاثرن بابت تصويري نمائشون ٿينديون.اسڪولن ۾ پروگرام ڪيا ويندا، جيئن ڪشميرين جي آواز کي سگهه ملي.
ڪشمير معاملي تي جتي قومي حڪومت پنهنجو موقف بيان ڪري چڪي آهي اتي پاڪ آرمي جو موقف به واضح آهي، تازو پاڪ فوج جو ترجمان چئي چڪو آهي ته والاريل ڪشمير جي صورتحال خطي ۾ امن لاءِ وڏو خطرو بڻجي چڪي آهي، مودي حڪومت نهرو جي نظريي کان منهن موڙي چڪي آهي ۽ نازي نظريي تي قائم آهي، هي اهو ئي نظريو آهي، جنهن گانڌي ۽ گجرات ۾ مسلمانن کي قتل ڪيو، ڀارت ۾ مسلمان ۽ ٻيو اقليتون هندو انتهاپسندي جي سوچ جو شڪار آهن، پاڪستان گذريل 20 سالن ۾ دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪيو، ان دوران ڀارت اسان جو ڌيان هٽائڻ لاءِ اوڀر سرحد تي بنا سبب ڪارروائيون ڪيون. سندس چوڻ آهي ته ڪشميرين کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته اسان جو ساهه انهن سان گڏ هلندو آهي، آخري گولي، آخري سپاهي ۽ آخري پساهن تائين ڪشمير سان گڏ آهيون، اسان انهن سان گڏ بيٺا هئاسين، بيٺا آهيون ۽ بيٺا رهنداسين. ڪشمير اسان جي ساهه جي رڳ آهي ۽ اهو هڪ عالمي تڪرار آهي، بدقسمتي سان عالمي طاقتن ڪشمير مسئلي ۾ دلچسپي نه ڏيکاري، ڪشميرين جي نسل ڪشي جاري آهي، ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته ڪشمير جي جغرافيائي صورتحال کي اهڙي ريت تبديل ڪيو وڃي ته جيئن ڪشميري اتي نه رهي سگهن. پاڪ فوج جي ترجمان واضح ڪيو آهي ته اسان جنگ کان نٿا ڪيٻايون، هندوستان سوچي وٺي.
ڪشمير معاملي تي پاڪستان جي موقف بعد اسان جي پاڙيسري ملڪ ۽ دوست چين جو موقف به هن ريت سامهون آيو آهي، چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ڪشمير مسئلي جو سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جي تحت حل چاهيون ٿا، ڪشمير مسئلي تي چين جي پوزيشن ۾ ڪا به تبديلي ناهي ٿي، ڪشمير مسئلو تاريخ تڪرار آهي جيڪو يو اين چارٽر جي تحت حل ٿيڻ گهرجي.
هاڻي ڏسجي ته عالمي برادري پنهنجو رويو تبديل ڪري ٿي ۽ ڪشمير مسئلي تي هندوستان کي جهڪڻ تي مجبور ڪري ٿي يا نه؟ پر اها ڳالهه واضح آهي ته ڪشميرين جي آزادي وارو حق ڪنهن به ريت نظرانداز ڪرڻ خطي ۾ امن لاءِ نقصانڪار ته آهي ئي سهي پر ساڳئي وقت عالمي برادري کي به متاثر ڪري سگهي ٿو. انلاءِ هر صورت ۾ بهتر اهو آهي ته هڪدم ڪشميرين کي سندن آزاديءَ جو حق ڏنو وڃي.