جيئن چيو ويندو آهي ته چڱائي جي ڪم ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي ائين ملڪ جي مفادن کي نظر ۾ رکندي حڪمران آئي ڏينهن تيل جي اگهن ۾ واڌ رهن ٿا ، ڪڏهن بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو وڃي ٿو ته ڪڏهن ٻين شين مٿان ٽيڪس مڙهي خزاني ۾آيل کوٽ جو پورائو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي هونئن به اسان حڪمرانن جي ڪهڙين چڱائين جو انڪار ڪري ٿا سگهون، آءِ ايم ايف جي چوڻ تي نڙي مٿان نهن رکڻ جو سلسلو وڏي عرصي کان برقرار رکيو پيو وڃي ، دنيا ۾قدرتي آفتون، آزمائشون اينديون رهن ٿيون اهڙين قدرتي آفتن جي ڪري پاڪستان خاص طور سنڌ ويجهڙ ۾ ئي ٻن ٽن مها ٻوڏن جي ڪرب مان گذري آهي جنهن سان صوبي جو سڄو انفرااسٽريڪچر تباهه ٿيو، صوبي جي عوام کي گهڻو ڪجهه ڀوڳڻو پيو، صوبي ۾وسيلن جي ڪا خاص کوٽ نه آهي پر وسيلن جي استعمال جي عام ماڻهو تائين پهچ زيرو پوائنٽ تي هئڻ سبب تڪليفن ئي منهن ڏئي رهيا آهيون، مها ٻوڏن دوران جيڪا عالمي امداد ٿي انهيءَ جي به عوام تائين رسائي ڪيئن ٿي ان کان به هر باشعور طبقو واقف آهي پر انهن تڪليفن مان نڪرڻ لاءِ حڪمرانن پاران قرضن جو به سهارو ورتو ويو، وياج سميت پئسا واپسي جي بنياد تي ورتل قرض باوجود ملڪ جي ڪارونهوار کي پٽڙي تي آڻڻ لاءِ ڪي ٺوس قدم کڻڻ بدران اڃان تائين پاڻڀرا ٿيڻ لاءِ رڳي تجربا ٿي رهيا آهن.
هن وقت ملڪ ۾ جيڪڏهن سڀ کان وڌيڪ ڪو ڪم ٿي رهيو آهي ته اهو تجربن وارو آهي، انهيءَ ڪري خبر ناهي صحيح دڳ تي اچڻ تائين اڃان ڪهڙن ڪهڙن تجربن مان گذرندي ملڪ جي گاڏي کي هلائڻ جا وس ڪيا ويندا، اڃان تائين ته ٿيندڙ تجربن سان ڍڳو پير پيران واري ڪار لڳي پئي آهي اڳتي وڌڻ بدران قرضن جي ڪوٽن ۾ دٻجندا پيا وڃون، غربت جو شڪار ملڪن ۾ ائين به ٿيندو آهي ته ڪي مصيبتون اچي وينديون آهن ته امداد سان گڏ وقتي طور قرضن جو سهارو به وٺڻو پئجي وڃي ٿو پر مستقل انهن قرضن تي ڪڏهن به ڪارونهوار ناهي هلايو ويندو، خبر ناهي پنهنجي ملڪ جي ٻيڙي کي لاڳيتو قرضن سان تارڻ جي ڪوشش ڇو ڪئي پئي وڃي جيڪڏهن قرض ورتو به وڃي ٿو ته ان سان ملڪ کي مسئلن ۽ مونجهارن مان پار ڪرڻ وارو دڳ ڇو نه ملي سگهيو آهي.
هتي ته آءِ ايم ايف کان جيڪا قرض جي مد ۾ ملندڙ رقم اهڙي طريقي سان ملڪي معاملن تي خرچ ڪئي وڃي ٿي جيئن خير جي ڪم بابت چيو وڃي ٿو ته هڪ هٿ سان ڏجي ته ٻئي هٿ کي خبر نه پوي ، دنيا جي تختي تي ٿي سگهي ٿو ٻيا به ملڪ هجن پر منهنجي نظر ۾ پنهنجو ئي ملڪ آهي جيڪو قرض کڻي قرضن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ رڌل آهي جنهن ڪري ايتري حد تائين پهتل آهيون جو قرض وٺڻ لاءِ به دوست ملڪن کي ايلاز منٿون ڪري ضمانت طور سامهون آڻيون ٿا تڏهن اڌار ملي ٿي ايتري حد تائين اسان جو معيار اچي بيٺو آهي جو دوست ملڪ به اعتبار ڪرڻ لاءِ سئو بار سوچين ٿا ، ڏٺو وڃي ته اسان زرعي حساب سان دنيا جي گهڻن ملڪن کان اڳڀرا آهيون، هتي ضرورت جون گهڻيون شيون اسان کي پنهنجي زرخيز زمين پيدا ڪري ڏئي پئي، انهيءَ ڪري زراعت ملڪ جي معيشيت ۾ ڪرنگهي واري هڏي جي حيثيت رکي ٿي جيڪڏهن ڪرنگهي جي هڏي ٽٽي پئي ته انسان جيئرو رهندي به ڪنهن بت مثل ئي هوندو،زرعي ملڪ هئڻ باوجود کاڌ خوراڪ جون ڪيتريون شيون ڳريون رقمون ڀري ٻاهران آڻڻ تي مجبور آهيون، انهيءَ مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته اسان پنهنجي زراعت کي به سياست جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي، هي کيتي جيڪا سر سيتي آهي انهيءَ جي واڌ ويجهه لاءِ جيڪي قدم کنيا پيا وڃن انهن سان ته زراعت جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهو وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي.
هاڻي به حڪمرانن آءِ ايم ايف کي راضي ڪرڻ لاءِ زرعي شعبي تي وڏيڪ ٽيڪس هڻي ورتو اهي، اها وڏي خاصيت آهي حڪمران جي جڏهن به ڪو ڪم ڪندا آهن ته انهيءَ کي ملڪ جي وسيع تر مفادن کي نظر ۾ رکي ڪن ٿا اهو ئي سبب آهي جو زراعت تي دارومدار رکندڙ، هارين ، آبادگارن، زميندارن جي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ سندن مٿان زرعي انڪم ٽيڪس 2025ع ۾ واڌارو ڪيو ويو آهي هي واڌارو ملڪ جي چئني صوبن ۾ ڪيو ويو آهي، ٻين صوبن ۾ پهرين زرعي انڪم ٽيڪس 2025ع جو بل منظور ٿي چڪوهو پر سنڌ اسيمبلي ۾ زرعي انڪم ٽيڪس 2025ع جو بل ڪجهه ڏينهن اڳ منظور ڪيو ويو آهي، هي بل سنڌ اسيمبلي ۾ منظور ڪرڻ دوران سنڌ حڪومت جا نمائندا خود اها ڳالهه ڪري چڪا ته هي اسان مجبوري ۾ منظور ڪري رهيا آهيون ۽ سنڌ سرڪار ايگريڪلچر تي لڳندڙ انڪم ٽيڪس جو ذميوار به ايف بي آر کي قرار ڏئي ڇڏيوآهي.
هن معاملي تي گهڻي حيرت به نٿي ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته هي هاڻي حڪمرانن جي عادت ۾ شامل ٿي ويو آهي پنهنجيون لاچاريون به ظاهر ڪن ٿا ته ٻئي پاسي عوام جي معاشي مشڪلاتن کي وڌائڻ لاءِ آءِ ايم ايف جي فرمائشن کي به پورو ڪرڻ لاءِ سمورا قدم کڻن ٿا جنهن سان ملڪ اند موجود غريب طبقي لاءِ پنهنجن ٻچڙن کي ٻن وقتن جي ماني کارائڻ به محال بڻجي رهي آهي،زرعي انڪم ٽيڪس جو بل ايوان ۾ اڪثريت راءَ سان منظور ڪرايو ويو، پر ايوان ۾ حڪومتي ڌر اها ڳالهه به ڪئي ته ايف بي آر آءِ ايم ايف کي زراعت تي ٽيڪس لڳائڻ جو چيو اسان هن ٽيڪس جي لڳائڻ تي خوش نه آهيون پر وفاق جي چوڻ تي ڪري رهيا آهيون ايف بي آر پنهنجيون ڪوتاهيون لڪائڻ لاءِ سمورو ملبو صوبن جي مٿان اڇلائي رهيو آهي جڏهن ته ايف بي آر کي ڪرپشن جو ڳڙهه به چيو. وڏي افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هڪ اداري کي ڪرپشن جو مهان به چيو وڃي ٿو ۽ انهيءَ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ بدران اها اڪثر وري ملڪ ۾ پهرين کان ئي پيڙهجندڙ طبقي مان پوري ڪئي وڃي ٿي وفاق يا صوبائي حڪومتون جيڪڏهن بيوسي جو اظهار ڪن ٿيون ته پوءَ اهو ظاهر ٿئي ٿو معاملا گهڻو مٿي نڪتل آهن جيڪڏهن ايف بي آر ڪرپشن جو ڳڙهه آهي ته ان جي مرمت ڪير ڪندو ، ڇا هي ادارو وفاق کان به مٿانهون آهي انهيءَ ڪري انهيءَ کان ڪابه حساب ڪتاب جي ڳالهه نه ٿيندي، جيڪڏهن ملڪ ۾اهوئي ونهوار هلندو رهيو ته معاملن ۾ بهتري اچڻ بدران بگاڙ وڌيڪ پيدا ٿيندا، زرعي شعبو جنهن جي بهتري لاءِ ته ڪي به خاص قدم نٿا کنيا وڃن پر انهيءَ تي به ٽيڪسن مٿان ٽيڪس مڙهڻ سان وري مهانگائي جو جيڪو طوفان اٿندو اهو گهڻو ڪجهه لوڙهي ڇڏيندو.
هن وقت به اسان جا هاري، آبادگار، زميندار زرعي حوالي سان ڪيترن ئي پريشانن کي منهن ڏئي رهيا آهن انهن کي ڪابه خاص سبسڊي مليل نه آهي مٿان وري وڌيڪ ٽيڪس مڙهي زرعي شعبي جي ريڙهيون پائي هلڻ واري سلسلي کي به بريڪ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، انهيءَ ڪري هيٺين طبقي کي هر طرح سان نچوڙڻ بدران شاهي خرچن کي ختم ڪيو وڃي ، ملڪ جو عوام ته هميشه ملڪ جي وسيع تر مفادن لاءِ گهاڻي هيٺ پيڙهجي رهيو آهي، جيڪڏهن هن ڪستو کڻڻ واري واٽ کي ڇڏڻو آهي ته هاڻي حڪمران طبقي کي مالي قربانيون ڏيڻيون پونديون، ادارن، وزارتن، مشارتن مان اضافي شين کي سائيڊ تي ڪري نيڪ نيتي سان ڪم ڪيو وڃي ، باقي جيڪڏهن ٽيڪسن مٿان ٽيڪس هڻي عوام کي نپوڙي ملڪ کي قرضن مان نجات ڏيارڻي آهي اهڙا قدم ڪاميابي بدران وڌيڪ ڌٻڻ طرف ڌڪي ڇڏيندا.