آءِ ايم ايف جي ملندڙ هر قسط سان وڌندڙ مهانگائي!

منظور کوسو

آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ 1.32ارب ڊالر جي قسط منظور ڪري ورتي،پئٽرول في لٽر 14.92روپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ في لٽر 15 روپيا واڌ ڪئي وئي۔ آءِ ايم ايف ڪڏهن به اسان جهڙن ملڪن کي بنا شرطن جي قرض نه ڏيندو آهي قرض ڏيڻ کان پهرين قرض وصول ڪرڻ جا طريقا ۽ شرط طئي ڪندو آهي۔جيئن چوڻي آهي ته ”تيل ترن مان نڪرندو آهي“ان ريت هن قرض جي اوڳاڙي به توهان اسان کان ٿيندي آهي۔هاڻي به IMF يارنهن شرط عائد ڪيا ۽ جڏهن انهن تي عمل کان مطمئن ٿيو ته پوءِ ايگزيڪيوٽو بورڊ قسط منظور ڪئي۔حڪمرانن لاءِ ته اها خوشي  جي خبر ٿي سگهي ٿي پر عام ماڻهو لاءِ اها خبر وڌيڪ مهانگائي جو پيغام بڻجي سامهون آئي آهي۔اڳي ئي مهانگائي جي چڪي ۾ پسجندڙ ماڻهن جا هن خبر پگهر ڪڍي ڇڏيا۔ پئٽروليم شين جا اگھ وڌڻ سان هر شيءِ تي مهانگائي پنهنجا پر وڇائي ڇڏيا،آمدني ۾ اضافو نه ٿئي ۽ اگهھ وڌندا وڃن ته هن صورتحال کي ماڻهو ڪيئن منهن ڏئي سگهندا؟وري ظلم اهو ته مهانگائي سان گڏ بيروزگاري به جام هجي ۽ هڪ اهڙو ملڪ جتي نوجوانن جي آدمشماري ڪل آبادي جو 65سيڪڙو هجي يعني جن جي عمر 30 سالن جي اندر هجي،ستم در ستم اهو ته وري اهو نوجوان گهٽ پڙهيل لکيل توڙي اعليٰ  تعليم پرايل گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ بيروزگار به هجي ۽ مهانگائي به ڏينهون ڏينهن وڌندڙ ته اتي جيئڻ ڪنهن ڪمال کان گهٽ ناهي۔نوجوان ڪنهن ملڪ جو قيمتي اثاثو هوندا آهن پر اسان انهن کي قومي ترقيءَ لاءِ استعمال ڪرڻ ۽ انهن جي صلاحيتن کان فائدو وٺڻ بدران انهن تي بيروزگاري ۽ مهانگائي جهڙيون بلائون بڇي انهن کي نفسياتي مريض بڻائي رهيا آهيون۔هن عالمي اداري ۾ تقريبن 190 ملڪ شامل آهن جنهن مان پاڪستان به هڪ آهي وطن عزيز 1950۾ آءِ ايم ايف ۾ شامل ٿيو۔آءِ ايم ايف جا مکيه مقصد ته عالمي معيشيت کي مستحڪم ڪرڻ ۽ معاشي مشڪلن جي شڪار ملڪن جي مدد ڪرڻ آهي پر اداري جا اهي مقصد اسان پورا ٿيندي نه ڏٺاسين اٽلندو معاشي مشڪلن جي شڪار ملڪن کي اڃان وڌيڪ مشڪلاتن جو شڪار ٿيندي ڏسون پيا جنهن جو هڪ مثال اسان پاڻ آهيون۔فيلڊ مارشل ايوب خان 16 مارچ 1965 تي هن اداري کان پهريون قرض 37.5ملين ڊالر ورتو ۽ اڄ 61 سال گذرڻ وارا آهن پوءِ به پاڪستان آئي ايم ايف جي ڄار مان نڪري ڪين سگهيو ۽ هاڻي خيرن سان اسان 25 کان وڌيڪ قسطون حاصل ڪري چڪا آهيون ۽ ماڻهو بدستور اڳي کان وڌيڪ ڏکيائن جو شڪار آهن انهن قرضن مان ڪو نفعو ته پنهنجي جاءِ تي پر هن ڄار ۾ ڦاٿل ماڻهن لاءِ ڏينهون ڏينهن زندگي تنگ ٿيندي پئي وڃي،حڪومت هر شيءِ تي روز نوان ڳرا ٽئڪس مڙهي ماڻهن جو جيئڻ به زهر ڪري ڇڏيو آهي

تازو پئٽروليم ليوي جو مثال اسانجي سامهون آهي۔بجيٽ به ويجهو آهي ضرور تيارين جي مرحلن ۾ هوندي ۽ آئي ايم ايف به پاڪستان لاءِ 1.32 ارب ڊالر جي قسط منظور ڪري ورتي آهي۔آمريڪا ايران جنگ،اسٽريٽ هرمز جو مسئلو جتي هڪ طرف کان ايران جي بندش ته ٻئي طرف کان آمريڪا جي ناڪابندي پر پاڪستاني جهنڊي سان تيل بردار جهاز انهن حالتن ۾ به نهايت پرامن طريقي سان هن آبي گذرگاه مان بنا روڪ ٽوڪ جي گذري وڃن ٿا،پاڪستان جي هن پرڏيهي پاليسي يا سفارتڪاري کي تعريف جي نظر سان ڏسي سگهجي ٿو ته هو ٻنهي جهيڙيندڙ ڌرين وٽ قابل قبول ۽ معتبر آهي۔هن کان پهريان ٽياڪڙي جو ڪردار افغان جنگ کان ايران تائين جيڪو قطر جو هيو سو هاڻي پاڪستان جو آهي۔پر تنهن هوندي به تيل جا اگھه ڪنٽرول ۾ ڪونه پيا اچن عالمي منڊي ۾ تيل سستو ٿئي يا مهانگو پر ماڻهو مصيبت ۾ آهن۔هر مهيني،هفتي هڪ نئون مني بجيٽ ماڻهن جي مٿي ۾ هنيون وڃي ٿو۔عالمي منڊي ۾ تيل جا وڌندڙ اگھه ڪڏهن آمريڪا ايران جنگ آخر ڪيستائين مختلف بهانن سان ماڻهن تي مهانگائي جا پهاڙ ڪيرايا ويندا۔هاڻي ماڻهو بيزار ٿي چڪا آهن ڏسجي ته اڳتي هلي اها بيزاري ڪهڙو رنگ ٿي اختيار ڪري۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.