ھونئن ته ھر ڏينهن، ھر گهڙي، ھر لمحو، ھر پل، پل پل جو پساھ ماءُ جي نالي منسوب ھجڻ گهرجي. ھن ڏينھن ملھائڻ جو ھڪ تاريخي پسمنظر ڪجهه ھن ريت آھي جڏھن ۱۸۷۶ع ۾ آمريڪا جي ھڪڙي رياست ورجينيا جي ھڪ ڇوڪري ائنا جاروس سان سندس ماءُ ايني ميري پنهنجي خواھش جو اظھار ڪيو ته جيڪر ماءُ جھڙي عظيم ھستيءَ لاءِ ڪو ھڪ ڏينھن مقرر ڪري ملھايو وڃي، ان مخصوص ڏينهن ھن کي پيار، ٻاجھ، عظمت ۽ محبت جي مڃتا ۽ ڀيٽا ڏجي ته ڪيڏو نه سٺو ٿئي ائنا پنھنجي ماءُ جي حياتيءَ ۾ ته اھڙو ڏينھن منظور ڪرائي نه سگھي پر ماءُ جي وفات جي ٻن سالن کان پوءِ ھؤ ان ڏينھن مائرن جي عالمي ڏينھن جي پڌرائي يا منظوري ڪرائڻ لاءِ گھڻي سرگرم ٿي وئي نيٺ ۱۹۱۱ع ۾ تنھن وقت جي آمريڪي صدر اھڙو اعلان ڪيو ته ھر سال مئي جي ٻئي آچر تي مائرن جو عالمي ڏينھن ملھايو ويندو. ماءُ ڪھڙي به ملڪ، مذھب، مسلڪ ۽ خطي جي ھجي، سنسار ۾ وسندڙ ھر ماءُ پنھنجي اولاد کي ساھ سان سانڍي سدائين خوش ڏسڻ چاهيندي آهي، پنهنجي ٻچن لاءِ ھوءَ ساڳين جذبن ۽ احساسن سان سرشار ھوندي آھي. ﷲ پاڪ جي ذات ماءُ کي اھڙو رتبو ۽ اعزاز بخشيو آھي جو سندس پيرن ھيٺان جنت رکي آھي. مختصرن مسيحائي ڪردار رکندڙ ماءُ قدرت جي اھا شاھڪار ۽ ڪمال تخليق ۽ لازوال تحفو آهي، جنھن جو قدر ڪري اسان کي پنهنجا ٻئي جھان سنوارڻ گهرجن.
ماءُ دنيا جي اھا عظيم ۽ معتبر ھستي آهي جيڪا پاڻ کان وڌيڪ پنهنجي اولاد جو خيال رکندي آهي، پنهنجا سک قربان ڪري پنهنجي ٻچن جي روشن آئيندي لاءِ فڪرمند رھندي آھي، انھن جي ھر حال ۾ سار سنڀال لھندي آهي، انھن جي لاءِ ڇپر ڇانوَ ھوندي آھي، جيڪا پاڻ کي بکيو ۽ ڏکيو رکي پنهنجي اولاد جي راحتن جو سامان ميڙڻ کان نه مڙندي آهي. امڙ پنهنجي اولاد لاءِ جيڪي سور ۽ صدما سھي ٿي، مشڪلاتن جي مرحلن مان گذري ٿي، بيشمار تڪليفن کي سھي ٿي، موٽ ۾ تنھن شخصيت جي جيتري به خدمت ڪجي سا گهٽ آهي، ھن جي دردن جو درمان ڪڏهن به نه ٿو بڻجي سگهجي. ماءُ جو رشتو سڀني رشتن کان اتم، اعلي ۽ افضل آهي، جنھن جو صحيح معني ۾ قدر ڪرڻ سان انسان جا بيشڪ ٻئي جھان سنورجي وڃن ٿا.
ھر روپ ۾ نرالي رھندڙ عورت عظمت جو اھڃاڻ آهي پوءِ چاهي ڀيڻ جي روپ ۾ ھجي، گهرواري جي روپ ۾ ھجي، نياڻي جي شڪل ۾ ھجي يا ماءُ جھڙي عظيم رشتي سان منسوب ھجي. ھوءَ ھر تعلق کي نھايت مخلصيءَ سان احسن انداز ۾ نڀائڻ ڄاڻي. عورت کي ﷲ ممتا جھڙو حسين ۽ خوبصورت احساس ارپيو آهي تنھن ڪري ھوءَ ڪائنات ۾ قدرت جو اھڙو انمول تحفو ۽ عظيم ھستي آهي جنھن جو ھر حال ۾ ۽ ھر قيمت تي ڀرپور قدر ٿيڻ کپي. ماءُ بغير ڪنهن لوڀ، لالچ ۽ غرض جي پنهنجي اولاد جي وسيع تر مفاد ۾ قرباني ڏيندي فخر ۽ سرھائي محسوس ڪري ٿي. ھن جو وجود پنهنجي اولاد سان سدائين بي لوث محبت ڪندي نظر اچي ٿو. ھوءَ نٽھڻ اس ۾ پنهنجي اولاد لاءِ ڪنهن گهاٽي وڻ جي ڇانوَ جيان آهي. انھيءَ چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته جيجل جي جهولي جي آغوش ۾ ايندي سنسار جا سڀئي سور، صدما، ڏک ۽ تڪليفون پنهنجو وجود وڃائي ويھن ٿيون.
ماءُ جي گود پنهنجي اولاد لاءِ اھا پھرين درسگاھ ھوندي آھي جتان ھن کي زندگيءَ جا بنيادي ۽ سگهارا اخلاقي سبق ملندا آهن، جتي ٻار جي شاندار ۽ معياري تعليم ۽ تربيت ٿيندي آهي. ماءُ ڪائنات ۾ قدرت جي بيحد خوبصورت، شاھڪار ۽ بيمثل تخليق آهي، توڙي جو ڀلي ھڪ انسان سموري زندگي مٺي ماءُ جو خادم ٿي رهي پر پوءِ به ھو ھن جي نَوَ مھينا ڪک ۾ رھڻ ۽ ھڪ رات جي اوجاڳي جو احسان به ادا نه ٿو ڪري سگهي. ماءُ پنهنجي اولاد جي سکن خاطر ڏکن جا ڏيھه ڏسي ٿي.
ٻار جي زبان تي جيڪو پھريون لفظ اچي ٿو سو ماءُ جو آهي. ماءُ جھڙي مھربان شخصيت پنهنجي اولاد تي سدائين بيحد شفيق ۽ ٻاجهاري ھوندي آهي. ماءُ پنهنجي ارمانن ۽ خواھشن کي پنهنجي اولاد جي ڀلائي ۽ بھتري تي قربان ڪرڻ کي ترجيح ڏيندي آهي. ھوءَ پنهنجي ٻچن جي سکن لاءِ ھر سور ۽ سختي کي سر تي سرھائيءَ سان سھندي آهي ۽ انھن تي ڪوسو واءُ لڳڻ نه ڏيندي آهي.
ممتا جي پنهنجي اولاد لاءِ غير مشروط محبت ۽ ھر قسم جي قرباني انسان کي سگھ بخشي ٿي. ماءُ جو اثر رسوخ اولاد جو مستقبل روشن ڪري ٿو ۽ انسان جي سموري وجود کي شانائتو ۽ مانائتو بڻائي ٿو. ماءُ فرشتي جي روپ ۾ بھترين استاد ۽ گهر جي دل جي ڌڙڪن آهي. هن عظيم مقدس رشتي کي جڳ مشهور شخصيتن، وڏن فلاسفرن، عالمن، اديبن، استادَن ۽ شاعرن مختلف معنائن ۽ وصفن ۾ پيش ڪيو آھي.
پيغمبر اسلام نبي ڪريم فرمايو آھي ته جيڪڏھن توھان پنھنجي امڙ جي پوري زندگي خدمت ڪيو ته به ماءُ جي پيٽ دوران تڪليف جي ھڪ ڪلاڪ جي به برابر نٿا ٿي سگهن.