عورتن جي حقن جي جدوجهد جي تاريخ ۽ ڪراچي عورت مارچ

محمد احسان لغاري

اڄ 10 مئي 2026ع تي ڪراچي ۾ امڙن جي عالمي ڏينھن تي عورت مارچ منعقد ٿي رهيو آهي۔ ان مارچ  کي ھڪ احتجاجي ريلي کان گھڻو اڳتي ڏسبو ته اهو دراصل هڪ گهري تاريخي، سماجي ۽ سياسي عمل جو حصو نظر ايندو، جيڪو عورتن جي حقن، برابري، انصاف ۽ مڪمل شهريت جي سوالن سان سلھاڙيل آهي. ڪراچي ڏکڻ جي ضلعي انتظاميا عورت مارچ لاءِ 28 شرطن تي ٻڌل اجازت نامو جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ نعريبازي، پلي ڪارڊن، تقريرن، لباس ۽ مارچ جي مواد بابت مختلف پابنديون شامل آهن. انهن شرطن پاڻ ئي هڪ اهم سوال کي سامهون آندو آهي: ڇا پاڪستاني سماج عورتن جي سياسي اظهار ۽ شهري حقن کي هڪ آئيني طور ڏنل حقن مطابق ۽  جمهوري عمل طور قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهي؟

عورتن جي حقن جي جديد تاريخ کي سمجهڻ لاءِ اهو پرکڻ ضروري آهي ته عورتن جي برابريءَ جو سوال رڳو عورتن جي مسئلن تائين محدود نه رهيو آهي، پر اهو انصاف، مڪمل شهري ھجڻ، قانوني برابري ۽ انساني وقار جي وسيع بحث سان جڙيل رهيو آهي. ارڙهين ۽ اوڻيهين صديءَ ۾ يورپ ۽ آمريڪا ۾ جديد سياسي فڪر، جمهوريت ۽ انساني حقن بابت بحثن اڳڀرائي ڪئي، پر انهن بحثن ۾ عورت عملي طور شامل نه هئي. عورتن وٽ ووٽ جو حق نه هو، جائيداد تي مڪمل اختيار نه هو، تعليم تائين گھٽ پھچ هئي، ۽ گهڻن ملڪن ۾ شاديءَ کان پوءِ عورت جي قانوني سڃاڻپ به مڙس سان ڳنڍيل سمجهي ويندي هئي. اهڙي صورتحال ۾ عورتن جي حقن بابت پهريون جديد فڪري ۽ سياسي سوال اڀريو: جيڪڏهن آزادي، برابري ۽ شهريت عالمي انساني قدر آهن، ته پوءِ عورت انهن کان ٻاهر ڇو آهي؟

انهيءَ سوال مان ئي عورتن جي جديد سياسي تحريڪ پيدا ٿي. اوڻيهين صديءَ جي آخر ۽ ويهين صديءَ جي شروعات ۾ يورپ ۽ آمريڪا ۾ سرفيج موومينٽ/ عورتن جي ووٽ جي حق لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي. صنعتي انقلاب دوران عورتن جي محنت ۽ پيداواري مزدوري ڪارخانن، اسپتالن ۽ شهري معيشت لاءِ ضروري بڻجي چڪي هئي، پر سياسي نمائندگي اڃا به مردن جي هٿ ۾ هئي. 1908ع ۾ نيويارڪ جي عورت مزدورن جي احتجاجن ۽ بعد ۾ عورتن جي عالمي ڏينھن جي وجودَ اهو واضح ڪيو ته عورتن جي تحريڪ صرف سماجي رحم يا چڱڀلائي جي تحريڪ نه هئي، پر اها معاشي انصاف، سياسي نمائندگي ۽ قانوني برابريءَ جي تحريڪ هئي.

ويهين صديءَ ۾ عورتن جي عالمي تحريڪ وڌيڪ وسيع ٿي وئي. پهرين مرحلي ۾ ووٽ، جائيداد ۽ قانوني سڃاڻپ جا سوال مرڪز ي هئا، جڏهن ته 1960ع ۽ 1970ع جي ڏهاڪن ۾ عورتن جي تحريڪ سماجي ڍانچن، روزگار، تعليم، صحت، پگهارن، گهريلو تشدد ۽ جسماني خودمختياريءَ بابت وڌيڪ منظم بحث کڻي آئي. آمريڪا ۽ يورپ ۾ شھري حقن جي تحريڪ ۽ عورتن جي تحريڪ پاڻ ۾ ڳنڍجي ويون. عورتن اهو سوال اٿاريو ته جيڪڏهن رياست ۽ سماج برابريءَ جا دعويدار آهن، ته پوءِ روزگار، تعليم، عدالتن، بئنڪن ۽ سياسي ادارن ۾ عورتن سان مختلف سلوڪ ڇو ڪيو وڃي ٿو؟ انهيءَ دور ۾ ڪيترن ئي ملڪن ۾ عورتن لاءِ قانوني ۽ معاشي حقن ۾ وڏيون تبديليون آيون، پر ساڳئي وقت شديد ردعمل به پيدا ٿيو. خانداني نظام، روايت ۽ اخلاقيات جي نالي تي عورتن جي برابريءَ جي مخالفت ڪئي وئي. اها صورتحال اسان سوڌو اڄ به دنيا جي ڪيترن ئي سماجن ۾ موجود آهي، جتي عورتن جي حقن جو سوال رڳو قانوني نه، پر طاقت جي ورڇ ۽ سماجي ڪنٽرول سان ڳنڍي ڏٺو وڃي ٿو.

2017ع ۾ آمريڪا ۾ عورت مارچ،  جديد عالمي عورت تحريڪ جي هڪ اهم علامت بڻيو. عورتن سان جنسي ڏاڍائي جي الزمان ۾ آيل  ۽ انھن کي حقير سمجھندر جڏھن آمريڪا جو صدر ٿيو ته عورت مارچ ھڪ احتجاج جي صورت ۾ اڀريو۔  ان مارچ جي اهميت رڳو ان جي وڏي تعداد ۾ نه هئي، پر ان ڳالهه ۾ هئي ته عورتن جي حقن کي جمهوريت، شهري آزادي، نسلي انصاف، ھجرت ڪري ايندڙن جي حقن ۽ سماجي برابريءَ جي وسيع بحث سان ڳنڍيو ويو. انهن جديد لاڙن عورتن جي تحريڪ کي صرف صنفي مسئلن تائين نه سمجھيو، پر ان کي هڪ وڏي انساني حقن جي گھاڙيٽي  ۾ ڏٺو.

پاڪستان ۾ عورتن جي حقن جي جدوجهد به اهڙي ئي گهري تاريخي ۽ سياسي پسمنظر رکي ٿي. ننڊي کنڊ ۾ ھيٺاھين طبقي جون ذاتيون  ۽ مسلمان عورتن جي تعليم بلڪل نه ھئڻ جي برابر ھئي۔ تعليم ۽  سماجي سڌارن بابت بحث اوڻيهين صديءَ جي آخر ۾ شروع ٿيو ۽ ڪئي اھم عورتن ۽ مردن عورت جي بھتر سماجي حالت لاءِ ڪم ڪيو۔

پاڪستان ۾ عورتن جي حقن جي جديد سياسي تحريڪ جو سڀ کان خطرناڪ  وقت جنرل ضياءُ جو دور هو. رياست عورتن جي قانوني ۽ سماجي حيثيت کي محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. حدود آرڊيننس، چادر ۽ چارديواري جي سياسي ٻولي، ۽ عورتن جي عوامي موجودگيءَ تي سماجي دٻاءُ دراصل عورتن جي شهريت کي پوئتي ڌڪڻ جا طريقا هئا. عورتن جي سماجي ۽ سياسي جاڳرتا لاءِ ترقي پسند پارٽين ۽ انھن جي عورتن جي ڌارا شاندار ڪم ڪيا پر انھن جو محرڪ جمھوريت جي بحالي ھو ۔ انهيءَ پسمنظر ۾ ٻين عورتن جي تنظيمي ڍانچن سان گڏ وومين ايڪشن فورم  وجود ۾ آيو، جنهن پاڪستاني عورت تحريڪ کي هڪ واضح سياسي رخ ڏنو.

1983ع ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ ڏانهن عورتن جو مارچ پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ اھم استعارو آھي ، ڇاڪاڻ ته اهو صرف عورتن جي قانوني حقن بابت احتجاج نه هو، پر رياستي جبر، ناانصافي ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ  مزاحمت هئي.

1990ع ۽ 2000ع جي ڏهاڪن ۾ پاڪستاني عورت تحريڪ وڌيڪ گهڻ رخي ٿي وئي. گهريلو تشدد، غيرت جي نالي تي قتل، تيزاب سان حملا، جبري شاديون، تعليم تائين رسائي، ڪم جي جڳهن تي هراسان ڪرڻ ۽ سياسي نمائندگي جهڙا سوال قومي سطح تي بحث هيٺ آيا. عورتن جي حقن بابت قانوني سڌارن لاءِ مهمون هلڻ لڳيون، جڏهن ته انساني حقن جون تنظيمون ۽ عورت ڪارڪن وڌيڪ منظم ٿيون. پر ساڳئي وقت، فيمينزم کي اولهھ جو ايجنڊا قرار ڏيڻ واري ٻولي به وڌيڪ مضبوط ٿي. اها ڳالهه پاڪستاني سماج جي هڪ وڏي تضاد کي ظاهر ڪري ٿي: عورتن جي تعليم، محنت ۽ سماجي ڪردار کي قبول ڪيو وڃي ٿو، پر جڏهن عورت پنهنجي حقن، آزادي ۽ برابريءَ بابت سياسي زبان استعمال ڪري ٿي، تڏهن ان کي خطري طور پيش ڪيو وڃي ٿو. اھو آواز پدرشاھي جو کٽيو کائيندڙ حڪمرانن ۽ اشرافيا جو آھي۔

2018ع کان پوءِ عورت مارچ انهيءَ ڊگهي تاريخ کي هڪ نئين شڪل ڏني. عورت مارچ جي اهميت ان ۾ آهي ته عورتن جي حقن بابت بحث وڌيڪ عوامي، وڌيڪ سياسي ۽ وڌيڪ مضبوط ٿي ويو. عورت مارچ عورتن جي روزمره مسئلن جھڙوڪ  معاشي استحصال، گهريلو تشدد، غير محفوظ ڪم ڪرڻ وارو ماحول ۽ حالتن، جنسي طور ھراس ڪرڻ ، صحت، تعليم ۽ قانوني تحفظ  کي هڪ گڏيل سياسي سوال ۾ تبديل ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو عورت مارچ پاڪستان ۾ شهريت ۽ برابريءَ بابت هڪ وڏي بحث جو حصو بڻجي ويو آھي.مارچ لاءِ جاري ڪيل 28 شرطن واري اين او سي به انهيءَ وڏي سماجي ۽ سياسي ڇڪتاڻ کي ظاهر ڪري ٿي. جڏهن رياست احتجاج جي مواد، نعريبازي، لباس ۽ اظهار بابت اخلاقي يا سياسي شرط لاڳو ڪري ٿي، تڏهن اهو سوال وڌيڪ اهم ٿي وڃي ٿو ته پاڪستان ۾ شهري آزاديءَ جون ليڪون ۽ پيٽا ڪير ڪڍندو؟ ڇا عورت کي پنهنجي حقن بابت ڳالهائڻ لاءِ اڳواٽ اخلاقي منظوري وٺڻي پوندي؟ ڇا سياسي احتجاج صرف تڏهن جائز هوندو جڏهن اهو طاقتور سماجي ڍانچن لاءِ ڪو پُڇاڻو ڪندڙ ۽ تڪليف ڏيندڙ نه هجي؟

سنڌ ۾ عورتن جي جدوجهد رڳو شهري وچولي طبقي تائين محدود ناهي. ان ۾  ٻھراڙي جي عورتن، هارين، مزدور طبقن، شاگردياڻين ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن جي شموليت عورتن جي حقن جي سوال کي وڌيڪ وزندار ۽ شموليت وارو بڻائي ٿي. عورت مارچ انهيءَ بنيادي سوال بابت آهي ته پاڪستان ڪهڙي قسم جو سماج بڻجڻ چاهي ٿو. ڇا عورت کي مڪمل شهري طور تسليم ڪيو ويندو؟ ڇا قانون، سماج ۽ رياست عورت کي برابريءَ سان ڏسندا؟ ڇا عورت جي زندگي، جسم، محنت ۽ راءِ تي سندس پنهنجو حق تسليم ڪيو ويندو؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.