ايڇ آءِ وي شعوري مهم ۾ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جو عملي ڪردار!

عبدالوهاب منشي

هو پنهنجي ذات ۾ هڪ منفرد، بي مثال، بهادر ۽ انسانيت جو درد رکندڙ انسان ته هميشه رهيو آهي، پر مون ڪڏهن به ايتري سنجيدگي سان اهو اندازو نه لڳايو هو ته هو سنڌ جي دل حيدرآباد مان ايڇ آءِ وي جهڙي موذي بيماري بابت شعور پيدا ڪرڻ لاءِ عملي ميدان ۾ نڪرندو. بيشڪ اهو عمل پاڻ ۾ حيرت کان گهٽ ناهي. منهنجي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو سان تازن ڏينهن ۾ ملاقات ته ناهي ٿي، پر مان پوري يقين سان لکي رهيو آهيان ته جيڪا شعوري مهم هن ايڇ آءِ وي جهڙي خطرناڪ بيماري خلاف شروع ڪئي آهي، اهڙو ڪم اڄ تائين ڪنهن به سياستدان، سماجي اڳواڻ يا وڏي رضاڪار اداري نه ڪيو آهي.

دنيا ۾ ڪي جنگيون اهڙيون به ٿينديون آهن جيڪي هٿيارن سان نه، پر شعور، آگاهي ۽ انسان دوستي سان وڙهيون وينديون آهن. ايڇ آءِ وي جهڙي جان ليوا بيماري خلاف جنگ به انهن جنگين مان هڪ آهي، جتي خوف، لاعلمي، سماجي تعصب ۽ خاموشي سڀ کان وڏا دشمن بڻجي ويندا آهن. اهڙي نازڪ وقت ۾ جيڪڏهن ڪو نوجوان اڳتي وڌي سماج ۾ شعور جي شمع روشن ڪري ته اهو صرف هڪ فرد نه رهندو آهي، پر هڪ تحريڪ جي صورت اختيار ڪري وٺندو آهي. سنڌ ۾ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ايڇ آءِ وي شعوري مهم ذريعي اهو ئي ڪردار ادا ڪيو آهي. يقيناً سندس اهو قدم تاريخ ۾ هڪ منفرد ۽ يادگار ڪم طور لکيو ويندو.

اسان جو سماج هن وقت خوف جي ڪيفيت ۾ مبتلا آهي. ماڻهو ڊڄي رهيا آهن، شرمندگي محسوس ڪري رهيا آهن ته ٻڌائين به ڪيئن ته هو ايڇ آءِ وي جهڙي بيماري ۾ مبتلا آهن. ٻئي پاسي سنڌ حڪومت جي بي ڌياني ۽ لاپرواهي سبب منشيات جهڙي لعنت تيزي سان وڌي رهي آهي. نوجوان گٽڪو، آئس، هيروئن ۽ شراب جي استعمال سبب آهستي آهستي موت ڏانهن وڌي رهيا آهن، ۽ اتي ايڇ آءِ وي به خاموش موت کان گهٽ ناهي.

اسان جي معاشري ۾ ايڇ آءِ وي جو نالو ٻڌندي ئي ماڻهو خوف، نفرت ۽ بدنامي جي احساس ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا. ڪيترائي ڀيرا مريض کي بيماري کان وڌيڪ سماجي رويا ماري ڇڏين ٿا. انهيءَ ڪري ڪيترائي ماڻهو ٽيسٽ ڪرائڻ، علاج وٺڻ يا حقيقت ظاهر ڪرڻ کان به گهٻرائين ٿا. اهڙي صورتحال ۾ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو پاران عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ، نوجوانن کي شعور ڏيڻ ۽ ايڇ آءِ وي بابت سائنسي ۽ طبي حقيقتن کي عام ڪرڻ هڪ قابلِ تحسين، فلاحي ۽ تاريخي قدم آهي.

سنڌ، خاص طور تي ٻهراڙي وارن علائقن ۾، ايڇ آءِ وي جا وڌندڙ ڪيس هاڻي هڪ سنگين سماجي ۽ طبي مسئلو بڻجي چڪا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ نامور ڊاڪٽر مون کي ٻڌايو ته حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان ۽ ٽنڊو الهيار جي ڪيترن ئي ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا آهن، جن جو نه ته سرڪاري اسپتالن ۾ مناسب علاج ڪيو وڃي ٿو ۽ نه ئي کين ٽيسٽن جون سهولتون مهيا ڪيون وڃن ٿيون. جڏهن ته سول اسپتال حيدرآباد وٽ جديد ليبارٽري هجڻ باوجود غريب عوام کي مفت ايڇ آءِ وي ٽيسٽ جي سهولت فراهم نه ڪئي پئي وڃي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان جي رياستي مشينري، سماجي ادارا ۽ سياسي قيادت هن اهم مسئلي تي اها سنجيدگي نه ڏيکاري سگهي آهي، جيڪا وقت جي اهم ضرورت هئي. اهڙي ماحول ۾ جيڪڏهن ڪو نوجوان ميدان ۾ نڪري انسانيت جي خدمت جو جهنڊو بلند ڪري ته اهو يقيناً اميد جي نئين ڪرڻ بڻجي ويندو آهي.

جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي هيءَ مهم صرف بيماري خلاف نه، پر جهالت، خاموشي ۽ سماجي منافقت خلاف به هڪ جدوجهد آهي. هن اهو ثابت ڪيو آهي ته سياست صرف اقتدار جو نالو ناهي، پر انسانيت جي خدمت، عوامي شعور ۽ سماجي ذميواري جو ٻيو نالو به ٿي سگهي ٿي. منهنجي خيال ۾ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جو موجوده ڪم ڪنهن وڏي حڪومتي عهدي يا منصب کان به گهڻو وڏو آهي.

ياد رکو، تاريخ هميشه انهن ماڻهن کي ياد رکندي آهي، جيڪي ڏکين وقتن ۾ خاموش تماشائي بڻجڻ بدران عملي ڪردار ادا ڪندا آهن. ايڇ آءِ وي شعوري مهم ۾ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪردار به هڪ اهڙي مثبت جدوجهد آهي، جنهن کي مستقبل ۾ سنڌ جي سماجي تاريخ جي اهم باب طور ياد رکيو ويندو.

اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته قلمڪار، اديب، صحافي، وڪيل، استاد، ڊاڪٽر ۽ سماجي تنظيمون پڻ هن مهم جو حصو بڻجن، ته جيئن ايڇ آءِ وي جهڙي حساس مسئلي بابت سماج ۾ شعور پيدا ٿئي، مريضن کي عزت ۽ سهارو ملي، ۽ ايندڙ نسلن کي هڪ محفوظ ۽ باشعور سماج ڏئي سگهجي.

انسانيت جي خدمت ئي اصل سياست، اصل قيادت ۽ اصل عظمت آهي. جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي هن مهم ذريعي اهو ثابت ڪيو آهي ته جيڪڏهن نوجوان قيادت چاهي ته سماج ۾ مثبت تبديلي جي نئين تاريخ رقم ڪري سگهي ٿي. اچو ته اسان سڀ گڏجي اهو عهد ڪريون ته سماج ۾ هن بيماري جي روڪٿام ۽ ايڇ آءِ وي جي مريضن جي مدد لاءِ بنا ڪنهن سياسي فرق جي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جو ساٿ ڏينداسين ۽ سماج ۾ ايڇ آءِ وي جهڙي خطرناڪ بيماري خلاف شعور جي نئين شمع روشن ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.