بڊاڻي/غوثپور (نمائندا) بڊاڻي ۾ جي يو آءِ پاران عوام جلسو منعقد ڪيو ويو جنهن کي مرڪزي اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري، مولانا عبدالله عباسي، مولانا ڌڻي چاچڙ، مولانا جمال الدين اوڳاهي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته حڪومت ۾ ويٺلن کان کان حڪومت نٿي هلي ڪشمور ضلعي ۾ چند ڌاڙيل آھن جيڪي شھرين کي اغوا ڪري ڀنگ وٺن ٿا ۽ شھرين کان پرچي ذريعي ڀتو به وٺن ٿا،هنن چيو ته سڄو ڪم حڪومت جو آھي اسان وٽ فوج موجود آھي انهن ڌاڙيلن خلاف ڪوبه آپريشن ناهي ٿيو جنهن جي ڪري هندو برادري لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آھي مولانا عبدالفغور حيدري وڌيڪ چيو ته منهنجي تڪ ۾ گئس نڪتي آھي جتي مون کي به اچڻ نٿو ڏنو وڃي،بلوچستان ۾ نعرا لڳن پيا ته اسان کي آزادي کپي هاڻ سنڌ ۾ نعرا لڳڻ شروع ٿي ويا آھن،هوڏانهن عبدالغفور حيدري غوثپور جي تاريخي درگاه شاه غوث جيلاني ۾ دستار فضيلت ڪانفرس ۾ خاص مھمان طور شرڪت دوران ڳالھائيندي چيو ته مون ڪيترائي ڀيرا اسيمبلي جو فلور تي حڪمرانن اڳيان ضلعي ڪشمور جي بدامني ۽ حالتن تي ڳالھائي ڌيان ڇڪايو آھي پر ڪوبه نوٽيس نٿو ورتو وڃي،ان مان ظاھر آھي ته پ پ حڪومت ھن مسئلي کي سنجيده وٺڻ لا۽ تيار ناھي ۽ مظلوم عوام کي ڏوھارين جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو ويو آھي۔ تقريب ۾ ضلعي ڪشمور جي مختلف شھرن کان جي يو ش۽ جي ھزارين ڪارڪنن شرڪت ڪئي۔.