واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ريست پنسلوينيا جي شهر فلاڊيلفيا جي اتر اوڀر علائقي ۾ شاپنگ مال ڀرسان هڪ ننڍو جهاز ڪِري تباهه ٿي ويو.
آمريڪي ميڊيا موجب حادثي کانپوءِ جهاز ۾ باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا.
حادثي کانپوءِ امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون ويون ۽ حادثي جو ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ جاچ به شروع ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته خميس ڏينهن به واشنگٽن ۾ هڪ مسافر جهاز هيلي ڪاپٽر سان ٽڪرائجي ويو هو، جنهن ۾ موجود سمورن 67 ماڻهن کي مئل تصور ڪيو ويو آهي، هيل تائين 41 لاشن جا حصا هٿ ڪيا ويا آهن ۽ 28 لاشن جي سڃاڻپ ٿي آهي.
You might also like