پشاور هاءِ ڪورٽ لاءِ 10 ايڊيشنل جج مقرر ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جڊيشل ڪميشن پشاور هاءِ ڪورٽ لاءِ 10 ايڊيشنل ججن جي منظوري ڏئي ڇڏي.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ لاءِ 10 ايڊيشنل ججن جي منظوري ڏني وئي.
ذريعن موجب فرح جمشيد، انعام الله خان، مدثر امير، ثابت الله، اورنگزيب، عبدالفياض، صلاح الدين، صادق علي، طارق آفريدي، اورنگزيب خان کي ايڊيشنل جج لڳائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.
ذريعن موجب اجلاس ۾ 9 ايڊيشنل ججن جي مقرري جي ايجنڊا غور هيٺ هئي پر پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس 10 ججن جو مطالبو ڪيو، جنهن تي چيف جسٽس پاڪستان اتفاق راءِ ڪيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته 10 ايڊيشنل ججن جون مقرريون اڪثريت سان ٿيون آهن، اجلاس ۾ 3 ميمبرن 9 بدران 10 ايڊيشنل جج لڳائڻ تي اعتراض ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.