راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) 9 مئي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس بابت تصويرون ۽ پهچندڙ نقصان جي ڪاٿي جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي.
9 مئي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه ڪئي، جنهن دوران پي ٽي آءِ باني عمران خان کي به عدالتي ڪمري ۾ پيش ڪيو ويو.
ڪيس ۾ وڌيڪ ٻه شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا، جن ۾ ڪانسٽيبل عمران ۽ ايس ڊي او اويس شاهه شامل آهن.
ڪانسٽيبل عمران جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جون تصويرون عدالت ۾ پيش ڪيون، جڏهن ته اويس شاهه طرفان جي ايڇ ڪيو گيٽ تي ڀڃ ڊاهه جي ڪاٿي جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي.
جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي شاهدين تي ٻڌل 13 يو ايس بيز به عدالت ۾ جمع ڪرايون ويون، عدالت چيو ته وڪيل يو ايس بي جون ڪاپيون حاصل ڪري سگهن ٿا.
عدالت واڌو رپورٽس جوابدارن کي نه ڏيڻ تي ايس ايس پي آپريشنز کي طلب ڪري ورتو، واڌو رپورٽس ايف آءِ اي، پيمرا، انٽرنل سيڪيورٽي ۽ پي آءِ ڊي جون آهن.
ايس ايس پي آپريشنز ٻڌڻي تي نه آيو، جنهن تي عدالت پوليس کي ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ واڌو رپورٽس وڪيلن کي ڏيڻ جي هدايت ڪندي بشريٰ بي بي جي 26 نومبر جي 31 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت ۾ 8 فيبروري تائين واڌ ڪري ڇڏي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيس 6 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏيو، جج امجد علي شاهه 8 فيبروري کان اڳ بشريٰ بي بي کي 31 ڪيسن ۾ جاچ ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته 8 فيبروري تي بشريٰ بي بي کي عدالت سامهون پيش ڪيو وڃي.
You might also like