نوجوان جي عشق ۾ ڪراچي پهتل آمريڪي عورت ڪراچي جي ترقي مان ناخوش

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي جي نوجوان جي محبت ۾ مبتلا آمريڪي عورت اونيجا اينڊريو رابنسن به ڪراچي شهر جي حالت تي افسوس  جو اظهار ڪيو، آمريڪي عورت حڪومت کان مطالبو ڪيو ته شهر کي ٻيهر تعمير ڪيو وڃي، روڊ تعمير ڪيا وڃن ۽ نيون بسون هلايون وڃن.سماجي اڳواڻ رمضان ڇيپا سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي آمريڪي عورت اونيجا اينڊريو رابنسن چيو ته هي شهر تمام گندو آهي ۽ هتي جي صورتحال تمام خراب آهي، هو چاهين ٿيون ته شهر جون گهٽيون ۽ عمارتون صاف سٿريون هجن. آمريڪي عورت هڪ ڀيرو ٻيهر رقم جو مطالبو ڪندي چيو ته حڪومت مون کي هڪ لک ڊالر ڏئي، مان 20 هزار ڊالر پنهنجي لاءِ ۽ باقي هن ​​شهر لاءِ گهري رهيو آهيان، هن شهر کي ٻيهر تعمير ڪيو وڃي، هن چيو ته مان پنهنجي پاڪستاني مڙس سان دبئي وڃڻ چاهيان ٿي، پريس ڪانفرنس دوران آمريڪي عورت سماجي اڳواڻ رمضان ڇيپا تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو، آمريڪي عورت رمضان ڇيپا کي مخاطب ٿيندي چيو ته تون چپ ڪر، هي شخص تمام گهڻو ڳالهائيندو آهي.رمضان ڇِيپا چيو ته هن عورت کي ڪراچي گهرائيندڙ نوجوان ۽ سندس خاندان کي چوان ٿو ته هو اڳتي اچن، هن دعويٰ ڪئي.

ته آمريڪي عورت ۽ پاڪستاني نوجوان جو معاملو اسان حل ڪنداسين.رمضان ڇيپا چيو ته عورت جو دماغي توازن ٺيڪ ناهي، هي عورت ڪالهه کان ڪراچي جي روڊن تي گهمي رهي هئي،مون کان اهو برداشت نه ٿيو.

  1. فيض حميد کي موت يا عمر قيد جي سزا ٻڌائي ويندي: فيصل واوڊا

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) اڳوڻي وفاقي وزير سينيٽر فيصل واوڊا انڪشاف ڪيو آهي ته اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل (ر) فيض حميد کي سزا موت يا عمر قيد جي سزا ٿيندي، هن چيو ته مان ملڪ کان ٻاهر وڃي رهيو آهيان جتان سٺي خبر کڻي ايندس،عدالتي فيصلن جو ريورس ٿيڻ تي بحيثيت قوم شرمندگي جهڙي ڳالهه آهي، هن چيو ته مونکي نه گنڊاپور وڏو وزير ۽ نه  ئي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر نظر اچي رهيا آهن، فيصل واوڊا چيو ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ عمران خان کي جيل ۾ رکڻ چاهين ٿا، سينيٽر فيصل واوڊا چيو ته فيض حميد واعده معاف گواهه نه ٿي رهيو آهي، جنرل (ر) فيض حميد جي سزا ۽ ڪورٽ مارشل بند نه ٿيندو، آرمي چيف احتساب جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنرل فيض جي سزا بند نه ٿيندي،هن چيو ته 1010 گاڏين جي خريداري روڪي وئي آهي، سندس چوڻ هو ته چيئرمين ايف بي آر مون سان ڳالهايو آهي، مون کي ايف بي آر آفيسرن پاران ڌمڪيون ڏنيون ويون،فيصل واوڊا چيو ته ايف آءِ اي وڃڻ لاءِ مون تي تمام گهڻو دٻاءُ آهي، مان ڪمزور ماڻهو ناهيان، سمورا ثبوت موجود آهن، جيڪڏهن مون کي ڪجهه ٿيو ته اهو ڪندس ته 7 نسلون ياد رکن.

  1. نوشهروفيروز مان هٿ ڪيل ڪراچي واسڻ ڇوڪريءَ والدين حوالي

ڪراچي (رپورٽر)جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ گلشن اقبال کان اغوا ٿيل ڇوڪريءَ کي عدالت گهروارن سان وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، عدالت ڇوڪريءَ جي پيءُ کي 50لک رپيا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، عدالت چيو ته پناهه شيلٽر هوم انتظاميا تصديق کان پوءِ ڇوڪريءَ گهروارن جي حوالي ڪري، جاچ آفيسر پاران ڇوڪريءَ جي عمرجي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، ميڊيڪل رپورٽ موجب ڇوڪريءَ جي عمر 16سال آهي، ڪيس ۾ جوابدار اظهر گرفتار آهي .پوليس چيو گهروارن پاران چوڪيدار اظهر تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو، پوليس ڪجهه ڏينهن ڇوڪريءَ کي نوشهروفيروز مان بازياب ڪرايو هو.پهرين ڇوڪريءَ گهروارن سان وڃن کان انڪار ڪيو پوءِ ڇوڪريءَ پاران درخواست داخل ڪئي آهي .

  1. عدليه  ۾ پي ٽي آءِ جي سهولتڪاري اڃا به موجود؟

لاهور (معظم فخر) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 9 مئي واقعي جي ڏوهه ۾ سزا کاڌل 10 پي ٽي آءِ ورڪرن جي سزا کي معطل ڪندي کين  25 ،هزار  مچلڪن عيوض  آزاد ڪري ڇڏيو آهي. اهو فيصلو انهن ٻن ججن طرفان آيو آهي جن گذريل ڏينهن چيف جسٽس سان ملاقات ڪئي پاڪستان جو هن وقت جو عدالتي نظام ڪنهن کي به سزا ڏيڻ جي قابل ناهي .اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو به ان تي مهر هڻي رهيو آهي ته جنهن شخص سان عمران خان جو نالو گڏ اچي وڃي هتان جو نظام انصاف ان لاءِ اکيون وڇائي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.