چوٽياريون سانحي ۾ گرفتار جوابدارعدالت ۾ پيش، 5 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي

سانگهڙ/نوابشاهه(نمائندن وٽان)سانگهڙ پوليس چوٽياريون سانحي جي گرفتار 9 جوابدارن کي نوابشاھ جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو ،سانگهڙ پوليس چوٽياريون سانحي جي گرفتار جوابدارن  محمد علي جتوئي، اميد علي جتوئي ، صادق علي جتوئي ، ڳوٺ پنهل سان تعلق رکندڙ اوڀايو راڄڙ، گاجي راڄڙ، شريف راڄڙ، حمزو راڄڙ جڏهن ته ڳوٺ ڊڀري سان تعلق رکندڙ صدام راڄڙ ۽ سومر راڄڙ کي نوابشاهه جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ريمانڊ لاءِ پيش ڪيو، جنهن تي عدالت جوابدارن جو 5 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ ڪري ورتو.

  1. چوٽياريون سانحو، عدالت پاران ايس ايس پي سانگهڙ تي ڪاوڙ جو اظهار

سانگهڙ ( ڊ ر) جوابدارن جي عدالت ۾ پيشي وقت دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج عبدالغفور ڪلهوڙي ايس ايس پي سانگهڙ غلام نبي ڪيريو پاران جي آءِ ٽي ٺاهڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس شوڪاز  نوٽيس جاري ڪيو آهي. نوٽيس ۾ ٽن ڏينهن اندر جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ويو آهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي قانون موجب ڪو به ايس ايس پي رينڪ جو آفيسر جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو قانوني اختيار نٿو رکي. جي آءِ ٽي جو سربراھه گهٽ ۾ گهٽ 18 هين گريڊ جو آفيسر هجڻ گهرجي. جڏنهن ته چوٽياريون سانحي جي حوالي سان ايس ايس پي سانگهڙ جي آءِ ٽي ٽيم جو سربراھه ڊي ايس پي رينڪ جي آفيسر کي مقرر ڪيو آهي. عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايس ايس پي سانگهڙ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو آهي ۽ اهڙو ليٽر سنڌ جي گهرو کاتي ڏانهن پڻ موڪليو ويو آهي.

  1. سانحي ۾ مارجي ويل ٽن ڄڻن جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو هلندڙ

سانگهڙ ( ڊ ر) چوٽياريون واقعي ۾ قتل ٿيندڙن سان تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي. ڪالهه مقتولن جي تڏي تي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ادبي حلقن سان گڏ مختلف برادرين جي معززن پهچي وارثن سان تعزيت ڪري ھمدردي جو اظهار ڪيو. جڏھن ته اڳوڻو صوبائي صلاحڪار ۽  سانگهڙ ضلعي جي چيئرمين سيد رياض شاھه خراساني پڻ تڏي تي پهچي وارثن سان ڏک جو اظھار ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.