ڳڙهي ياسين (رپورٽ :حبيب الله ڪمبوھه) ڊکڻ ڀرسان بڊو ٿاڻي جي حد ڳوٺ سومراڻي وڌيا ٻاهران محمد حسن عرف حسنو لولائي ۽ عثمان لولائي جي پراڻي خوني تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو،ماءُ ۽ ڌيءَ سميت 3 ڄڻا قتل ٿي ويا،مارجي ويلن ۾ 30 ورهين جو رفيق عرف ڪالي لولائي، 32 ورهين جي فهميده زال معشوق لولائي، سندس 3 ورهين جي عليشا ڌيءَ معشوق لولائي گوليون لڳڻ سبب شامل آهن ، حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، مقتولن جي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو، جهيڙي بعد ڌريون مورچا بند ٿي ويون، جهيڙي سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، جڏهن ته ٻئي طرف حد جي پوليس جو چوڻ هو ته لولائي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ خوني تڪرار پاڻ ۾ ھلندڙ هو، پراڻي تڪرار تان ٻنهي ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، نتيجي ۾ 3 ڄڻا قتل ٿيا آهن، لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪرڻ بعد مقتولن جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا آهن، واقعي جي حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪريون پيا، هوڏانهن واقعي جو ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ نوٽيس ورتو، جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو.