جهلم (م ڊ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته پيڪا ايڪٽ تي چيو ڪجهه ويو ۽ جيڪو ڪيو ويو ائين نه ٿيڻ گهرجي ها. جهلم ۾ مقامي مدرسي ۾ آمد تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته صدر سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، مون کي چيو ويو هو ته محسن نقوي جي صحافين سان ملاقات ۾ تجويزون ورتيون وينديون پر وري خبر پئي ته صدر بل تي صحيحون ڪري ڇڏيون. ائين نه ٿيڻ گهرجي ته اسان کي چيو ڪجهه ويو ۽ ڪيو ڪجهه ويو. پيڪا ايڪٽ جو سڌي ريت اثر ملڪي صحافت تي پوي ٿو، ايڪٽ ۾ خدشن ۽ تجويزون کي ڏسي مشاورت ڪئي وڃي. هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته عمران خان آزاد ٿئي پر کيس آزاد ٿيندي ڏسي ناهيان رهيو.
-
پارليامينٽ ضروري سمجهيو ته پيڪا ايڪٽ جي منظوري ڏني: عطا تارڙ
اسلام آباد (م ڊ) عطا تارڙ چيو ته سوشل ميڊيا جي خطرن مان پيدا ٿيل بدامني کي روڪڻ لاءِ اهو قانون ڪارائتو ثابت ٿيندو، پيڪا ايڪٽ ۾ دنيا جي بهترين طريقن کي اختيار ڪيو ويو آهي، صحافتي تنظيمن کي ان قانون جي حمايت ڪرڻ گهرجي، رولز جي تياري ۽ مشاورت تي اسان کي اڳتي وڌڻ گهرجي، هن ايڪٽ ۾ ڪا اهڙي تڪراري شق آهي ته سامهون آڻيو، اسان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون. اسلام آباد ۾ پيڪا ايڪٽ تي ڳالهائيندي هن چيو ته پارليامينٽ جي منظوري کانپوءِ صدر پيڪا ايڪٽ ترميمي بل تي صحيحون ڪيون، پيڪا ايڪٽ قانون جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي. هن چيو ته پارليامينٽ ضروري سمجهندي پيڪا ايڪٽ جي منظوري ڏني، سوشل ميڊيا پروٽيڪشن اٿارٽي ۾ نجي شعبي کان نامزدگيون ورتيون وينديون. اٿارٽي ۾ پريس ڪلب يا صحافتي تنظيمن سان واڳيل صحافين کي شامل ڪيو ويندو.