ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت واپارين لاءِ بزنس فيسيليٽيشن اينڊ ڪورآرڊينيشن ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ورتو. وڏو وزير ڪميٽي جو سربراهه هوندو. وڏي وزير جي صدارت هيٺ صنعتڪارن جي مسئلن بابت اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري کي وڏي وزير هدايت ڏني ته صنعتڪارن ۽ سنڌ حڪومت سان لاڳاپيل آفيسرن تي ٻڌل ڪميٽي ٺاهي وڃي، سندن ايراضي جا معاملا حل ڪيا وڃن. ڪميٽي ۾ چيف سيڪريٽري، آءِ جي پوليس، سيڪريٽري صنعت ۽ روينيو آفيسر شامل هوندا. وڏي وزير چيو ته بلاول ڀٽو زرداري صنعتڪارن جا مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته صنعتي علائقن ۾ گرين بيلٽ کي خوبصورت بڻايو وڃي. حددخلين کي ڪنهن صورت برداشت نه ڪيو ويندو. وڏي وزير هدايت ڪئي ته ڪراچي، ٺٽي، سکر ۽ ٻين شهرن ۾ بزنز فرينڊلي ماحول برقرار رکيو وڃي. روڊن، پاڻي نيڪال ۽ پاڻي مسئلا حل ڪيا وڃن. اجلاس ۾ گهرو وزير، زراعت واري وزير، صنعت واري وزير، آءِ جي پوليس ۽ ٻين شرڪت ڪئي.