ڪراچي( رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي چيو آهي ته سنڌ حڪومت جوهر کاتو ڀتو وٺندو آهي، اها رقم وزيرن کي ملندي آهي.ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي علي خورشيدي چيو ته عوام لياري گينگ وار کي نه وساريو آهي. شناختي ڪارڊ ڏسي ماڻهن کي ماريو ويندو هو. هن چيو ته پيپلز پارٽي ۾ ننڍڙن ترجمانن جو مقابلو آهي. ليڊرشپ ڪنهن به پارٽي جو رول ماڊل هوندي آهي، 22 خاص مددگارن ۽ ترجمانن 100 روپين تي اسان جي قيادت کي نشانو بڻايو، پ پ وٽ چوڻ لاءِ ڪجهه ناهي، تنهن ڪري اسان جي قيادت تي حملو ڪيو.