اسلام آباد/ڪراچي/سکر/حيدرآباد (م ڊ/نمائندن وٽان) پيڪا ترميمي ايڪٽ جي منظوري خلاف صحافتي تنظيمن جي سڏ تي سڄي ملڪ ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويو. جمعي نماز کانپوءِ ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، ڪوئيٽا، سکر، ڪنڌڪوٽ، حيدرآباد، ميرپورخاص، نوابشاهه ۽ جيڪب آباد سميت ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. پي ايف يو جي جي سڏ تي ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪندڙ صحافين پيڪا ترميم ايڪٽ کي ڪارو قانون قرار ڏيندي رد ڪيو. لالا اسد پٺاڻ، مظهر عباس، سردار لياقت، امتياز فاران جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري پريس ڪلب جي در تي ڪارو جهنڊو چاڙهيو ويو. اڳواڻن چيو ته ن ليگ ۽ پ پ آقائن جي حڪم تي پريس جي آزادي تي پابندي هڻي جمهوري نظام کي قيدي بڻائي ڇڏيو جنهن جو کين حساب ڏيڻو پوندو. وفاقي حڪومت جنرل ايوب خان، ضيا ۽ مشرف جي ماضي کي واپس آڻي سياسي مستقبل تباهه ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ صحافين پيڪا ايڪٽ نامنظور جا نعرا هنيا ۽ بل واپسي جي گهر ڪئي. لاهور ۾ به وڏي انگ احتجاج ڪري پريس ڪلب تي ڪارا جهنڊا چاڙهيا. اڳواڻن چيو ته پيڪا ڪارو قانون ۽ حڪومت جو ڪڌو حربو آهي، اهو لاڳو ڪندا ته حڪومتون گهر هليون وينديون، سي پي اين اي، پي بي اي سميت سڀ پريس ڪلب به پيڪا خلاف آهن. جيستائين اهو ختم نه ڪيو ويندو سک سان نه ويهنداسين، اسيمبلين ۾ بائيڪاٽ ٿيندا ۽ احتجاجي مارچ اسلام آباد کان سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ويندو. سکر يونين آف جرنلسٽس سميت ٻين تنظيمن پاران سکر ۾ احتجاج ڪيو ويو. نوشهري فيروز ۾ صحافين ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي مظاهرو ڪيو. جيڪب آباد ۾ وات تي ڪاريون پٽيون ٻڌيون ويون، ڪنڌڪوٽ ۾ به صحافت جي آزادي تي راتاهي جي ڪوشش نامنظور جا نعرا هنيا ويا. سجاول ۾ قلم ڌڻين اسماعيل سرويچ، منظور احمد ميمڻ، ساگر سليم کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو. ملڪ جي ٻين شهرن ۾ پڻ صحافين ڪارو ڏينهن ملهائيندي احتجاج ڪيو.
اسلام آباد (م ڊ) سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته پي ٽي آءِ 23 جنوري تي ئي ڳالهين ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو ۽ پنهنجي ڊيڊلائن جو انتظار به نه ڪيو. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن پهريان ئي طئي ڪري ڇڏيو هو ته ڳالهين کي اڳتي نه وڌائڻو آهي، تنهنڪري هو بنا سبب جي نڪري ويا. عرفان صديقي جو چوڻ هو ته حڪومت طرفان لچڪ ڏيکاري وئي پر پي ٽي آءِ ڳالهين ۾ غلطي سان اچي وئي، ڇو ته انهن وٽ سياسي تجربي جي کوٽ آهي. هاڻي هو پنهنجي اصل اسپيشلائزيشن يعني رستا روڪ، حملا، ڌرڻا ۽ پيٽرول بم آڻڻ تي هلي ويا آهن. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ حملو ڪيو ته رياست پنهنجو دفاع ڪندي. پيڪا قانون بابت ڳالهائيندي عرفان صديقي مڃيو ته حڪومت ان تي جلدي ۾ قانون سازي ڪئي، جنهن سبب اهو تڪراري بڻجي ويو. هن چيو ته قانون ٺاهڻ کان اڳ مشاورت ڪرڻ گهرجي ها، پر پيڪا اهڙو معاملو ناهي، جنهن جي اصلاح نه ٿي ڪري سگهجي.