پيڪا قانون آڻي شهباز سرڪار پنهنجي پير تي ڪهاڙي هنئي

اسلام آباد(طلعت حسين) شهبازسرڪار پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙيون هڻي رهيوآهي. تازوئي هنن پيڪا ايڪٽ کي قانوني شڪل ڏني جنهن تي ملڪ اندر صحافتي تنظيمون سراپا احتجاج بڻيل آهن.پهريون ئي عالمي سطح تي حڪومت جي ساک بهترناهي ،انساني حقن جي معاملن تي پاڪستان جون حالتون ڳنڀير بڻيل آهن.جنهن وقت يورپي يونين جا نمائندا ملڪ اندر موجود آهن توهان اهڙا قانون پاس ڪرائي رهيا آهيو ته توهان جا ٻاهرين دنيا ۾ نمبر گهٽبا ئي ويندا.عمران سرڪار دوران ميڊيا ادارن سان جٺيون ڪندڙ  پي ٽي آئي به هن وقت صحافتي تنظيمن سان بيٺل آهي ڇو جو حڪومت اهڙيون حالتون پيدا ڪري ڇڏيون آهن.ٻئي پاسي ملڪ اندر فيڪ نيوز ۽ جعلي پروپيگنڊا ڪندڙن جو انگ 2 سيڪڙو مس آهي.

جڏهن ته  80 سيڪڙو ملڪ کان ٻاهر آهن جن تي پيڪا لاڳو نه ٿو ٿئي نه وري سرڪار کين واپس آڻي سگهي ٿي.پر هتي جنهن نظام وسيلي عوام تائين خبرون يا تجزيا پهچن ٿا  ان تي توهان اهڙي وڏي قدغن لڳائي ڇڏي آهي،حڪومت اسٽيبلشمنٽ سان ڳٺ جوڙ ڪري جيڪو ڪم ڪري رهي آهي سڀاڻي ان جي ڳچي۾ پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.