سکر ۾ پيپلز هاري ڪميٽي پاران سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف مظاهرو

سکر (رپورٽ:رستم انڍڙ) سکر ۾ پيپلز هاري ڪميٽي پاران سنڌو تي ٺهندڙ ڪئنالن واري منصوبي خلاف ريلي ۽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، پيپلز ھاري ڪاميٽي جي اڳواڻن گدا حسين شاھ، غلام حسين انڍڙ، خادم ملڪ، وقار ڀيو، عامر نوناري، اسد ملڪ جي اڳواڻي ۾ گلاب چوڪ کان نيشنل پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيوته وفاقي حڪومت سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏي سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي سازش ڪري رهي آهي، وفاقي حڪومت اهو منصوبو ختم نه ڪيو ته وفاقي حڪومت سان اتحاد ڪري سخت احتجاج ڪيو ويندو،ماضيءَ ۾ پيپلزپارٽي شهيد بينظير ڀٽو جي اڳواڻي ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف سخت احتجاج ڪيو هو، ۽ هاڻي به منصوبو ختم نه ڪيو ويو ته ڪمون شهيد وٽ وڏو ڌرڻو هنيو ويندو، ھنن وڌيڪ وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻي گھٽ آھي وري وفاق پاران  سنڌو درياءَ تي 6 ڪئنال اڏڻ جي منظوري ڏني وئي آهي جڪا سنڌ  سان سازش ڪري زراعت  تباھ ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي ، جيڪا اسان ڪڏهن برداشت نه ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.